چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا دوستو سنڌ سلامت جا ساٿيو، توهان جو جهونو نثار ناز هڪ غزل کڻي آيو آهي ڇند فارميٽ ۾ آهي، غريباڻي تصويري شڪل آهي، توهان جي هر واڌو ڪاٽو راين جو منتظر رهندس۔ ڪافي ڏينهن کان پو شاعري واري غريباڻي پيٽارِي کُلي آهي۔

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    سائين توهان جي گذريل بهترين شاعريءَ جي تحريرن وانگر هي به تمام بهترين شاعري آهي

    ڪنهنجي چادر؟ ڪنهن جو پير؟
    سوچيم ڳالهه هي ڏاڍي دير۔
    مست منجهي پيو، ڪجهه نه سمجهيو،
    سائين نثار جي سر جو خير۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    مست تو هڪڙو محاورو ٻُڌو آهي ته چادر آهر پير ڊگها ڪيا وڃن يا سوڙ آهر پير ڊگهيرجن، اهو خيال ذهن ۾ آيو پر سوچيم ته هن طوفان جيڏي مهانگائي ۾ اهو ممڪن ئي ڪونهي ته چادر آهر پير ڊگها ڪيا وڃن ڪيڏو به ڪوشش ڪري به پو به پير ڊگها ٿي ويندا ۽ چادر ننڍي ٿي پوندي۔ جڏهن اهڙو ماحول جُڙندو ته لازمي ماڻهو پنهنجا هوش سنڀالي ڪونه سگهندو، پو هِي چوريون چڪاريون، بدڪاريون، وڌي وينديون، هرڪو ماڻهو چاهيندو آهي ته چادر به اوتري هُجي جيترا سندس ڊگها پير آهن
    پر مست تون سمجهه نه سمجهه منهنجو ڇا هڪڙو موضع معنا پنهنجو نمبر مون به وڌايو، مست وڄي نه وڄي وٺ رينگٽ کي هون به ماڻهو پاڻ کي لکڻين جا نمبر وڌائڻ وارو چوندا آهن، باقي هي شاعري هڪڙي ٽي درجي واري شاعر جي شاعري آهي مستن کي جلدي سمجهه ۾ ڪانه ايندي، جڏهن ٽي درجي وارو شاعر پنهنجون منزلون طئه ڪري مست واري منزل تي ايندو ته مست به منهنجي شاعري سمجهي ويندو۔ ان هوندي به لک ٿورا جو منهنجي شاعري کي بهترين شاعري چيو ۽ بقول ماڻهن جي ته نمبر وڌايو ، يار اهي نمبر خلقيا ڇو ويا، نمبرن جي تخليق ئي نه ٿي ها ته نمبر وڌن ئي ڪونه ها، جڏهن نمبر هوندا ئي آهن وڌائڻ لاءِ ته پوءِ تون به پنهنجا نمبر وڌائي مان به پنهنجا نمبر وڌائيندس آئي ڳالهه سمجهه ۾ مست يا نه ..........
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    اُجرو چهرو ، اندر ساڙ
    ماڻهو ماڻهو من جو مير

    سڀ ڪجه ته سمايل آهي هنن سٽن ۾ !!! سمجهڻ وارن لاء هڪ اشارو ئي ڪافي هوندو آهي۔ اميد ته پنهنجي لفظن جي ميڙ مان سيراب ڪندا رهندا۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    ادا سليمان وساڻ انتهائي ٿورائتو آهيان جون هن ٽي درجي واري شاعر جي توهان همت افزائي ڪئي۔ لک لائق۔ مست سائين ڄامشورائي ٻُڌين پيو، ادا سليمان جا ويچار۔
    سمجهني والي سمجهه گئي
    جو نا سمجهي وه اناڙي هي !
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    سائين پاڻ‌وٽ ڪيترائي غريب ته اهڙا آهن انهن وٽ ته چادر ئي ڪونهي، بس روڊ ڪناري ڪٿي فوٽ پاٿ تي مٿي جي هيٺان پٿر جو ٽڪرو ڏئي سمهي پوون ٿا۔ انهن جي لاءِ پاڻ ڪهڙو محاورو استعمال ڪنداسين۔
    سائين نمبرن جي راند ته هرجاءِ‌هوندي آهي۔۔۔ اسڪول ۾‌نمبر، ڪاليج ۾‌نمبر، اسيمبليءَ‌۾ پهچڻ لاءِ‌نمبر، پوزيشن ماڻڻ لاءِ‌نمبر، ڳالهائڻ لاءِ‌نمبر بس هر جاءِ‌نمبر ئي نمبر ۔۔ انهن کان جان ڪيئن ڇڏائجي۔۔ هر جاءِ تي نمبرن جي راند آهي، ڪڏهن بجيٽ‌۾ نمبرن جي راند۔ بس سمجهو ته نمبرن کان سواءِ گذارو ئي نه ٿيندو
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    واه سائين واه

    تمام بهترين شاعري آهي توهان جي

    مان ته توهان جي شاعري جو هون ئي ديوانو رهيو آهيان

    توهان جي شاعري هجي ۽ مان نه پڙهان ايئن ته ٿئي ئي نه ٿو سگهي

    لاجواب شاعري آهي توهان جي سائين

    اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    مست ڀلي انهن غريب ماڻهن وٽ چادر نه هُجي پر ڀائو انهن وٽ پير ته آهن جن وٽ پير هوندا آهن ڀلي اهي فٽ پاٿ تي مٿي جي هيٺان پٿر جو ٽڪرو رکي سمهي پون، صروف چادر کي ڇڏي انهن جي پوري زندگي محاورا ئي محاورا آهن، اهڙي جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي، غريب جي جو هر ڪنهن جي ڀاڄائي، آئو غريب غريب کيلين، غريب کان عزت ڦري وٺو غريب مري ويندو ، امير کان ان جي دولت ڦري وٺو امير مري پوندو، غريبي کي لعنت آهي، جيڪي غريب پٿرن جا وهاڻا ڪري سمهندا آهن انهن لا لطيف سائين به شايد غلطي سان چئي ويو آهي
    جنين ڏاند نه ٻج تنين تنهنجو آسرو
    پهرين ڏين انين کي پو اڀارين سج
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    فقير هر ڪو منهنجو شاعري جو ديوانو آهي الا ڪوته منهنجي شاعري کي ڇڏي منهنجو ديوانو ٿئي۔ ڪوششون جاري آهن، نمبر وڌائڻ‌ واري مشن ۾ ڪجهه ڪچرو اچي ويو آهي بجا نمبر اڳيان وڌڻ جي الٽي ڳڻپ جاري ٿيو وڃي ۽ جڏهن اوندي ڳڻپ جاري ٿيندي آهي ته پو اسان جهڙا ٽي درجي وارا شاعر پنهنجون ڪوششون ڪشمڪش جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ۔ مهرباني جو توهان کي منهنجي شاعري سُٺي لڳندي آهي۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !


    سائين بهترين جواب ڏنو اٿوَ۔۔۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    سائين سنڌ سلامت جا سڀ ميمبر اوهان جا+ اوهان جي شاعريءَ‌جا ديوانا آهن۔۔
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: چادر ننڍڙِي ڊگها پير ، هوش سنڀالي آخر ڪير !

    واه ادا واه زبردست .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو