جواب: پڳَہَ پاسي ويہُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛ (سر سامونڊي، داستان پهريون)
محترم سُليمان وساڻ ڀا وڏن وڏن سنڌي مصورن، فن خطاطي ۽ مصوري ذريعي شاهه سائين جي سمورن سُرن کي سنڌي ماڻهن سان گڏ پوري دنيا اڳيان نروار ڪيو آهي، گُل محمد کتري کان وٺي بابر ساحر جانوري تائين انهن پنهنجي ڪينواس تي بُرش ۽ رنگن جي مدد سان لطيف سائين جي سُرن کي تصويري شڪل ڏئي پنهنجي سوچ کي لطيف جي سُرن سان هم آهنگ ڪري تحقيقي ۽ پيغام لطيف کي عام ڪري هڪ وڏو ڪارنامون سرانجام ڏنو آهي، پر جيتري قدر مونکي خبر آهي ته اسان جي ڀٽ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سُرن کي جديد دور جي فنِ تصويرجي ايڊوب فوٽو شاپ يا ٻي ڪنهن به تصويري ڪمپيوٽر سافٽ ويئر ذريعي ڪمپيوٽر جي ڄاڻو سنڌي ڀائرن يا ڀيڻن ڪوبه مانائتو تخليقي ڪم ڪونه ڪيو آهي، توهان جي تخليق ڪيل ،لطيف سائين جي سُر سامونڊي سان ٺهڪندڙ تصوير کي ڏسي مونکي ايتري ته خوشي ٿِي آهي جو اندر مان هڪڙي ٿڌي آهه نڪتي ته ڪاش ڪو اهڙو سنڌي ڪمپيوٽر جو ڄاڻو اڳيان اچي جو لطيف سائين جي سُرن سان ٺهڪندڙ تصويرون هٿ ڪري فوٽو شاپ يا ان کان به وڌيڪ ڪنهن خوبصورت تصويري سافٽ ويئر ذريعي شاهه سائين جي سموري رسالي کي پوري دنيا جي سنڌين سامهون آڻي ڪي نوان دڳ لائي۔ لک لائق ادا سليمان۔