• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي کي سڏ

محمد رمضان منڌرو

سينيئر رڪن
نظر ڪر، نظر سان، نظر تي نظر رک!
خبردار! سنڌي، خبر تي، نظر رک!

ڌريان ئي جي ڌاريا سي پنهنجا ‎نه ٿيندا،
تون ويريءَ جي ميريءَ نظر تي، نظر رک!

مڃين ڪون ٿو پر، ٿو واسينگ پالين،
ڪاريهر جي ڪَر ۽ زهر تي نظر رک!

اُلٽ ڦير اکرن جي اوکي اويڙي
جزم پيش، زير۽ زَبر تي نظر رک!

امڙ سنڌ ساري امانت اٿئي،
ڀتر ڀينڊ، حجر و شجر تي نظر رک!

ويلَ وَيلَ وَرڻي مور ناهي،
صُبح شامَ سانجھِيءَ سحر تي نظر رک!

ڪراچيءَ کان ڪشمور، ٿر،ڪاڇو، تنهنجو،
تَراين، تَڙن ۽ ڏَهَر تي، نظر رک!
 
جواب: سنڌي کي سڏ

واه شاندار
سنڌ سموري سون سنڌ سڄي سرهاڻ

ڌريان ئي جي ڌاريا سي پنهنجا ‎نه ٿيندا،
تون ويريءَ جي ميريءَ نظر تي، نظر رک!

الله سنڌ کي ميرين اکين کان بچائي۔ دعا آهي ته سنڌ شاد ۽ آباد رهي
 
جواب: سنڌي کي سڏ

ادا شاعري ته تمام بهترين آهي سنڌ جي سٺي ترجماني ٿيل آهي، توهان کي گذارش آهي ته ان جي شاعر جي نالي کان به اسان کي واقف ڪريو، سنڌ سلامت تي جڏهن به ڪنهن جو ليک، شعر ونڊ ڪيو ته ان جو نالو ضرور ڏيندا ڪريو ۽ اهو به لکندا ڪريو ته اهو ڪهڙي جڳهه تان اوهان کنيو آهي۔
 
Back
Top