اچو ته هڪ نئين سنڌ جي تعمير لاءِ پاڻ پتوڙيون! حميرا علواڻي ريسڪيو ۽ رليف جي عمل کانپوءِ رجسٽريشن جو عمل شروع ٿيو آهي. نادرا پاران عيد واري ڏينهن ”وطن ڪارڊ“ ڏنا ويا جن ذريعي 5 هزار روپيا ابتدائي طور تي بينڪن مان حاصل ڪري سگهجن ٿا، باقي 15 هزار روپيا پڻ ڪجهه عرصي کانپوءِ بينڪ مان حاصل ڪري سگهبا، ان کي Compensation يا معاوضي طور تصور ڪيو پيو وڃي. هڪ پاسي ته نادرا پاران رجسٽريشن لاءِ ڪائونٽر کوليا ويندا، ۽ رليف ڪمشنر موجب، جن متاثرن ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ هوندا، اهي ئي ”وطن ڪارڊ“ حاصل ڪري سگهندا. هن وقت ٺٽي ضلعي ۾ 8 لک، 71 هزار ٻوڏ متاثر آهن. ٺٽي ضلعي جا 320 ڳوٺ ۽ 2 وڏا شهر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن. هن وقت ٺٽي ضلعي جا 3 قسمن جا IDPs آهن. 1. جن جو سڀ ڪجهه زمينون، پوکي، گهر، مال مويشي، ڳوٺ راڄ، بنيادي سهولتون (انفرا اسٽرڪچر) سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي، انهن ۾ تعلقي سجاول ۽ تعلقي جاتي جا 4 لک متاثر آهن. 2. جن رڳو ٻوڏ جي ڊپ کان لڏ پلاڻ ڪئي ۽ محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيا، پر انهن علائقن کي الله پنهنجي امان ۾ رکيو ۽ هاڻي اتي جا متاثر رليف ڪئمپن کان گهر وڃڻ چاهين ٿا، جنهن ۾ شاهه بندر، بٺورو، دڙو بلڪه ٺٽي شهر جا رهواسي پڻ شامل آهن. 3. اهي IDPs، جيڪي هڪڙي ضلعي مان ٻئي ضلعي ۾ منتقل ٿيا. تقريبن اڍائي ٽي لک ٺٽي واسي حيدرآباد، ڪراچي، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين منتقل ٿيا آهن. (ٽنڊو محمد خان ۾ موجود ٺٽي جي متاثرين کي رليف ڪيمپون خالي ڪري ڪراچي ڏانهن وڃڻ جو پڻ چيو ويو آهي). هاڻ هڪڙي طرف ته انهن IDPs کي نادرا رجسٽر ڪري وطن ڪارڊ مهيا ڪري، جنهن جو پروسيس پڻ تمام گهڻو سست آهي. هن وقت نه رڳو نادرا کي رجسٽريشن ڪائونٽر وڌائڻ جي ضرورت آهي، پر ساڳئي وقت ٺٽي جي 320 ڳوٺن جي سروي ٿيڻ پڻ ضروري آهي ته جيئن صحيح نقصان جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ته گهڻا گهر ٻڏا آهن، گهڻا مال مويشي، گهڻا اسڪول، گهڻا ڪاليج ۽ اسپتالون، گهڻيون زمينون ۽ ڪيترا بيٺل فصل، فش فارم، ميون جا باغ، انفرا اسٽرڪچر (روڊ رستا، بجلي، گئس) تباهه ٿيا، ته جيئن نئين سر آبادڪاري ۽ تعمير نو لاءِ اندازو لڳائي سگهجي. سڄي ضلعي ٺٽي ۾ رڳو ٻه رجسٽريشن ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن، هاڻي ڪٿي ساڍا اٺ لک متاثر ۽ ڪيڏانهن رڳو ٻه ڪائونٽر! پهرين ڳالهه ته، انهن جو تعداد فوري طور تي وڌايو وڃي، ٻيو ته رڳو خاندان جي سربراهه کي وطن ڪارڊ جو اجراءُ ٿيندو، مطلب ته اگر خاندان 10 يا 14 ڄڻن جو آهي ته هڪ ماڻهوءَ کي رڳو 1000 يا 1500 رپيا ملندا؟ متاثر ته هر ڪو آهي، ڪئمپن ۾ دربدري واري زندگي ته هر ڪو گهاري رهيو آهي، پوءِ رڳو خاندان جو سربراهه ئي فيض ڇو وٺي! ٻي ڳالهه اها ته نادرا پاران 10 سال اڳ ڪارڊ ٺهيو هو، ان جا ٻار ٻچا سڀ وڏا ٿي شادي ۽ ٻارن ٻچن وارا پڻ ٿي ويا هجن، پر اگر نادرا جي رڪارڊ ۾ رڳو خاندان جي سربراهه کي ڪارڊ ڏنو ويندو ته پوءِ ان نموني ته هزارين ٻيا خاندان رجسٽر ٿيڻ کان محروم ٿي ويندا. هڪ پاسي ته ٻوڏ متاثرن ۾ گهٽ ڪائونٽر هجڻ ڪري ڳڻتي ۽ مايوسي وڌي پئي ته ٻئي طرف اڃا تائين رڳو 5000 ماڻهن کي سڄي سنڌ ۾ وطن ڪارڊ مليا آهن، ڇو جو وطن ڪارڊ جاري ڪرڻ جي ابتدا ئي ٺٽي ۽ بدين کان ٿي آهي ۽ هاڻي ڪراچي جي 55 رليف ڪئمپن ۾ پڻ 4 رجسٽريشن ڪائونٽر شروع ٿيا آهن. هن وقت تائين ڪراچي ۾ پڻ ٺٽي، جيڪب آباد، غوثپور، ٺل، شڪارپور ۽ شهداد ڪوٽ جا 4 کان 5 لک متاثر ڪئمپن ۾ موجود آهن، جن جي اڪثريت واپس موٽڻ چاهي ٿي پر پئسا نه هجڻ ڪري اهي بسن ۽ گاڏين جا ڪرايا ڀري نٿا سگهن. ان ڪري پڻ متاثرن کي 20 هزار رپيا فورن ملڻ کپن. سجاول ۽ جاتي شهر سميت مختلف ڳوٺن جا ماڻهو واپس وڃڻ چاهين ٿا. هڪ ته پرائيويٽ ٽرانسپورٽرن ڀاڙا ٻيڻا ٽيڻا ڪري ڇڏيا آهن، ٻيو ته جن علائقن مان تازو ٻوڏ جو پاڻي لٿو آهي، (سجاول ۽ جاتي شهر ۾ اڃا به 2 فوٽ پاڻي بيٺو آهي) اتي جي امن امان جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ان ڪري پڻ شهري ۽ ڳوٺاڻا پريشان آهن ته متان انهن جي گهرن، زمينن تي قبضو نه ٿي ويو هجي! بهترين حڪمت عملي تحت ڳوٺن، شهرن جي نئين سر تعمير پڻ ممڪن ٿي سگهي ٿي. اگر حڪومت پاران ٻه ٻه ڪروڙ روپيا هر ڳوٺ جي تعمير لاءِ ڏنا وڃن، جنهن ۾ 200 گهر هجن ۽ هر گهر جي قيمت 80 هزار روپيا هجي (بينظير بستي وارن گهرن جي قيمت پڻ ساڳي آهي) ته پوءِ 6 ارب 40 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا. صحيح رٿابنديءَ تحت واپس ڪچي جي علائقن ۾ ڳوٺ نه ٺهرائجن، پر پڪي جي علائقن ۾ نئين اڏاوت ڪرائجي. ظاهر آهي ته اگر ٺٽي جي تعمير نو لاءِ 10-ارب رپيا کپن ته پوءِ سنڌ جي ٻين ٻوڏ جي تباهي هيٺ آيل ضلعن لاءِ 80-ارب روپيا کپندا. اهي پئسا ڪٿان اچن؟! بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، جنهن لاءِ وفاقي حڪومت هن سال 70-ارب رپيا رکيا هئا، اهو پروگرام هاڻي بند ڪري پئسا ٻوڏ سٽيل علائقن جي