TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
پٿر شهر ۽ ڳوڙهن جو مينهن!
دودو چانڊيو
سنڌ ۾ آيل ٻوڏ انساني زندگي تي ڏکن ۽ آزمائشن جا جيڪي پهاڙ ڪيرايا آهن، انهن جو رڳو تصور ٿو ڪريان ته ڏڪڻي وٺي ٿي وڃي. گذريل چئن هفتن کان ڪراچي جي حب چوڪيءَ کان وٺي لڪي سيمينٽ تائين، گهگهر ڦاٽڪ کان وٺي ريڙهي ڳوٺ، بلاول ڪالوني، چڪرا ڳوٺ، سچل، ڀٽائي آباد سميت سوين ڪيمپن جا چڪر ڪاٽڻ دوران انساني بيوسي ۽ مجبوريءَ جا جيڪي مون پنهنجي اکين سان منظر ڏٺا، هڪ هڪ منظر دردناڪ ڪهاڻي ۽ ايڏو سورن ڀريو قصو آهي، جو هڪ هڪ تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو. لطيف سائين چيو آهي ته:
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀر اڀرين ڪين ڪي!
بلاول ڳوٺ جي هڪڙي ڪيمپ تي امدادي سامان پي ورهايوسين، هڪ عورت آئي. ”ادا اسان کي ڪجهه ڏجو، رات کان ماني ناهي کاڌي. او ادا! اسان ڪي بکيا ماڻهو ناهيون، پاڻ ڏيڻ وارا هئاسين، اڄ وٺڻ وارا ٿي ويا آهيون. رات جڏهن ٻارن کي بک تي ننڊ نه پئي اچي، تڏهن ٻارن کي چيم وڃي شهر مان پني اچو ته ڪجهه کائون.“؟ عورت جو ڳلو ڀرجي ٿو اچي، پنڻ وارا لفظ هن انتهائي تڙپ ۽ بيوسي ۾ چيا. مون مٿي تي هٿ رکيس ته مينهن وانگي وسي پئي، الاءِ ڪيتري دير هوءَ روئيندي رهي. اسان راشن ڏئي واپس هليا آياسين، الاءِ ڇو محسوس ٿئي پيو ته هاڻي به هوءَ روئيندي هوندي، ڇاڪاڻ ته سرڪار ڪراچيءَ ۾ ڪجهه به ناهي ڪيو. نه سرڪار نه سماجي ادارا، نه ڪراچي جي انتظاميا، نه ڪراچي جي پيپلز پارٽي. ڪراچي ۾ دربدري جي زندگي گذاريندڙ لکين سنڌين جا ڳوڙها اگهڻ وارو ڪير به ناهي. هڪ ٻئي ڪيمپ ۾ ٻارڙي ڊوڙندي آئي، علي قاضي صاحب رانديڪا پئي ورهايا، او! ماما، او ماما! مون کي راندڪو ناهي مليو. اسان گاڏي ۾ وڃي ويٺاسين ته اتي به پهچي وئي، آئون علي صاحب جي گاڏي مان لهي، کيس هڪڙو راندڪو ڏيان ٿو. نه ماما گُڏي کپي، گڏي ڏيان ٿو. نالو پڇانس ٿو ته چوي ٿي ”ماما رابعه نالو اٿم، مون کي عيد جا ڪپڙا به ڏئي وڃجو.“ آئون مٿي تي هٿ رکي موٽان ٿو. اسين پاڻ ۾ ٻارڙي جي ماما، ماما وارن سڏن جو ذڪر ڪريون ٿا. ڪالهه شام ان ڪيمپ جي غفار بليدي نالي نوجوان فون ڪئي ته ”رابعه گيسٽرو وگهي گذاري وئي آهي، غسل لاءِ پاڻي ڪونهي، پاڻي موڪليو“. رابعه؟ ڪهڙي رابعه!؟ ”اها ٻارڙي، جنهن ڊوڙي اچي گاڏي مان اوهان کان گُڏي ورتي هئي.“ منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، ڇا لکان رابعه لاءِ؟ ڪٿي آهن لفظ جو آئون رابعه جو درد بيان ڪري سگهان. اها هڪڙي رابعه ناهي، ڪراچي جي ڪيمپن ۾ روز 5-6 رابعائون عيد جي ڪپڙن جي اميد کڻي هن سمنڊ جيڏي شهر ۾ اسان کان وڃائبيون پيون وڃن. ڪٿي آهي سنڌ جو صحت کاتو؟ آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته ڪراچي ۾ 2-4 سرڪاري ڪيمپن کانسواءِ سوين خانگي ڪيمپن ۾ رهيل لکين ٻوڏ متاثرين جي سنڌ سرڪار، ڪراچي شهري حڪومت ۽ سنڌ جي صحت کاتي ذري جي به سار ناهي لڌي. ڪي ٽي اين جي امدادي ڪيمپ تي 2 خاندان آيا، هڪڙا جيڪب آباد جا ٿهيم هئا، ٻيا شهدادڪوٽ جا چنا هئا. عورتن کي سٺا ڪپڙا پاتل، ڪنهن ماني مڇي واري گهراڻي جون ٿي لڳيون، ڪيمپ جي ڀر ۾ اچي ويهي رهيون. ڪنهن ۾ اها همٿ نه پئي ٿئي ته هو راشن گهري سگهن. آئون وڌي ويس، ”جي! ادي ڪٿان آيا آهيو؟“، هڪ اڌڙوٽ عورت وڌي اچي ڳالهائي ٿي. ”ڪراچي ۾ جتي رهون ٿا، ان علائقي جو ته نالو نٿو اچي، باقي اسان جا ڳوٺ فلاڻا فلاڻا آهن. الله سڀ ڪجهه ڏنو هو، پر هاڻي صفا مجبور آهيون.“ ائين چئي سڀ عورتون روئڻ شروع ڪن ٿيون ۽ اهڙا کوڙ ٻيا منظر، هر ڪيمپ تي هڪڙي ئي دانهن، رڳو اٽو ڏيو، هڪ ويلو ماني کائي سگهون. پٿرن، ڏامر ۽ روڊن تي به سمهنداسين، ٻيو ڪجهه نه گهرجي، ماني ڏيو، ماني ڏيو، ماني ڏيو...! ماني ڏيو...! اهڙيون دانهون، اهڙا الاپ مون هزارن جي تعداد ۾ ٻڌا آهن. انگ اگهاڙا ٻار، عورتن کي انگ تي ڪپڙو ناهي، مرد بيوسي مان ٻارن کي ماني لاءِ دانهون ڪندي ڏسندا رهن ٿا، ڪري به ڪجهه نٿا سگهن. اوپرو شهر، اوپرا چهرا، اوپرا رويا، ڪو قرض ڏيڻ وارو به ناهي. آڻين ته ڪٿان آڻين، پنهنجي ئي ڌرتي تي بيوس انسان ۽ مٿان وري عيد پئي آئي. هن ئي شهر جي اندر ڌرتي ڌڻي فاقن تي هئا. باقي سڄو جهان عيد جون خريداريون ڪرڻ ۾ مصروف هو. شهرن جون بازارون ڀرجي ويون هيون، فجر تائين بازارون ڀريل رهن پيون. انهن ماڻهن عيد ملهائي، پر ڪراچي ۾ لکين ڌرتي ڌڻي عيد ڏينهن ماني ڳڀي لاءِ واجهائيندا رهيا.
مون کي ڪراچي بي رحم شهر ٿو لڳي، جيڪو بوسنيا، ڪشمير، فلسطنين، سوات ۽ وانا لاءِ ته ڌڙڪي ٿو، تڙپي ٿو، پر اهو شهر جنهن ڌرتي تي قائم آهي، ان ڌرتي جا حقيقي وارث هن شهر ۾ آهن، بکن ۾ پاهه ٿي رهيا آهن، انهن لاءِ شهر جي دل ۾ ڪو به ڪهڪاءُ نٿو ٿئي، ڪو به ڏک نٿو ٿئي. هن شهر پنهنجون در ۽ دريون ڇو بند ڪيون آهن، ڪنهن کي خوف آهي، ڪهڙو خوف آهي؟ ڇا سنڌ جي ماڻهن سان هن شهر ناتو ٽوڙي ڇڏيو آهي، اهو رويو ڪو بهتر رويو ناهي. سنڌ جي ماڻهن کي ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي جماعتن کي ڪراچي جي هن بي رحم ڪردار تي ضرور سوچڻ گهرجي.
dodochandio@yahoo.com