• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو (قمر شهباز)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو،
اسان کي ته گهورن سان گهائي ڇڏيائون.

بهارن جي بيباڪ مستيءَ جان موهي،
سوين پيچ الفت جا پائي ڇڏيائون.

اُفق کان سندس لال چڻگون چورائي،
اڙي ڪنهن جو جهوپو جلائي ڇڏيائون.

پري ڪر، پري ڪر، پري ڪر هي شعلا،
ڏسين ٿي ته دل ئي دکائي ڇڏيائون.

نماڻيون نماڻيون، هي نيڻن جون پياليون،
مون کان مئي جي مستي ڀلائي ڇڏيائون.

جواب: خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو (قمر شهباز)

خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو،
اسان کي ته گهورن سان گهائي ڇڏيائون.

بهارن جي بيباڪ مستيءَ جان موهي،
سوين پيچ الفت جا پائي ڇڏيائون.

اُفق کان سندس لال چڻگون چورائي،
اڙي ڪنهن جو جهوپو جلائي ڇڏيائون.

پري ڪر، پري ڪر، پري ڪر هي شعلا،
ڏسين ٿي ته دل ئي دکائي ڇڏيائون.

نماڻيون نماڻيون، هي نيڻن جون پياليون،
مون کان مئي جي مستي ڀلائي ڇڏيائون.

محترم سليمان وساڻ جيئن شال سدائين، سائين قمبر شهباز جو خوبصورت غزل بحر مثمن سالم فارميٽ ۾ ونڊ ڪرڻ جا ٿورا۔ ڪنهن زماني ۾ انهي  وزن ، بحر مرڪزي خيال ۾ اسان به هڪڙو غريباڻو غزل لکيو هو ها ياد پيو اچيم ته
وٺي ڪم اکين جِي اڻِي خُوب ڄاڻين
تکا تير دل تي هڻِي خُوب ڄاڻِين !

هُجي خير تُنهنجِي ته مُسڪان جو شل،
سڄي جانِ محفل بڻي خُوب ڄاڻين !

الا شانِ انداز هِي بينيازِي ،
گهڻي کان خبر ٿم گهڻِي خوب ڄاڻِين !

ادا ڪافرانه هلڻ يار تنهنجو،
قدم ڊيل وانگر کڻي خُوب ڄاڻين !

ڏئِي ڦُوڪَ ننڍڙِي پرين زُلف پنهنجا،
مٿان مُنهن اُڏاري وڻِي خُوب ڄاڻِين !

سوين اپسرائون پري کان جا پڌرِي ،
پرِي ”ناز” هڪڙِي ڄڻِي خُوب ڄاڻِين !​

اُن کان علاوه جيڪا تصوير سائين قمر شهباز جي شاعري ۾ توهان ونڊ ڪئي آهي انهي ساڳي تصوير ۾ به هڪڙي شاعري سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تي منهنجي خيال مارچ 2010ع تي ونڊ ڪئي هُئم ان شاعري جو به مرڪزي خيال اکڙيون ، نيڻ هُئا ! اُها به هتي ونڊيان پيو۔ پيار وساڻ اهي اکيون به اصل دل گهائي وجهنديون آهن خير توهان جي مهرباني جو بهترين شاعري ۽ بهترين تصويرون هتي ونڊ ڪيو ٿا۔
پيش آهي اُها شاعري جيڪا مارچ 2010ع تي هتي ونڊ ڪئي هُئم۔​

14043106.jpg
 
جواب: خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو (قمر شهباز)

پنهنجي بيتاب نظر ناز ذرا روڪي ڇڏ
ايڏو آتو نه ٿجان غشق اجارڻ تائين​

سائين بهترين شاعري آهي ۽ ڪيڏي گهرائي آهي لفظن ۾۔ اسان پاڻ شاعر ته ناهيون پر شاعرن کي پڙهيو آ ۔ اکين تي ته گهڻو لکيو ويو آهي جيئن اياز چيو آهي ته؛

اي اکيون، پياريون اکيون، اڄ بي حساب
منھنجي تشنه روح تي اوتيو شراب!
ھر حقيقت کان مٿي آھي مجاز
ھر عبادت کان چڱو آھي شباب
عاشقيءَ ۾ روح کي آزاد رک
جسم جو زنجير آ دور شباب

اوهان جي شاعري به هڪ حيثيت واري شاعري آهي اسان جهڙن جي ڪهڙي مجال جو اوهان تي ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهون۔ دعا آهي ته سنڌي ادب اڃا ترقي ڪري۔

دعائن ۾ ياد ۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو (قمر شهباز)

واهه۔۔ پهرين سائين قمر شهباز جي دل کي وڻندڙ شاعري وري ان جي مٿان سائين نثار ناز جي تکي مٺي دل کي ڇهندڙ‌ شاعري۔۔ وري نشيلي تصويرن جو ونڊ۔۔ سبحان الله۔۔ اهڙا موضوع مستن کي نظر اچن ته بس اتي ئي تڪيو ڪري ويٺا هجن۔۔۔
 
محترم ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ توهان جو حق آهي، تنقيد کان بالا تر صرف خالق ڪُل ڪائنات ، جيڪو هميشه قائم دائم رهندو ان جي پاڪ ذات آهي، باقي اسان جهڙن ٽي درجي وارن تي ڪو تعميري تنقيد ڪندو ته اسان سدائين سندس دل کولي آجيان ڪندا آهيون۔ يقين ڪر ته ڪنهنجي ٽيڪا ٽپڻي تي ٿي سگهي ٿو اسان اڻ ڄاڻن کي ڪو اهڙو معلوماتي نقطو هٿ اچي وڃي جنهن سان اسان جي شاعري ۾ ڪو نت نئون نکار اچي وڃي ڪو ٽيڪنيڪ جي حوالي سان شاعري جو لڪيل پهلو ظاهر ٿِي وڃي۔ ادا سليمان اسان جي دُعائن ۾ توهان سدا ياد آهيو۔
 
جواب: خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو (قمر شهباز)

واهه۔۔ پهرين سائين قمر شهباز جي دل کي وڻندڙ شاعري وري ان جي مٿان سائين نثار ناز جي تکي مٺي دل کي ڇهندڙ‌ شاعري۔۔ وري نشيلي تصويرن جو ونڊ۔۔ سبحان الله۔۔ اهڙا موضوع مستن کي نظر اچن ته بس اتي ئي تڪيو ڪري ويٺا هجن۔۔۔

شل ڪو الله سائين تنهنجو ڀلو ڪري مست اسان جي شاعري آهي ڪو وقت کان اڳي آيل نارنگي ڪونهي جو تکي مٺي هُجي ۔ يار نظر ته اچي وئي نه اهڙي توکي شاعري پر قسم ٿئي مولا جو متان تڪيو ڪري ويهي رهين، ۽ وجهين نه اسان سميت سموري سنڌ سلامت کي آزار ۾ ۔ سنڌ سلامت جي مستن جي هڪ جاءِ تي تڪيو ڪيو ته سمجهي ڇڏ ڪار وهنوار ٺپ ٿي ويندو۔ زلزلا اچي ويندا۔ ان ڪري اسين به مست تنهنجي مهرباني مڃون ٿا ته اصل هڻ کڻ پنهنجا رايا ڏنا ٿو منهنجي ۽ سائين قمر شهباز جي شاعريءَ تي۔
 
جواب: خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو (قمر شهباز)

بقول محترم شمشير الحيدري جي ته؛ اوهانجي ئي ڳالهه اوهانجي محفل ۾ ڪجي ته ڪيئن ڪجي ۔۔۔؟

قمر شهباز جو سهڻو غزل مٿان وري نثار ناز جا گيت، اصل سون ۾ هيرا مڙهيل هجن ۔۔۔ واه واه

اکڙيون ۔۔۔ دل جون دريون ۔۔۔ الامان ۔۔۔
 
جواب: خدا ڄاڻي تنهنجين نگاهن ۾ ڇا هو (قمر شهباز)

شل ڪو الله سائين تنهنجو ڀلو ڪري مست اسان جي شاعري آهي ڪو وقت کان اڳي آيل نارنگي ڪونهي جو تکي مٺي هُجي ۔ يار نظر ته اچي وئي نه اهڙي توکي شاعري پر قسم ٿئي مولا جو متان تڪيو ڪري ويهي رهين، ۽ وجهين نه اسان سميت سموري سنڌ سلامت کي آزار ۾ ۔ سنڌ سلامت جي مستن جي هڪ جاءِ تي تڪيو ڪيو ته سمجهي ڇڏ ڪار وهنوار ٺپ ٿي ويندو۔ زلزلا اچي ويندا۔ ان ڪري اسين به مست تنهنجي مهرباني مڃون ٿا ته اصل هڻ کڻ پنهنجا رايا ڏنا ٿو منهنجي ۽ سائين قمر شهباز جي شاعريءَ تي۔

سائين مست جو تڪيو اوهان دوستن جي ساٿ منجهان ٺهيل هي سنڌ سلامت ئي آهي۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
 
Back
Top