عرقِ نساء جي دوا

'صحت سرير جي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    صاحب ڏيج شفا، ميان مريضن کي

    عرقِ نساء جي دوا

    دوستو هي هڪ اهڙو نسخو آهي جو مون پاڻ آزمايو آهي، هي نسخو طبِ نبوي مان ورتل آهي ۽ سائين شمشير الحيدريءَ مونڏانهن لکي موڪليو هو ...

    هيءَ دوا ريح، وائي ۽ بادي سورن لاءِ انتهائي مفيد آهي ... طب جي زبان ۾ هن بيماريءَ کي ”عرق النساء“ چيو ويندوا آهي ۽ انگريزيءَ ۾ لڳ ڀڳ (Rheumatic Pains) چيو ويندو آهي ...

    هي اهڙو سور آهي جو جسم جي هڪ حصي کان شروع ٿي ٻين عضون ڏانهن به سفر ڪندو رهندو آهي ... مثلن، چيلهه کان شروع ٿيندو ته کاٻي يا ساڄي ڄنگهه ڏانهن هليو ويندو، هي سور ڪڏهن ڪڏهن ايترو شديد هوندو آهي جو مريض گهمڻ ڦرڻ کان واري ويهندو آهي ...

    عربي _ سنڌي _ وزن
    سنا مڪي _ سنا مڪيءَ جا پن _ 50 گرام
    حب الاسود _ ڪلونجي _ 50 گرام
    فلفل اسود _ ڪارا مرچ _ 50 گرام
    حلبا _ ميتهي (ٻج) _ 50 گرام
    زنجبيل _ سنڍ (سڪل) _ 50 گرام
    قرنفل _ لونگ _ 20 گرام
    عسل _ ماکي _ ضرورت آهر

    سڀني مٿين شين جو سنهو سفوف ( ڪپڙي ڇاڻ پائوڊر) ٺاهي، ٿوري ٿوري ماکي ملائي اٽي جيئان ڳوهي چاڻو ٺاهجي ، پوءِ ان مان ننڍڙيون گول گوريون ( چڻي جيتريون) ٺاهي رکجن... ماکي احتياط سام ملائجي، گهڻي ماکي ملي وڃڻ سان گوريون نه ٺهي سگهنديون ...

    صبح نيراني ۽ شام جو سمهڻ مهل سور جي نسبت سان گوريون کائڻ گهرجن ... جي سور شديد هجي ته ٻه ٻه کائجن جي هلڪو هجي ته هڪ هڪ کائجي ...

    جيئن ته هي نسخو گرم مصالحي مان ٺهيل آهي انڪري ... جن مريضن کي گرميءَ واريون بيماريون هجن جهڙوڪ يرقان وغيره ته نه کائن ۽ ٻيو جا عورت پيٽ سان هجي ته هنن گورين کان پرهيز ڪري ...

    باديءَ واريون شيون مثلن گدرو، چڻو، مٽر يا گيس پئدا ڪندڙ کاڌن کان پرهيز ڪجي، پاروٿو کاڌو پڻ بادي ڪري وجهندو آهي ... گيس وارن مشروبن (پيپسي يا سيون اپ وغيره) کان پرهيز ڪجي ۽ وڏي ۽ اهم ڳالهه ته ذهني پريشانين کان جان ڇڏائجي ... ذهني ٿڪاوٽ ۽ پريشانيءَ سان جسم ۾ هوائون ڀرجي وينديون آهن جي اڳتي هلي هوائي سور پئدا ڪري وجهنديون آهن ...

    الله شافي الله ڪافي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين نسخو آهي ادا نثار احمد صاحب توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو .
     
  3. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    صحت سرير جي

    ادا اوهان جو نسخو انتهائي بهتر آهي جيڪو اردو جي اڪثر ڪتابن ۾ موجود آهي
    عرق النساءَ جي حوالي سان عرض ته انگريزي ۾ ان کي شياٽيڪا چيو ويندو آهي اسپيل ياد نه هئڻ ڪري سنڌي ۾ لکيو اٿم باقي اوهان جيڪو نالو لکيو آهي اهو سنڌن جي سور لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۔اوهان جيڪا مرض جي تشريح ڪئي آهي اها صحيح آهي۔ ته هي مرض کاٻي يا ساڄي ٽڻگ ۾ ئي ٿيندو آهي
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين، محترم نثار ابڙي صاحب جو نسخو واقعي اوهان کي پسند آيوهوندو پر ادا ايترو پسند ڪرڻ جي خوشي ۾ اوهان اصل سائين نثار ابڙو جي جاءِ تي سائين نثار احمد ناز لکي ويا آهيو۔۔۔۔

    سائين نثار ابڙو صاحب تمام پيارو نسخو اوهان اسان سڀني سنڌين ساٿين لاءِ موڪليو، مان اوهو واعدو ڪندس ته انهي جي پرنٽ ڪڍي ڳوٺ سنگت ۾ وراهائبو ته جيئين اهڙا انمول نسخا محدود نه هجن۔۔۔ توهان ۽ اسان جي مدد سان ڳوٺن جي سٻاجهڙن ماڻهن تائين به پهچائجن۔۔۔ انهي نسخي سان اگر ڪنهن جي شفا ٿيندي ته اهو اوهان کي به دعائون ڏيندو۔۔۔۔۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين قبلا نثار احمد ابڙو صاحب السلام عليڪم اوهان جي وڏي مهرباني جو ناياب ڏس ڏنو اٿو ڪافي ماڻهن کي اها تڪليف ٿيندي آهي ته ويچارا هلڻ کان ئي معذور ٿي پوندا آهن سائين اوهان تمام بهترين طريقي سان سنڌي عربي نالا دوائن جا لکيا آهن ان طرح وٺڻ ۾ تمام آساني ٿيندي ليڪن هڪ عرض ته منهنجي سمجهه آهر ماکي کي عسل سين سان لکبو وري به اوهان ڪنفرم ڪري وٺجو جيڪڏهن ائين هجي ته درست ڪري ڇڏجو ڇوته سمجهي ته هرڪو ويندو ليڪن اهل علم ڪو ڏسندو ته شايد اوهان جي خطا سمجهي حالانڪه انسان خاطي آهي پر پوء به اصلاح جي ڪوشش ۾ رهڻ بهتر آهي وڏن کي غلطي ڏسڻ به غلطي آهي ليڪن هن عاجز جي نظر خطا تي نه اصلاح تي آهي۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مهرباني دوست، رحيم بخش اوهانجا لک ٿورا ۽ اوهان بلڪل صحيح لکيو آهي ته عصل کي عسل ئي لکبو آهي ... مون نسخي ۾ پڻ درستگي ڪري ڇڏي آهي ...
    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا
    sindhsalamatsaathsal
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين الله پاڪ اسان سڀني کي هر مرض کان محفوظ رکي، الله نه ڪري جو ڪنهن کي هي مرض لڳي، پر جي لڳي ٿو ته توهان جهڙا بهترين مشورا ڏيندڙ گڏ هجن۔۔۔ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو