حڪيم محمد يوسف کتري
سينيئر رڪن
موضوع جو مّختصر تعارف
ادا سائين رشيد جي قارئين تي اها وڏي مهرباني چئبي جو هي موضوع فورم ۾ شروع ڪري دانشمندي جو ثبوت ڏنو آهي ۔جيئن ته انسان جو فطري علاج جڙي ٻوٽيون ئي آهي ايستائين جو جانور به پنهنجو علاج جڙي ٻوٽين سان ڪندا رهندا آهن جن جو تفصيل ڪڏهن ڪڏهن ٽي وي تي به ايندو رهندو آهي۔ بحيثيت حڪيم جي آئون اها به دعوا نه ڪندس ته ڪو هر بيماري جو علاج طب ۾ موجود آهي ۔نه ئي وري انهن ماڻهن سان متفق آهيان ته طب پراڻو طريقو آهي هاڻ ان جي ضرورت نه آهي۔بي شڪ انگريزي علاج سان انسان ڪافي بيمارين تي ڪنٽرول ڪري چڪو آهي پر ان سان گڏ ڪيميائي دوائن جي ڪر ي نون مرضن جنم ورتو آهي جيڪو هاڻ باقائدي هڪ شعبو بنجي چڪو آهي جنهن جو نالو آهي ڪيمائي بيماريون ۔ ان ڪري هاڻ يورپ جي سنجيده حلقا به ڪيمائي دوائن کي ترڪ ڪرڻ تي سوچي رهيا آهن ۔منهنجي خيال ۾ ڪافي اهڙا لا علاج مرض آهن جيڪي مقامي جڙ ي ٻوٽين سان ٺيڪ ٿي سگھن ٿا ۔ ان ڪري يورپ ۾ هاڻ هڪ اهڙو حلقو پيدا ٿي چڪو آهي جيڪو ديسي دوائن جا تجربا شايع ڪندا آهن هن وقت اسان جو دوست پروفيسر محمد موسي به اهڙا مشور ماڻهن کي ڏيندو رهندو آهي يوناني طب هڪ باقائده طب آهي ان سان علاج ڪرڻ هڪ الڳ موضوع آهي ۔انهيءَ ڪري ته چين هندستان بنگله ديش ۽ پاڪستان ۾ باقائدي طبيه ڪاليج آهن جيڪي ان قسم جي تعليم ڏين ٿا پر اسان جو فورم تي جيڪو موضوع آهي اهو طب کان ٿورو مختلف آهي۔ان لاءِ قارئين کي اهو عرض آهي ته اسان جو موضوع اجتمائي هوندو جنهن ۾ صحت بابت هر طب جي معلومات هوندي خاص ڪري علاج بابت اهڙي هئڻ کپي جيڪا آساني سان دستياب ٿئي ۽ جنهن جا نقصان به نه هجن ان کان سواءِ احتياتي تدبيرون وغيره به فورم ۾ ضرور موڪليون وڃن جنهن سان قارئين کي جديد معلومات به ملندي رهي۔بهرحال منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته صحت بابت هر معلومات چاهي اها ڪٿي جي به هجي اها قارئين تائين پڄائي وڃي ته جيئن هر ماڻهو ان مان لاڀ حاصل ڪري سگھي