تعمير نو لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا. اهڙي نموني سنڌ حڪومت جي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي طرفان 3-ارب رپيا هن سال بينظير وومين سپورٽ پروگرام لاءِ رکيا آهن، اهڙي نموني 2.5 ارب رپيا يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ رکيل آهن، ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي لاءِ پڻ ايشين بينڪ پاران 5-ارب رپيا رکيل آهن. يونين بيسڊ پاورٽي رڊڪشن پروگرام، جنهن ۾ عورتن کي قرض ڏيڻ جو ارادو هو، ۽ ان لاءِ 11-2010ع جي بجيٽ ۾ 3 ارب رپيا رکيل آهن، ان پروگرام کي بند ڪري سڄو پئسو ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ لڳائي سگهجي ٿو. ان کان علاوه سنڌ حڪومت جو ترقياتي بجيٽ پڻ 115-ارب روپيا آهن، ان مان پڻ اڌ پئسا هلندڙ اسڪيمن کانسواءِ ٻيا ترقياتي پروگرام روڪي ٻيهر تعمير لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا. اڃا ته پرڏيهي امداد پڻ اچڻي آهي، گهٽ ۾ گهٽ 3 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ امداد ملڻي آهي! وفاقي حڪومت پڻ صوبائي حڪومت جي اربين رپين جي مدد ضرور ڪندي. رڳو مسئلو ايمانداري ۽ اهليت جو آهي. آمريڪي حڪومت پاران ڪيري لوگر بل وارا پئسا پڻ رجسٽرڊ لوڪل اين جي اوز کي ڏنا ويندا، جيڪي پڻ اربين رپيا آهن. انهن جو پڻ حڪومت پاران صحيح احتساب ٿيڻ گهرجي. هڪڙو مڪينزم تيار ڪرڻو پوندو، جنهن سامهون بيوروڪريسي، اين جي اوز سميت سڀ جوابده هجن. وفاق اڃا تائين صوبن جي ڪا به مدد نه ڪئي آهي، جڏهن ته فارين فنڊنگ پڻ وفاق وٽ اچي پئي. ضرورت ان ڳالهه جي پڻ آهي ته سروسز تي سيلز ٽيڪس جي سنڌ حڪومت اوڳاڙي شروع ڪري 50-ارب رپيا هن سال ڪمائي سگهي ٿي. سروسز تي سيلز ٽيڪس جو آئيني حق 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن کي ڏنل آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت پاران روينيو ڪليڪشن بورڊ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هاڻ ضرورت رڳو ان بورڊ طرفان اوڳاڙي شروع ڪرڻ جي آهي. رڳو ٽيلي ڪميونيڪيشن (موبائيل ڪمپنين) مان ئي 40-ارب رپيا هڪڙي سال جي ٽيڪسن جي مد ۾ ڪمائي آهي، جيڪا رقم وفاق اوڳاڙي رهيو آهي، اگر اها اوڳاڙي سنڌ پاران شروع ڪئي وڃي، جيڪا پڻ صوبن جو آئيني قانوني حق ۽ 18 هين ترميم جو حصو آهي، ته پوءِ اهي 40 کان 50-ارب رپيا پڻ ٻوڏ متاثر علائقن جي ٻيهر تعمير ۾ خرچ ٿي سگهن ٿا. اچو ته هڪ نئين سنڌ جي تعمير لاءِ پاڻ پتوڙيون! alwani@cyber.net.pk