
اولاد پنهنجي والدين جي آواز ۽ نصيحت کي بهتر طريقي سان سمجهي ۽ عمل ڪري سگهندو آهي ۔۔۔ ان ڪري اولاد کي والدين طرفان اسڪول طرفان مليل هوم ورڪ ۾ مدد ڪرڻ ٻار لاءِ سٺو سنوڻ آهي۔۔ پر حيف آهي مصروفيت کي جو مون وانگي سمورا والد سارو ڏينهن نوڪري جي سلسلي ۾ مصروف ۽ گهر اچڻ وقت ايترو ٿڪل هوندا آهن جو پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ۽ هوم ورڪ ۾ ڪوشش باوجود مدد ڪري نه سگهندا آهن۔۔۔۔ ساڳيو حال والده جو به آهي جو سموري گهر جو ڪم کيس اولاد جي پڙهائي جي مدد ڪرڻ ئي نه ٿو ڏئي۔۔۔
پر هاڻي Franklin طرفان AnyBook DRP-4000 متعارف ڪرائي اهڙِي پريشاني جو آندو آهي آسان حل ۔۔۔ هن فٽ اسڪيل يا پين نما ٽول جي نوڪ کي ڪتاب جي هر صفحي تي موجود لفظن تي رکندي والدين کي گهرجي ڪتاب جي پڙهڻ کي ريڪارڊ ڪندا رهن۔۔۔ جنهن کان پوءِ ٻار جڏهن به ٽول تي موجود ريڪارڊ بٽڻ جي ڀر ۾ موجود پلي بٽڻ کي ڪلڪ ڪندي ٽول جي نوڪ کي صفحي تي موجود لفظن تي ٽچ ڪندو ته سندس والدين جي طرفان ريڪارڊ ڪيل لفظ جو تلفظ سندن آواز ۾ نڪرندو ۔۔۔ جنهن سان ٻار کي لفظن جي تلفظ کي درست طريقي سان پڙهڻ ۾ مدد ملندي۔۔۔
اهڙي طرح سمورن صفحن تي موجود لفظن کي بار بار دهرائڻ سان ٻار جو سبق آرام سان پڪو ٿي ويندو ۽ والدين جي ذميداري پڻ پوري ٿي ويندي۔۔۔
ياد رهي ته هن جديد ٽول جي ميموري آواز کي درست طريقي سان 60 ڪلاڪن تائين محفوظ رکي سگهي ٿي ۽ ٽول جي نوڪ وارو سنسر هر ڀيري لفظ کي درست سان سڃاڻڻجي سگهه رکي ٿو۔۔۔
ڪيئن آهي نه حيران ڪن ايجاد۔۔۔۔؟