السلام عليڪم دوستو دوستو جيئن ته اڄ اسان جو تمام پيارو دوست طاهر سنڌي 500 موضوع مڪمل ڪيا آهن سو اچو ته گڏجي ڪري سائين طاهر سنڌي صاحب کي مبارڪ باد پيش ڪريون سائين طاهر سنڌي جي هر هڪ ٿريڊ ۾ هڪ نئون نياپو هڪ نئي نواڻ هوندي آهي مون کي اهو چوڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿو ٿئي ته مان سائين طاهر سنڌي صاحب کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي سائين کي الله تعالى همت طاقت ۽ صحت ڪاملا عطا ڪري آمين سدائين گڏ
جواب: محترم طاهر سنڌي کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد وعليڪم السلام فقير سائين۔۔ ادا طاهر سنڌيءَجي ڇا ڳالهه ڪجي۔۔ تمام بهترين شخصيت آهن، مان هڪ ئي ملاقات ۾ سندن معتقد ٿي ويو آهيان۔۔۔ اهڙي طرح سنڌ سلامت تي به سندن شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي۔۔ پاڻ پنهنجي اسلامي تحريرن، ونڊ ڪيل ليکن، ۽ سنڌ سلامت لاءِ ڏنل بروقت مشورن سان گڏ هتي گهڻي قدر فعال هوندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ته رات جو 4 بجه به کين آنلائن ڏسندو آهيان ۽ پاڻ ڪو موضوع يا خبر ونڊ ڪرڻ۾ مصروف نظربا آهن۔۔ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَلاءِنيڪ جذبا رکن ٿا۔۔ سندن ڪم قابلِفخر آهي۔۔ مست طرفان کين دل جي گهراين سان مبارڪ باد هجي
جواب: محترم طاهر سنڌي کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد ادا توهان کي اسان جي طرفان ب 500 دفعا مبارڪون هجن.
جواب: محترم طاهر سنڌي کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد ادا طاهر کي اسان پاران به مبارڪ۔ سندس سڀ کان سٺي ڳاله ته هو ڪنهن کان پڇڻ کان ڪين لوائيندو آهي۔ انڪري جو پڇڻا نه منجهڻا۔ سندس سنڌ سلامت سان ساٿ سندس تحريرن مان ظاهر آهي۔ پاڻ سنڌ ۾ هجن يا سنڌ کان ٻاهر پر سنڌ سلامت جي پتنگن مان هڪ آهن ۽ اميد ته هي لاٽ ٻرندي رهندي پَتنگن پَھُ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَّ؛ پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَّ؛ سندا ڳِچين ڳَچَّ، ويچارن وڃائِيا اميد آهي ته پاڻ اڳ کان اڳرا رهندا ۽ اسان جي ڄاڻ وڌائڻ لاء پهنجون خدمتون جاري رکندا۔
جواب: محترم طاهر سنڌي کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد سڄي سنگت جي محبت جي مهرباني الله اوهان کي سلامت رکي ڪجهه مصروفيتن سبب اوهان کي جواب ڏيڻ ۾ دير ٿي وئي آهي، معذرت قبول ڪندا وري وري لک لائق سنگت جا مون مسڪين تي اوهان جا ٿورا جو ايڏي محبت جو اظهار ڪيو آهي۔