• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واريءَ جو چشمو۔۔؟ سبحان الله

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو! يوٽيوب تي گهمندي هن وڊيو تي نظر پئي۔۔ عربيءَ کان ٿوروگهڻو ناواقف هجڻ جي ڪري هن وڊيو جي پوري معنى ته مون کي سمجهه ۾ نه آئي پر ڳالهه اها محسوس ٿئي ٿي ته جيئن پاڻي يا تيل زمين مان زور ڏئي اُڀ ڏي نڪرندو آهي اهڙي طرح هي واري جي چشمي وانگر ئي آهي، ڇو ته واري زمين مان ڦاٽ کائي ٻاهر نڪري رهي آهي۔ وڌيڪ سائين رحيم بخش، ادا طاهر سنڌي ۽ ادا نثار ابڙو هن جي عربي مان سنڌي ۾ معلومات ترجمو ڪري منهنجي ڳالهه جي تصحيح ڪري ٻڌايئن ته مهرباني ٿيندي۔۔ هي سعوديه جي ئي ڪنهن علائقي ۾ آهي

http://www.youtube.com/watch?v=VeRBu9vxenE

 
جواب: واريءَ جو چشمو۔۔؟ سبحان الله

هائو ادا مست هي ريتي جو اٿلڻ هو سعودي عرب جي شهر الاحساء مان، اهڙو اٿلڻ هت گهڻي قدر ٿيندو اهي، پر ايترو اٿلڻ اڄ ڏٺم اوهان جي مهرباني سان.
اسان وٽ سنڌ ۾ به ٻهراڙين ۾ توهان ڪڏهن مٽيءَ جو اهڙي نموني گول اٿلڻ نوٽ ڪيو هوندو پر ان جي اٿلڻ جي اسپيڊ ۽ مقدار ۾ فرق هوندو آهي.
 
جواب: واريءَ جو چشمو۔۔؟ سبحان الله

هن ويڊيو جي بيڪ گرائونڊ ۾ ته قرآني تلاوت آهي پر عربڪ عنوان
[font="al_mushaf"]نافورة رمال تنطلق من باطن الأرض في إحدى المناطق بالسعود[/font]ية..
جي ترجمو هي آهي :
سعودي عرب جي ڪنهن علاقي ۾ ريت جي چشمو جيڪو زمين جي تھ مان اٿي رهيو آهي
لاڙڪي سنڌي ۾ هن کي واچ ۽ واچوڙو پڻ چوندا آهن
عام طور وهم پرستن ۾ ڏند ڪٿا مشهور آهي ته هي جنن جو جنازو يا ڄڃ آهي ۔
 
Back
Top