پٿر شهر ۽ ڳوڙهن جو مينهن! دودو چانڊيو سنڌ ۾ آيل ٻوڏ انساني زندگي تي ڏکن ۽ آزمائشن جا جيڪي پهاڙ ڪيرايا آهن، انهن جو رڳو تصور ٿو ڪريان ته ڏڪڻي وٺي ٿي وڃي. گذريل چئن هفتن کان ڪراچي جي حب چوڪيءَ کان وٺي لڪي سيمينٽ تائين، گهگهر ڦاٽڪ کان وٺي ريڙهي ڳوٺ، بلاول ڪالوني، چڪرا ڳوٺ، سچل، ڀٽائي آباد سميت سوين ڪيمپن جا چڪر ڪاٽڻ دوران انساني بيوسي ۽ مجبوريءَ جا جيڪي مون پنهنجي اکين سان منظر ڏٺا، هڪ هڪ منظر دردناڪ ڪهاڻي ۽ ايڏو سورن ڀريو قصو آهي، جو هڪ هڪ تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو. لطيف سائين چيو آهي ته: حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري، لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري، وڃن وڻ ٻري، اوڀر اڀرين ڪين ڪي! بلاول ڳوٺ جي هڪڙي ڪيمپ تي امدادي سامان پي ورهايوسين، هڪ عورت آئي. ”ادا اسان کي ڪجهه ڏجو، رات کان ماني ناهي کاڌي. او ادا! اسان ڪي بکيا ماڻهو ناهيون، پاڻ ڏيڻ وارا هئاسين، اڄ وٺڻ وارا ٿي ويا آهيون. رات جڏهن ٻارن کي بک تي ننڊ نه پئي اچي، تڏهن ٻارن کي چيم وڃي شهر مان پني اچو ته ڪجهه کائون.“؟ عورت جو ڳلو ڀرجي ٿو اچي، پنڻ وارا لفظ هن انتهائي تڙپ ۽ بيوسي ۾ چيا. مون مٿي تي هٿ رکيس ته مينهن وانگي وسي پئي، الاءِ ڪيتري دير هوءَ روئيندي رهي. اسان راشن ڏئي واپس هليا آياسين، الاءِ ڇو محسوس ٿئي پيو ته هاڻي به هوءَ روئيندي هوندي، ڇاڪاڻ ته سرڪار ڪراچيءَ ۾ ڪجهه به ناهي ڪيو. نه سرڪار نه سماجي ادارا، نه ڪراچي جي انتظاميا، نه ڪراچي جي پيپلز پارٽي. ڪراچي ۾ دربدري جي زندگي گذاريندڙ لکين سنڌين جا ڳوڙها اگهڻ وارو ڪير به ناهي. هڪ ٻئي ڪيمپ ۾ ٻارڙي ڊوڙندي آئي، علي قاضي صاحب رانديڪا پئي ورهايا، او! ماما، او ماما! مون کي راندڪو ناهي مليو. اسان گاڏي ۾ وڃي ويٺاسين ته اتي به پهچي وئي، آئون علي صاحب جي گاڏي مان لهي، کيس هڪڙو راندڪو ڏيان ٿو. نه ماما گُڏي کپي، گڏي ڏيان ٿو. نالو پڇانس ٿو ته چوي ٿي ”ماما رابعه نالو اٿم، مون کي عيد جا ڪپڙا به ڏئي وڃجو.“ آئون مٿي تي هٿ رکي موٽان ٿو. اسين پاڻ ۾ ٻارڙي جي ماما، ماما وارن سڏن جو ذڪر ڪريون ٿا. ڪالهه شام ان ڪيمپ جي غفار بليدي نالي نوجوان فون ڪئي ته ”رابعه گيسٽرو وگهي گذاري وئي آهي، غسل لاءِ پاڻي ڪونهي، پاڻي موڪليو“. رابعه؟ ڪهڙي رابعه!؟ ”اها ٻارڙي، جنهن ڊوڙي اچي گاڏي مان اوهان کان گُڏي ورتي هئي.“ منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، ڇا لکان رابعه لاءِ؟ ڪٿي آهن لفظ جو آئون رابعه جو درد بيان ڪري سگهان. اها هڪڙي رابعه ناهي، ڪراچي جي ڪيمپن ۾ روز 5-6 رابعائون عيد جي ڪپڙن جي اميد کڻي هن سمنڊ جيڏي شهر ۾ اسان کان وڃائبيون پيون وڃن. ڪٿي آهي سنڌ جو صحت کاتو؟ آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته ڪراچي ۾ 2-4 سرڪاري ڪيمپن کانسواءِ سوين خانگي ڪيمپن ۾ رهيل لکين ٻوڏ متاثرين جي سنڌ سرڪار، ڪراچي شهري حڪومت ۽ سنڌ جي صحت کاتي ذري جي به سار ناهي لڌي. ڪي ٽي اين جي امدادي ڪيمپ تي 2 خاندان آيا، هڪڙا جيڪب آباد جا ٿهيم هئا، ٻيا شهدادڪوٽ جا چنا هئا. عورتن کي سٺا ڪپڙا پاتل، ڪنهن ماني مڇي واري گهراڻي جون ٿي لڳيون، ڪيمپ جي ڀر ۾ اچي ويهي رهيون. ڪنهن ۾ اها همٿ نه پئي ٿئي ته هو راشن گهري سگهن. آئون وڌي ويس، ”جي! ادي ڪٿان آيا آهيو؟“، هڪ اڌڙوٽ عورت وڌي اچي ڳالهائي ٿي. ”ڪراچي ۾ جتي رهون ٿا، ان علائقي جو ته نالو نٿو اچي، باقي اسان جا ڳوٺ فلاڻا فلاڻا آهن. الله سڀ ڪجهه ڏنو هو، پر هاڻي صفا مجبور آهيون.“ ائين چئي سڀ عورتون روئڻ شروع ڪن ٿيون ۽ اهڙا کوڙ ٻيا منظر، هر ڪيمپ تي هڪڙي ئي دانهن، رڳو اٽو ڏيو، هڪ ويلو ماني کائي سگهون. پٿرن، ڏامر ۽ روڊن تي به سمهنداسين، ٻيو ڪجهه نه گهرجي، ماني ڏيو، ماني ڏيو، ماني ڏيو...! ماني ڏيو...! اهڙيون دانهون، اهڙا الاپ مون هزارن جي تعداد ۾ ٻڌا آهن. انگ اگهاڙا ٻار، عورتن کي انگ تي ڪپڙو ناهي، مرد بيوسي مان ٻارن کي ماني لاءِ دانهون ڪندي ڏسندا رهن ٿا، ڪري به ڪجهه نٿا سگهن. اوپرو شهر، اوپرا چهرا، اوپرا رويا، ڪو قرض ڏيڻ وارو به ناهي. آڻين ته ڪٿان آڻين، پنهنجي ئي ڌرتي تي بيوس انسان ۽ مٿان وري عيد پئي آئي. هن ئي شهر جي اندر ڌرتي ڌڻي فاقن تي هئا. باقي سڄو جهان عيد جون خريداريون ڪرڻ ۾ مصروف هو. شهرن جون بازارون ڀرجي ويون هيون، فجر تائين بازارون ڀريل رهن پيون. انهن ماڻهن عيد ملهائي، پر ڪراچي ۾ لکين ڌرتي ڌڻي عيد ڏينهن ماني ڳڀي لاءِ واجهائيندا رهيا. مون کي ڪراچي بي رحم شهر ٿو لڳي، جيڪو بوسنيا، ڪشمير، فلسطنين، سوات ۽ وانا لاءِ ته ڌڙڪي ٿو، تڙپي ٿو، پر اهو شهر جنهن ڌرتي تي قائم آهي، ان ڌرتي جا حقيقي وارث هن شهر ۾ آهن، بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، انهن لاءِ شهر جي دل ۾ ڪو به ڪهڪاءُ نٿو ٿئي، ڪو به ڏک نٿو ٿئي. هن شهر پنهنجون در ۽ دريون ڇو بند ڪيون آهن، ڪنهن کي خوف آهي، ڪهڙو خوف آهي؟ ڇا سنڌ جي ماڻهن سان هن شهر ناتو ٽوڙي ڇڏيو آهي، اهو رويو ڪو بهتر رويو ناهي. سنڌ جي ماڻهن کي ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي جماعتن کي ڪراچي جي هن بي رحم ڪردار تي ضرور سوچڻ گهرجي. dodochandio@yahoo.com
