تبديليءَ جون ڳالهيون! ملڪ ۾ ٻوڏ جي خبرن توڙي خود ٻوڏ ۾ ٿڌائيءَ کان پوءِ هڪ ڀيرو وري سياسي خبرون گرم ٿي ويون آهن. رڳو خبرون ئي گرم ناهن ٿيون، پر ڪي سياسي ڪردار به سرگرم ٿي ويا آهن، جن جي سرگرم ٿيڻ کان پوءِ چيو ويندو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي. ڪنگري هائوس جي رونقن کان وٺي مسلم ليگ جي هڪ ٿيڻ وارين ڪوششن تائين جون سرگرميون يا وڏيرن ۽ جاگيردارن جي لٽ مار کي روڪڻ لاءِ جنرلن کي اڳتي اچڻ واريون دعوتون تبديليءَ جو ڪو نتيجو ڏين ٿيون يا نه، پر ايترو ضرور آهي ته انهن سمورين ڳالهين خود حڪومت کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جو وزير اعظم صاحب چئي ٿو ته پارليامينٽ جا ميمبر جمهوريت جي حفاظت ڪندا، صدر صاحب چئي ٿو ته سازشن کي ناڪام بڻائبو، 5 سال پورا ڪنداسين. ٻن چئن ڏينهن کان تبديليءَ جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون هلي رهيون آهن، سي ڳالهيون شروع ته هن حڪومت جي قيام وارن شروعاتي ڏينهن کان ئي آهن، پر ملڪ ۾ ٻوڏ جهڙي وڏي بحران سبب تبديليءَ واري مهم به بحران جو شڪار ٿي وئي هئي. بدقسمتيءَ سان ضياءَ جي دور کان پوءِ جڏهن به ڪي چونڊيل حڪومتون آيون آهن، انهن جي اچڻ جي ٻن اڍائي سالن کان پوءِ انهن جو تبديل ٿيڻ اڻٽر رهيو آهي. چونڊيل حڪومتن جا مدا پورا نه ٿيڻ جو ئي سبب آهي، جو اسان وٽ نه جمهوري قدر پروان چڙهي سگهيا آهن، نه وري مخالف کي برداشت ڪرڻ جو ڪو ڪلچر جڙي سگهيو آهي. اهي ملڪ، جتي جمهوريتون هجن ٿيون، اتي اقتدار ۾ آيل حڪومت جي ڪارڪردگي ڪيتري به خراب هجي، اها ڪوشش ناهي ٿيندي ته ان حڪومت جو وقت کان اڳ خاتمو ٿئي. چونڊن جو عمل ۽ جمهوري حڪومتن جو قيام دراصل هڪ اهڙي ڇاڻي هجي ٿي، جنهن ۾ خرابيون ڇڻنديون رهن ٿيون. جيڪڏهن انهيءَ ڇاڻيءَ کي اسان اڌ ۾ ئي بريڪ هڻندا رهنداسين ته جمهوري حوالي سان ملڪ زيرو تي ئي بيٺل هوندو. اهي خرابيون، جيڪي ٻن اڍائي سالن ۾ ڇڻي وڃن ٿيون، جمهوريت کي اڌ ۾ بريڪ لڳڻ سان ساڳيون ئي خرابيون وري جيئن جو تيئن جيئريون ٿي پونديون آهن. معنيٰ جتان کان سفر شروع ٿيو هو، ملڪ ڦري گهري وري ساڳي هنڌ ئي پهچي ٿو. وري ڪو نئون سيٽ اپ اچي ٿو، جيڪو ضروري ناهي ته چونڊيل ئي هجي، ۽ جيڪڏهن چونڊيل به هجي ٿو ته ضروري ناهي ته اهو سيٽ اپ پنهنجو مدو پورو ڪري. اسان اهڙن تجربن ۾ 63 سال گذاري ڇڏيا آهن، جو جيڪو به اڳواٽ ڪم ڪندڙ سيٽ اپ جي خاتمي جي خواهش رکي ٿو، سو ماڻهن جي سامهون وڏين دعوائن سان اچي ٿو ته موجوده اقتدار ڌڻين ڪجهه ناهي ڪيو، اسان کي موقعو ڏيو ته سڀ ڪجهه ڪري ڏيکارينداسين. پر جيڪي دعوائون ٿين ٿيون، بعد ۾ انهن کي پورو ڪرڻ اوليت تي نٿو رهي، ۽ اهي ڌريون، جن کان اڌ ۾ اقتدار ڇڏايو وڃي ٿو، سي ردِعمل ۾ سرگرم ٿي اقتدار ۾ آيل ڌرين کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. ان پريڪٽس ممڪن آهي ته سياست جي رانديگرن کي ڪجهه ڏنو هجي، پر ان پريڪٽس سان عام ماڻهوءَ کي ڪجهه ناهي مليو، نه وري ان سان مستقبل ۾ عام ماڻهوءَ کي ڪجهه ملي سگهندو. هاڻوڪي حڪومت جي ڪارڪردگي ڇا رهي آهي، ان ماڻهن کي ڇا ڊليور ڪيو آهي، شايد ان تي گهڻي ڳالهائڻ جي ضرورت ان ڪري به ناهي، جو هاڻوڪي ٻوڏ هاڻوڪي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جو آئينو ثابت ٿي آهي. ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ حڪومتي ڪارڪردگيءَ جا سمورا عڪس اسان کي نظر اچن ٿا، پر ڪارڪردگيءَ جو خراب هجڻ جو مقصد اهو نه هجڻ گهرجي ته جيڪو جمهوري عمل آهي، ان کي ڊي ٽريڪ ڪجي. جيستائين ٻي اليڪشن جو مقرر وقت نٿو اچي، تيستائين حڪومت مٿان اها تنقيد ته ٿي سگهي ٿي ته سرڪار پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي، پر شايد اهو مناسب نه هوندو ته ڪا حڪومتي تبديلي آڻجي. اهو ان ڪري، جو هڪ ته چونڊيل حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ خود هڪ آئيني تقاضا آهي، ٻيو ان ڪري جو ٻوڏ سبب ملڪ، جن معاشي ۽ انساني بحاليءَ جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، عدم استحڪام جي صورت ۾ انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ انتهائي مشڪل ٿي پوندو. عدم استحڪام جي صورت ۾ عالمي برادري پاران ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ جيڪا مدد اچڻي آهي، ان ۾ به رخنو پئجي سگهي ٿو، ۽ خود حڪومتي ذريعا به تبديل ٿيل اوليتن تي خرچ ٿيڻ لڳندا. نتيجي ۾ اهي ماڻهو، جيڪي بي گهري ۽ دربدريءَ جي عالم ۾ آهن، تن جي ٽڪو پئسو مدد ٿيڻ جو آسرو به ختم ٿي ويندو. اسان ان نقطي تي بلڪل واضح آهيون ته سرڪار جي خلاف ڪا به غير آئيني چرپر نه ٿيڻ گهرجي، ۽ هن جمهوري عمل کي جاري رهڻ گهرجي، پر ان سان گڏ خود سرڪار کي به اهو چونداسين ته ڪنهن به حڪومت جي بچڻ جو دفاع فقط ۽ فقط ان جي ساک ڪري سگهندي آهي، ۽ ساک سڌي سنئين ڪارڪردگيءَ سان مشروط آهي. ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ علائقا بچائڻ جي حوالي سان حڪومتي ادارن جي ڪارڪردگي اهڙي قطعي به ناهي رهي، جو سرڪار جي سٺي ساک جي ڪا ساک کڻي سگهجي، پر حڪومت پنهنجي پويان جيڪڏهن هڪ سٺي ساک ڇڏڻ چاهي ٿي ته ان کي وري به ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. رليف کان پوءِ ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ واري مرحلي ۾ ساک بچائڻ حڪومت لاءِ هڪ سٺو موقعو آهي، جنهن کي هٿان وڃائڻ قطعي نه گهرجي. ڪاوش ايڊيٽوريل