مان جڏهن به سوچڻ شروع ڪندو آهيان ته خيالن جو طوفان انهي ڳنڍ کي سلجهائڻ جي بجاءِ الجهائي ڇڏيندو آهي۔۔۔۔ جيڪڏهن زندگي فاني آهي ته ڇو اسان اڻ ڏٺي منزل جي ڳولا ۾ آهيون۔۔۔۔۔؟ ڇو ناڪامي جي احساسن جون ٻيڙيون اسان جي پيرن کي وڪڙيل آهن۔۔۔۔۔؟ اسان ڇو معاشري جي ايتري پرواهه ڪندا آهيون۔۔۔۔؟ آخر انهن کي به ختم ٿيڻو آهي پوءِ ڇو اسان خواهشن جي هڪ ڊگهي فهرست رکي آهي۔۔؟ ڇو اسان هن عظيم زندگي جو معيار مادي شين کي بڻايو آهي۔۔۔؟ زندگي ته هڪ واعدو آهي ”خدا جي بندگي جو واعدو“ اها سوچ منهنجي اندر جي باهه کي ٿڌو ڪندي آهي پر اسان ڪڏهن به پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو ۔۔۔۔ هن اسان کي اختيار ڏنو ته اسان فرعون ٿي پياسين۔۔۔۔ دولت ڏنائين ته قارون ٿي پياسين۔۔۔۔ طاقت ڏنائين ته هٽلر ۽ چنگيز خان ٿي پياسين۔۔۔۔۔ عقل ڏنائين ته ايٽم بم ٺاهي ڇڏيوسين۔۔۔۔ آخر ڪيسيتائين اسان کي زندگي جو مطلب سمجهه ۾ ايندو۔۔۔؟ آخر اسان ان مسئلي تي زور ڇونه ٿا ڏيون۔۔۔۔۔؟ اسان کي گهرجي ته ته اسان هن مسئلي تي سوچيون ۽ ويچار ڪرڻ سان هڪ ئي ڳالهه سامهون ايندي ته ” زندگي ته محبت آهي خدا ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وسلم سان محبت“ ته اسان کي گهرجي ته اسان سوچيون ته الله پاڪ آخر اسان کي ڪهڙي مقصد لاءِ هن دنيا ۾ موڪليو آهي۔۔۔ ڇا اسان ان کي پورو ڪري رهيا آهيون؟ شايد جواب نهڪر ۾ اچي ۔۔۔۔۔ ته منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون دنيا جي فڪر ڇڏيو ۽ پنهنجي حقيقي رب جي طرف وڃو ۔۔۔ هن جي عبادت ڪريو۔۔۔ جنهن مقصد لاءِ آيا آهيو۔۔۔ ان کي پورو ڪريو۔۔۔۔
بلڪل ادا رشيد جيڪڏهن اسان سوچينداسين ته جواب نهڪر ۾ ئي ايندو حقيقت ۾ اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ادا توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو lajwab-sharing