جواب: پٿر شهر ۽ ڳوڙهن جو مينهن! ادا واقعي اسان کي اهو تڏهن ئي معلوم ٿي ويو هيو جڏهن اسان ڏٺو هيو ته ڪئمپن تي سنڌين کانسوا ڪو به ڪونه پي آيو۔ مون کي ياد آهي ته ان ڏينهن منهنجي پنهنجي آفيس مان هڪ گروپ سچل ڳوٺ جي ڪئمپ تي آيو هئو ۽ سامان ورهائڻ کانپو ڪنهن پڇيو هو ته هي ماڻهو سنڌ واپس ڪڏهن ويندا ۽ مان جذباتي ٿي ويو هئس ۽ روئڻهارڪو ٿي ويو هئس ته پنهنجي سنڌ ۾ اسان کي سنڌ وڃڻ جو پيا چون۔ ان باوجود اسان کي پنهنجا جذبا جوان رکڻا آهن۔ همت ناهي هارڻي۔ ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛ وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾ سو قوم کي جيارڻ لاء ڪا لاٽ ٻارڻي پوندي۔ اسان کي ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي مان ڪا اميد نه رکڻ کپي۔
جواب: پٿر شهر ۽ ڳوڙهن جو مينهن! دودي چانڊيي جو ليک پنهنجي جا تي، ادي وساڻ جو تبصرو به اميد افزا آهي پر؛ سنڌ سلامت جا دوستو! سنڌ ۽ سنڌيت سان جيڪو ڪار وهنوار وهي پيو ڪو اڄ جو آهي، هي ته آهي قدرتي آفت جنهن سبب ڪجهه ماڻهون بي روزگار ڪجهه ماڻهون بکيا ته ڪجهه ماڻهون اگهاڙا ٿيا آهن پر پياري پاڪستان ۾ گذريل سٺ سالن کان اهو ساڳيو ڪم هلي پيو اهو اسانکي نظر ئي نٿو اچي ۔۔۔ زندگي جا قيمتي ويهه سال پڙهڻ کانپو نوڪري جو نه ملڻ ڪنهن ٻوڏ کان گهٽ آهي ڇا ۔۔۔؟ ڪو ماڻهون اوهان سان ناانصافي ڪري وڃي، سموري ملڪيت ڦري وڃي ۽ اوهين جڏهن عدالت ۾ وڃو ته انصاف جي جا ته اوهانجو ارڪو ترڪو به خرچ ٿي وڃي ته اهو ٻوڏ کان گهٽ آهي ڇا۔۔۔؟ تمام گهڻي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کانپو جڏهن اوهان اسپتال پهچو ته ڊاڪٽر اوهان سان ڪاسائڪي ڪار ڪري ته ڇا اهو ٻوڏ کان گهٽ آهي ۔۔۔؟ تعليم پرائڻ لئه اوهان ادارن ۾ پهچو ته اتي به اوهان سان ماٽيجي ما وارو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ پئسي کان بغير اوهان اها تعليم حاصل ڪري نه سگهو جنهنجي اوهانکي خواهش هجي ته ڇا اهو ٻوڏ کان گهٽ آهي ۔۔۔؟ دوستو! سڙيل ۽ ٻڏيل ته اڄ نه صبح آسودو ۽ سائو ٿي ويندو پر غلام هميشه غلام ئي رهندو آهي، غلام قومن جو ارڪو ترڪو ڌارين جي هٿ ۾ هوندو آهي، جيڪي ان غلام قوم جي آڏو ان غلام قوم جي مال ته پلجندا ۽ آسودي زندگي گذاريندا آهن ۽ غلام ڏسندي ئي رهجي ويندا آهن ۔۔۔ ڇا غلامي وڏي ٻوڏ آهي يا هي اڄ جي آيل ٻوڏ جنهن جو اثر ڪن وٽ مهينن ۾ ته ڪن وٽ سالن ۾ ختم ٿي ويندو پر ڇا غلامي ڪنهن هڪ مهيني يا سال ۾ ختم ٿي ويندي؟ سوچڻ جو مقام آهي ۔۔۔ رب العالمين اسانکي معاملات سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين