سنڌ جو آئيندو-سکر بئريج اختصار ۽ ترجمو-عبدالقادر جوڻيجو (برطانوي حڪومت جي حڪم تي اي. اي مسٽو (A.A.Musto) هيءَ رپورٽ 1921ع ۾ ٺاهي. انهيءَ کان ڳچ پوءِ سال 1933ع ۾ اها رپورٽ ڪتابي صورت ۾ ٽائيمز پريس بامبي وارن ڇپائي پڌري ڪئي. جيئن ته اها رپورٽ ڊگهي، تفصيلي ۽ ٿڪائيندڙ آهي، انهيءَ ڪري هتي انهيءَ رپورٽ جو اختصار پيش ڪجي ٿو.) زندگي ۽ موت جو مسئلو: سکر بئريج جي مقصد ۽ دائره ڪار کي سمجهڻ لاءِ اسان کي اتان جي ملڪ، ماڻهن ۽ صدين کان جاري رهندڙ آبپاشيءَ جي ڪمين پيشين کي سمجهڻو پوندو. سنڌ اولهه ۽ اتر طرف کان کير ٿر جبل جي ڊگهي سلسلي، ڏکڻ طرفان سمنڊ ۽ رڻ ڪڇ ۽ اوڀر طرف کان ٿر جي واريءَ ۾ گهيريل آهي، جيڪي سنڌ تي نامهربان آهن، پر سنڌ جي وچ مان وهندڙ سنڌو درياهه سنڌ جو مهربان آهي، تنهن کان علاوه سنڌو درياهه جا ڦاٽ، نارو درياهه، پڃاري ڍنڍ، ڦليلي ڍنڍ ۽ گهاڙ ڍنڍ به موجود آهن، جن کي اڳتي هلي ڪئنالن جو روپ ڏنو ويو. صدين کان وٺي سنڌو درياهه پنهنجين فطري ٻنڌين مان نڪري مٿان آندل لٽاشو اڇلائيندو رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌ جون زمينون پوک جي حساب سان امير آهن. سنڌ جي ڪل ايراضي ذري گهٽ انگلينڊ جيتري آهي. انهيءَ ايراضي (47 هزار چورس ميل) مان اڌ ايراضي ته جبلن، ٽڪرين، ڀورڙ دڙن ۽ واريءَ هيٺان اچي وڃي ٿي، باقي ڏيڍ ڪروڙ ايڪڙ زمين پوک لائق آهي. 1921ع ۾ ڪيل آدمشماريءَ موجب سنڌ جي ڪل آبادي 32 لک 79 هزار 3 سئو 77 آهي، جنهن مان 75 سيڪڙو مسلمان ۽ 25 سيڪڙو هندو آهن. انهيءَ آباديءَ جي 40 سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر ٻني ٻارو آهي، ڳچ حصو مالوند ماڻهن جو آهي ۽ باقي ماڻهو ٻيا ڌنڌا ڪندا آهن. سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو پاڻي آهي، جو سنڌ ۾ سراسري هر سال ساڍا پنج انچ مينهن پوندو آهي. 16-1915ع ۾ گهٽ مينهن پوڻ جي ڪري ڏڪار پيو هو، جڏهن ته 18-1917ع ۾ گهاٽو مينهن پوڻ جي ڪري ٻوڏ آئي هئي. سنڌ جو ماڻهو انهيءَ تلاش ۾ سرگردان رهيو ته پاڻيءَ جي حاصلات لاءِ سنڌو درياهه مان ڪم ڪڍجي. وسڪاري جي مند ۾ جڏهن درياهه 20 فوٽن کان به مٿي چاڙهه کائيندو هو ته ٻوڏ ايندي هئي، باقي سياري ۾ درياهه ماٺو ٿي وهندو هو ۽ بنا گوڙ جي سمنڊ ۾ وڃي ڪرندو هو. مسيسپي درياهه وانگر سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسان موجود زمين لهانديءَ تي آهي، انهيءَ ڪري جڏهن به ٻوڏ ايندي آهي ته ٻنهي پاسان ساٺيڪو