• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گھوڙا گھٽ جو گھارو 20 ڏينھن کانپوءِ ٽوڙي جو ڪم اڃا شروع به نه ٿيو

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڪنڌڪوٽ (ن ڪ ) گھوڙا گھٽ جو گھارو 20 ڏينھن کانپوءِ ٽوڙي جو ڪم اڃا شروع به نه ٿيو، ان سلسلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباھي مچائيندڙٽوڙي بند جو ھڪ ڪلوميٽر کان وڌيڪ گھارو بند ڪرڻ وارو ڪم 4 ڏينھن گذرڻ جي باوجود شروع نه ٿي سگھيو آھي، جڏھن ته ٽوڙي بند جي اصل گھاري واري ھنڌ تي مٽيريل ۽ مشينري پھچائڻ لاءِ ھڪ ھفتي ۾ گھوڙا گھٽ بند ٻڌڻ جي دعويٰ ڪرڻ باوجود 20 ڏينھن کانپوءِ 1800 فوٽ وارو گھوڙا گھٽ بند جو گھارو بند ڪيو ويو، جڏھن ته پراڻي غوثپور لوپ بند ھڪ ھزار فوٽ گھاري مان 7 سئو فوٽ بند ٻڌو ويو آھي، گھوڙا گھٽ وٽان بند ٻڌڻ کان اڳ ۾ ئي پاڻي جو وڪرو بلڪل گھٽ ھجڻ سبب پاڻي بيھجي ويو آھي، جڏھن ته ٽوڙي بند واري مين گھاري، بي ايس فيڊر ۽ انڙ واهه وارن گھارن سميت ڪنھن به مک گھاري کي ٻڌڻ وارو ڪم اڃا تائين شروع نه ڪيو ويو آھي.

ڪاوش
 
Back
Top