ڀاء سڀ کان پهرين ته توهان کي سنڌ سلامت تي ڀلي ڪار هجي اسان طرفان، ادا توهان جيڪو پروگرام شروع ڪيو آهي ان لاء اوهان کي جس هجي، اميد ته ان پروگرام کي اڳتي وڌائي سنڌ سلامت جي دوستن لاء رهنمائي فرمائيندا۔
ادا بيتاب اوهان جا ڪروڙين قرب جو اوهان اهڙو نيڪ ڪم شروع ڪيو آهي۔۔۔ سچ پڇو ته اسان اڃان تائين ايم آفيس جو سهي طريقي سان استعمال نٿا ڪري سگهون۔۔۔ اوهان اهڙو قدم سنڌ سلامت جي دوستن لا ڪارائتو ثابت ٿيندو۔۔۔
مهرباني ادا بيتاب
اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي مون طرفان به ڀليڪار قبول پوي
سنڌ سلامت۔
حق موجود
تمام وڏي مهرباني جو اوهين منهنجي ننڍڙي ڪاوش کي ساراهيو۔۔۔
ائين اوهان جي همت افضائي ٿيندي رهي ته۔۔ انشاءالله مونکان جيترو ٿي سگهيو، اوهان سڄڻ سان علم جا موتي ونڊيندو رهندس۔
حق لطيف
ادا بيتاب توهان جي تمام گهڻي مهرباني جو انتهائي اهم پروگرام جي سکيا ڏيڻ جو ذمو کنيو آهي۔۔۔ هن پروگرام جي اهميت ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو هر دفتر کان وٺي گهر جي ڪمپيوٽرن تائين هي پروگرام هر جاءِ تي استعمال ٿيندو۔۔۔۔ هن پروگرام جي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر اسان جا ڪافي دوست آفيس جي هن پيڪيج ۾ موجود پروگرامن کي بهتر طريقي سان هلائڻ نه ٿا ڄاڻين۔۔۔۔ ان جو سبب سکيا جو نه هجڻ آهي۔۔۔
هي پورو پيڪيج جيترو اهم آهي ڪنهن سائيبر اوطاق يا فورم تي سمجهائڻ ان کان وڌيڪ ڏکيو عمل آهي۔۔۔۔ ادا بيتاب جي ابتدا ڪيل سبقن کي پڙهڻ کان پوءِ سندس سيکارڻ جي انداز حيران ڪري ڇڏيو۔۔۔ سندس سکيا ۾ لفظن جي سادگي سان گڏو گڏ خوبصورتي جو خاص خيال رکيو ويو آهي۔۔۔ ان کانسواءِ ڏکين ڳالهين کي آساني سان سمجهايو ويو آهي۔۔۔ صاف لڳي ٿو ته سندس خوبصورت شخصيت وانگر سندس سکيا پڻ دوستن کي پسند ايندي رهندي۔۔۔
سندس لاءِ اهو چوڻ غلط نه هوندو ته ”هُو آيو ۽ ڇائنجي ويو۔۔“۔۔۔ مهرباني مٺا بيتاب ۔۔۔