ميلن تائين پاڻي ٻوڙ ٻوڙان ڪندو آهي، جيستائين ڪا رڪاوٽ نه اچي. درياهه جو پيٽ اڌ ميل کان وٺي 5 ميلن تائين ويڪرو آهي ۽ درياهه جي ٻنهي ڪپرن تي ڪنڊ وارا ٻيلا آهن. جيڪڏهن ڊگهيءَ نظر کان ڪم وٺبو ته ڪئنال سسٽم ٺاهي سنڌ جي زرخيز زمينن تائين پاڻي پهچائي سگهجي ٿو. خود درياهه جي لهاندي پنجاب ۾ في ميل هڪ فوٽ، جڏهن ته سنڌ ۾ سمنڊ وٽ چئن ميلن ۾ هڪ فوٽ آهي. جيڪڏهن سراسري ٻڌجي ته سڄيءَ سنڌ ۾ اها لهاندي في ميل اڌ فوٽ بڻبي. انهيءَ ڪري ڪئنال کوٽڻ وقت اهو خيال رکڻو پوندو ته ڪئنالن جو رخ ترڇو ڪرڻو پوندو، ائين جيئن ڍرڪيل ٻانهون هونديون آهن. سوين سالن کان وٺي سنڌي جن ڪڙين تي پوک ڪندا اچن، اهي ڪڙيا به ائين ٺهيل آهن. اونهاري جي مند ۾ سنڌي ماڻهو ڪڙين مان سڌي طرح پاڻي کڻي پوک ڪندا هئا، جڏهن ته سياري جي مند ۾ پاڻي گهٽ ٿي ويندو هو ته سنڌي ايرانين وارو طريقو استعمال ڪندي هُلرن ۽ نارن جي ذريعي ڪسين مان پاڻي مٿي ڪڍي پوک ڪندا هئا. جڏهن سکر وٽ درياهه جي پاڻيءَ جي ليول ٻارهن فوٽ يا مٿي هوندي هئي، تڏهن ڪڙين ۾ ڀرتو پاڻي هوندو هو ۽ ڪڙين جي ڪنارن سان پيو لڳندو هو، جيڪو 15 جون کان 15 سيپٽمبر تائين هلندو هو. ڪڙين ۾ هڪڙي ته اها خرابي هئي جو هاري ۽ سندس ڍڳن جي جوڙي صرف چئن مهينن لاءِ ڪم ۾ رڌل هوندا هئا ۽ باقي اٺ مهينا هٿ هٿ تي رکي واندا ويٺا هوندا هئا، ٻيو اهو ته جڏهن درياهه ۾ گهٽ پاڻي ايندو هو ته ڏڪار جهڙي صورتحال بڻجي ويندي هئي. ٿيو اهو ته ڪڙين جي پاڻيءَ جي پهچ تمام گهٽ ايراضيءَ تائين هوندي هئي، چوٿون اهو ته ڪڙين ۾ جيڪو پاڻي ايندو هو، اهو سڄو جو سڄو پاڻي منڍ جا زميندار کڻي ويندا هئا. پنجون اهو ته جڏهن درياهه ۾ بنهين گهڻو پاڻي اچي ويندو هو ته ڪڙيا انهيءَ پاڻيءَ جي دٻ جهلي نه سگهندا هئا ۽ ٻوڏ اچي ويندي هئي. ڇهون اهو ته ڪڙين جو پاڻي ڳچ مقدار ۾ ضايع ٿي ويندو هو. اهي حالتون اهڙيون هيون، جن جي ڪري سڄي سنڌ جي زراعت جوا جي راند بڻجي چڪي هئي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪئنال سسٽم جي رٿابندي ڪئي ويئي. انهيءَ رٿابنديءَ تحت اهو فيصلو ڪيو ويو ته سکر روهڙي جي ٻٽڙين وٽ ٺاهجي، جو اتي سڄيءَ سنڌ کان درياهه مٿانهون به آهي ۽ سوڙهو به آهي. تنهن کان علاوه اهو ويچار به موجود هو ته انهيءَ هنڌان جيڪي ڪئنال ڪڍبا، انهن جي ڊيگهه به وڌيڪ هوندي ۽ ڪئنالن جو وهڪرو به تکو هوندو. انهن ڪئنالن مان جيڪو پاڻي نڪرندو، انهيءَ جي ذريعي وسيع ايراضي تي پوک پوکي سگهبي ۽ جتي اڳي ڪڏهن به پوک ٿي نه سگهندي هئي، اتي به ٿي ويندي. اها به رٿا جوڙي ويئي ته جيڪي اڳ ۾ ڪڙيا هئا، انهن کي به ڪئنالن ۾ تبديل ڪيو ويندو. انهن نون ڪئنالن جي اونهائي ايتري هوندي جو سياري جي مند ۾ لٿل درياهه مان به پاڻي کڻي سگهندا. انهيءَ کان علاوه ڪن ڪئنالن کي نارو درياهه جي وهڪري سان به ڳنڍي سگهبو. ڪئنالن جي انهيءَ رٿا تي عمل ڪرڻ کان پوءِ جا خطرا ته موجود هوندا، پر انهن خطرن کي هاڪاري (Positive) خطرن ۽ نقصانن ۾ تبديل ڪرڻ جي گنجائش موجود هوندي. ائين خطرن کي ٽاري جيڪڏهن ڪئنالن جو نظام ٺاهيو ويندو ته هن ملڪ کي وڏو فائدو رسندو. اها ڳڻ ڳوت ڪري سکر بئراج جي رٿا بامبي سرڪار هٿ ۾ کڻي چڪي آهي. منهنجي خيال ۾ انهيءَ رٿا جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ زراعت چوٽ تي چڙهي ويندي ۽ پوءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو نه رهندو. رٿا جي مختصر تاريخ: 1842ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ 1843ع ۾ گڏيل طور تي ڪئنال ۽ ٻيلو کاتو وجود ۾ آيو. انهيءَ کاتي جي سربراهه ليفٽيننٽ ڪرنل والٽر اسڪاٽ 47-1846ع ۾ سنڌ جي سروي ڪري رپورٽ ٺاهي، جنهن ۾ هن اڳ ۾ ئي موجود ڪڙين جي نظام ۽ نتيجي ۾ ٿيندڙ پوک جو جائزو وٺي، اها راءِ ڏني ته ڪڙين کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو ڄاڻايو ته دنيا جي اڪثر درياهن تي ڊيم ٺاهي ۽ ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪري پوءِ اتان ڪئنال کوٽي زمينن تائين پاڻي پهچايو ويندو آهي. اهڙا ڊيم صرف مٿانهين پٿرائين هنڌ تي ٺاهيا ويندا آهن. سنڌ ۾ صرف سکر ۽ روهڙيءَ جي پٽڙين وٽ اهڙو هنڌ آهي، پر سنڌو درياهه هڪ ڇتو Wild) )درياهه آهي، جنهن تي جيڪڏهن ڪٿي به ڊيم ٺاهيو ويو ته سنڌو درياهه ڪنهن به مٿانهين هنڌ وٽان اٿل کائي پنهنجو رخ بدلائي سگهي ٿو، انهيءَ ڪري سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي بدران اڳ ۾ ئي موجود ڪڙين جي نظام ۾ سڌارا ۽ واڌارا آندا وڃن ته جيئن درياهه پنهنجي اصلي رخ ڏانهن وهندو رهي ۽ ڪا گڙٻڙ نه ڪري. پر ليفٽيننٽ ڪرنل والٽر اسڪاٽ جي موڪليل تجويز جو ڪو کڙ تيل ڪو نه نڪتو، مورڳو 1849ع ۾ اهو کاتو ئي ختم ڪيو ويو. ٻه ٽي سال رکي وري ساڳيو کاتو ڪجهه تبديلين سان وجود ۾ آيو، جنهن جو سربراهه ليفٽيننٽ فائيف کي مقرر ڪيو ويو. 1985ع ۾ فائيف اڳ ۾ ئي ٺهيل رپورٽ جي آڌار تي نئين رپورٽ ٺاهي سنڌ سرڪار اڳيان رکي، جنهن ۾ هن والٽر اسڪاٽ وانگر ڊيم ٺاهڻ جي تجويز کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ رد ڪيو. هن ڊيم کي رد ڪرڻ جو مثال به ڏنو ته جيئن مصر ۾ درياهه جو پيٽ وارياسو هئڻ جي ڪري ڊيم ٺاهي نٿو سگهجي. ائين سنڌو درياهه تي به ڊيم ٺاهڻ خطرناڪ ثابت ٿيندو. انهيءَ کان علاوه فائيف ڪڙين جي پراڻي نظام کي ختم ڪري ڪئنالن جو نئون نظام ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي، 6 عدد نوان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ گذارش ڪئي، جيڪي هن ريت هئا. (1) درياهه جي ساڄي ڪپ تي سکر کان وٺي سيوهڻ تائين هڪ وڏو ڪئنال کوٽيو وڃي، جيڪو انهيءَ پاسي جي زمينن کي آباد ڪري. (2) درياهه جي ساڄي ڪپ تي سکر وٽان هڪ ٻيو ڪئنال کوٽيو وڃي، جيڪو پهرئين ڪوٽڙي ۽ پوءِ جهرڪ ۽ تنهان پوءِ سمنڊ تائين موجود زمينن کي آباد ڪري سگهي. (3) درياهه جي کاٻي ڪپ تي روهڙيءَ وٽان هڪ ويڪرو ۽ ڊگهو ڪئنال کوٽيو وڃي، جيڪو پهرئين سانگهڙ ۽ پوءِ ويندي جهڏي تائين زمينون آباد ڪري سگهي. (4) درياهه جي کاٻي ڪپ تي روهڙيءَ وٽان هڪ ٻيو ڪئنال کوٽيو وڃي، جيڪو حيدرآباد تائين زمينون آباد ڪري سگهي. (5) درياهه جي کاٻي ڪپ تي حيدرآباد وٽان به هڪ ڪئنال کوٽيو وڃي، جيڪو حيدرآباد کان جهرڪ جي سامهون ٻئي ڪپر تائين زمينون آباد ڪري سگهي. (6) درياهه جي کاٻي ڪپ تي جهرڪ جي سامهون هڪ ڪئنال کوٽيو وڃي، جيڪو سمنڊ تائين زمينون آباد ڪري. ليفٽيننٽ فائيف رڳو روهڙيءَ کان حيدرآباد تائين کوٽجندڙ ڪئنال جي خرچ جو ڪاٿو 26 لک رپيا لڳايو، سو به اهڙي ڪئنال جو جيڪو 2200 ڪيوسڪ پاڻي کڻي سگهي. پنهنجيءَ رپورٽ ۾ هن اهو به ڄاڻايو ته پهرئين پهرئين اهو ئي ڪئنال کوٽيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڪئنال ٺهڻ کانپوءِ ئي ڪاميابيءَ جو اندازو لڳائي سگهبو ته سنڌ جي املهه زمين ڪيتري حد تائين اپت ڏيئي سگهي ٿي. اها رٿا بامبي سرڪار فائيف کي واپس موڪلي ڏني ته هو انهيءَ تي نظرثاني ڪري. فائيف انهيءَ رٿا تي نظرثاني ڪري 1859ع ۾ واپس بامبي سرڪار کي موڪلي ڏني. پر اها رٿا 1867ع تائين سردخاني جو شڪار ٿي ويئي. 1868ع ۾ فائيف جي ڪرسي سنڀاليندڙ کاتي جي نئين سربراهه ڪئپٽن لي ميزيو ريئر ساڳئي رٿا مٿي موڪلي ڏني، پر وري به بامبي سرڪار اها اڙِي هنئي ته رٿا تي نظرثاني ڪئي وڃي. 1869ع ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ اهو حڪم جاري ڪيو ته سنڌ جي آبپاشي کي بهتر بنائڻ، ڪڙين جي نظام جي بهتري ۽ روهڙيءَ کان حيدرآباد تائين ڪئنال ڪڍڻ جي سلسلي ۾ کيس آگاهي ڏني وڃي ته بنا ڪنهن دير جي لي ميزيو ريئر اها رٿا ٺاهي ساڳئي سال مٿي موڪلي ڏني، پر سنڌ جي ڪمشنر انهيءَ رٿا تي اختلافي نوٽ هڻي اها رپورٽ مٿي موڪلي ڏني ۽ ائين سڄو قصو رڪجي ويو. 1871ع ۾ انڊيا سرڪار بامبي سرڪار کي حڪم ڏنو ته ڪڙين کي سڌارڻ لاءِ تجويزون موڪليون وڃن. 1872ع ۾ انڊيا جو وائسراءِ لارڊ نارٿ بُروڪ سنڌ جي دوري تي آيو ۽ حڪم ڏنائين ته روهڙي ڪئنال جي ٻئي رٿا کي ختم ڪري رڳو جمڙائو ڪئنال جي رٿا تيار ڪئي وڃي. انهيءَ کانپوءِ پهرئين 1877ع ۾ ئي پوءِ 1880ع ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ وري سنڌ ۾ آبپاشي جي نظام کي درست ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ته ڪنهن به صورت ۾ اهو ڪم ڪيو وڃي. 1881ع ۾ بامبي سرڪار سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي رپورٽ موڪليندي اها گذارش ڪئي ته جيتوڻيڪ درياهه جي ٻنهي پاسن تي موجود اصلي ڪڙين کي ڪئنالن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر انهيءَ کان بهتر اهو ٿيندو ته پهرئين سنڌو درياهه مان روهڙي ڪئنال ۽ اوڀر ناري وٽان جمڙائو ڪئنال جو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي. پر پوءِ به اهو مسئلو 1890ع تائين ٽنگيو رهيو، تان جو ساڳئي سال بامبي سرڪار جي گورنر لارڊ ري ڇا ڪيو جو ليفٽيننٽ فائيف جي ٺاهيل پراڻي رٿا جي حق ۾ نوٽ هڻي کاتي کان پڇاڻو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 1892ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر ايوان جيمس جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي ٺاهي ويئي، جنهن وري اها رپورٽ ڏني ته روهڙي ڪئنال جي ڪا ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ جو اها رٿا مهانگي پوندي، تنهن ڪري جمڙائو ڪئنال کي وڌائي اوڀر نارو جي سسٽم سان گڏي پوءِ هيٺ ڏانهن (ڏکڻ ڏانهن) کوٽائي ڪئي وڃي. انهيءَ ڪميٽي درياهه جي ساڄي ڪپ تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، بامبي سرڪار اها تجويز مڃي، انهيءَ جي حق ۾ نوٽ هڻي انڊيا سرڪار ڏانهن موڪلي ڏني، جيڪا فائيلن جو کاڄ بڻجي ويئي. 1901ع کان 1903ع تائين انڊين اريگيشن ڪميٽي انهيءَ نتيجي تي پهتي ته ليفٽيننٽ فائيف جي رٿا موجب سکر ۽ روهڙيءَ جي پٽڙين وٽ بئريج ٺاهي وڃي ۽ اهي ئي ڪئنال کوٽيا وڃن جيڪي فائيف پنهنجي رپورٽ ۾ لکيا آهن. اها رٿا عمل جوڳي ته آهي، پر تمام ضروري ناهي، تنهن ڪري بئريج ٺاهڻ لاءِ ڪو ٻيو به هنڌ چونڊي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ تحقيقات ڪجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. تحقيقات لاءِ ڊاڪٽر سمرس تي بار رکيو ويو، جيڪو انهيءَ وقت انڊس ليفٽ بئنڪ جو SE هو. ڊاڪٽر سمرس سڄي سنڌ کي هنڌان هنڌان جانچي ڏٺو ۽ 1904ع ۾ اها رپورٽ ڏنائين ته سکر ۽ روهڙيءَ جي پٽڙين وٽ ئي بئريج ٺاهي درياهه جي ٻنهي پاسن کان ڪئنال کوٽي سگهجن ٿا. مارچ 1906ع ۾ گورنمينٽ کيس اها به هدايت ڏني ته حيدرآباد وٽان به درياهه جي کاٻي پاسي کان ڪئنال ڪڍي رهيل زمين به آباد ڪري سگهجي ٿي ۽ 1906ع ۾ ئي بامبي سرڪار ڊاڪٽر سمرس جون تجويزون انڊيا سرڪار جي خدمت ۾ پيش ڪيون، جن ۾ خرچ جو ڪاٿو به لڳايل هو. ڊاڪٽر سمرس جي رپورٽ ۾ چار نڪتا ڏنل هئا، جيڪي هن ريت هئا. (1) سکر وٽ بئريج ٺاهي وڃي، جتان پاڻي وڃي ڪئنالن ۾ پوي. (2) اوڀر نارو جي سسٽم کي به سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪئنالن سان ڳنڍيو وڃي. (3) روهڙيءَ کان حيدرآباد تائين ڪئنال ڪڍيو وڃي. (4) سکر وٽان درياهه جي ساڄي ڪپ تي به ڪئنال ڪڍيو وڃي. ڊسمبر 1906ع ۾ انڊيا سرڪار بامبي سرڪار جي انهيءَ رٿا کي ٿوريءَ ڦير گهير سان منظور ڪيو ۽ جنوري 1907ع ۾ بامبي سرڪار سنڌ جي آبپاشي کاتي کي حڪم جاري ڪيو ته سکر بئريج ۽ روهڙي ڪئنال جي رٿائن تي ڪم شروع ڪيو وڃي. پر فيبروري 1907ع ۾ بامبي سرڪار وري اهو حڪم به جاري ڪيو ته سکر وٽان درياهه جي ساڄي ڪپ تي ڪئنال ڪڍڻ ۽ کاٻي ڪپ تي موجود اوڀر نارو جي سسٽم کي بئريج سان ڳنڍڻ جي سلسلي ۾ خرچ جو ڪاٿو لڳائي موڪليو وڃي. مارچ 1909ع ۾ گورنر سر ڪلئرڪ جي طرفان انڊر سيڪريٽري پبلڪ ورڪس ڊاڪٽر سمرس کي حاڪماڻو خط لکندي حڪم موڪليو ته گورنر صاحب سندس جوڙيل رٿا جي ڪجهه اسمن کي ڇڏي ڪري متاثر ته ٿيو آهي، پر سکر بئريج ٺاهڻ کان اڳ ۾روهڙي ڪئنال جوڙيو وڃي. اهو گورنر صاحب جو حڪم سمجهيو وڃي. انهيءَ حڪم جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر سمرس اها گذارش ڪئي ته هو چئن سالن کان اهو عرض ڪندو پيو اچي ته پهرئين بئريج جوڙي پوءِ اتان درياهه جي ساڄي توڙي کاٻي پاسي ڪئنال کوٽي ڪڍيا وڃن، پر تنهن هوندي به روهڙيءَ کان حيدرآباد تائين ڪئنال پهرئين کوٽيو ويندو، جڏهن ته بئريج تمام ضروري آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. (نوٽ: هن مضمون جو ٻيو حصو سڀاڻي پڙهندا.) ڪاوش جي ٿورن سان