سنڌ سلامت۔۔ اسلام عليڪم ۔۔ حق موجود ۔۔ حق لطيف۔۔۔يا علي مدد سنگت اڄوڪي ڪلاس ۾ ايم ايس آفيس جي انسٽاليشن ڪرڻ سکون ٿا۔ انسٽاليشن جو پورو طريقو سمجهڻ لاء هيٺ اسڪرين شاٽ ڏسو۔ 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 انشاءالله ايندڙ ڪلاس ۾ ايم ايس ورڊ جي ڪلاس هلائيندا سين۔۔ تيسين تائين دعائن ۾ ياد۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) نوٽ۔ هي انسٽاليشن ايم ايس آفيس 2003 جي آهي،، هر آفيس جو سيٽ اپ ٿورو گهڻو مختلف هوندو آهي۔
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) واهه يار بيتاب ۔۔۔ اصل ٺٺ ٿي ويا۔۔ توهان ته اهڙي سولي، دلچسپ ۽ بهترين انداز ۾ تصويرن سان گڏ انسٽاليشن سمجهائي آهي جو هاڻي ته مان پنهنجي ان ننڍڙي نينگر (سفير حسين) کي به انسٽاليشن سيکاري سگهان ٿو۔ تمام بهترين زبردست ٽيوٽرل آهي۔۔ اهڙين ڪوششن کي جاري رکو۔۔ بيتاب جي بيتابي آهستي آهستي ظاهر ٿئي پئي۔۔
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) ادا مست چواڻي ته تمام سادي ۽ تصويرن سان آسان سمجهاڻي ڏنل آهي مان به هاڻي ئي ٿو ايس ايس ورڊ کي انسٽال ڪريان ڏنل تصويرن سان آسان سمجهاڻي ۾ انسٽاليشن سمجهايل آهي معنى هاڻي انسٽاليشن ڪرڻ ڪو مسئلو نه آهي ڦلپوٽي فقير لا۽ تمام بهترين ڪوششون آهن ادا بيتاب توهان جي فورم لا۽ اهڙيون ڪوششون جاري رکجو توهان جي ٻيون سبق به پڙهيو آهي هاڻي توهان جي ٽئي سبق جو انتظار آهي سدائين گڏ
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) سنڌ سلامت۔ حق موجود تمام وڏي مهرباني جو اوهين منهنجي ننڍڙي ڪاوش کي ساراهيو۔۔۔ ائين اوهان جي همت افضائي ٿيندي رهي ته۔۔ انشاءالله مونکان جيترو ٿي سگهيو، اوهان سڄڻ سان علم جا موتي ونڊيندو رهندس۔ حق لطيف
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) اسلام عليڪم پيارا ڀاء بيتاب صاحب، ادا توهان جي انهيء ڪم ته اسان کي توهان جي نالي وانگر بيتاب ئي ڪري ڇڏيو آهي۔ ادا هڪ عرض توهان کي ڪندو هلان اگر توهان منهنجي ڳالهه کي برو نه سمجهو ته۔ ادا توهان جو ايم ايس آفيس وارو ڪم نهايت ئي ڪارائتو ۽ نئين دوستن لاء رهبري مثل آهي، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔پر توهان کي ڪرڻو اهيو آهي ته پنهنجا سڀ پروگرام قسط( سبق ) پهرين کان وٺي آخري قسط ( سبق ) تائين هڪ ئي ڌاڳي ۾ رکو، جنهن جو طريقو اهيو آهي ته توهان پهرين رکيل قسط جي هيٺان جواب ۾ وڃي ڪري توهان ٻئين قسط ( سبق ) رکو ۽ پو۽ اهڙي ريت ٽئين قسط ( سبق ) رکو۔ جنهن سان توهان جي ڪيل محنت به هڪ هنڌ محفوظ ٿئي ويندي ۽ سنڌ سلامت جي هر هڪ سڄڻ کي اهيو موضون هڪ ئي هنڌ ملي ويندو ۽ ان کي سکڻ ۾ به آساني ٿيندي۔ نوٽ باقي دوستن لاء ترتيب سان رکيل قسطون هيٺ ڪلڪ ڪري ڏسڻ لاء موجود آهن۔ ايم ايس آفيس قسط ٻئين ( سبق ) ايم ايس آفيس قسط ٽئين (سبق ) ايم ايس آفيس قسط چوٿين ( سبق )
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) ادا مظهر توهان جي مهرباني جو اوهان هڪ ئي ٿريڊ ۾ توهان سڀ لنڪ ڏنا ليڪن اڄ ڪافي ٿريڊن مان تصويرون غائب آهن اهو مسئلو فقط مون کي ٿو نظر اچي يا ٻين دوستن کي به نظر ااچي ٿو ته نشاندهي ڪندا.
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) سائين السلام عليڪم سائين تصويرون موجود آهن توهان وٽ ڪو نيٽ جو مسئلو هوندو هون به ڪلهه کان ڪراچي جو سرور ڊائون آهي ٿئي سگهي ٿو ان ڪري توهان کي ڪو مسئلو پيش آيو هجي سدائين گڏ
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) ادا مظهر تمام وڏي مهرباني ، اوهان جي ڳالهه جيتري تائين مونکي سمجهه ۾ آئي آهي ته اوهان جي چوڻ جو مطلب ته مان سڀ ڪلاس پنهنجي هڪ پوسٽ ڪيل ڪلاس ۾ لاڳيتو پوسٽ ڪندو هلان۔۔۔؟ مگر ان سان ته ڳالهه واضع ڪون ٿيندي۔۔جيئن ته دوستن جا رپلائي ايندا آهن ۔۔ وري انهن رپلائيز جي هيٺان ڪلاس ٿي ويندي۔۔۔؟ وڌيڪ ڊٽيل ۾ سمجهائڻ لاء مونکي pmڪيو ته مهرباني ٿيندي۔۔
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) ادا رحيم بخش اهو مسعلو ڪالهه مونسان به ٿيو ۔۔۔ اوهين درست ٿا فرمايو انڪري ڪالهه آء پنهنجي ڪلاس به ڪون اپلوڊ ڪري سگهيس ٿي سگهي ٿو ته سرور ۾ مسعلو هجي۔۔۔
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) ادا مظهر جي چوڻجو مطلب آهي ته اوهان جنهن ڪو نئون سبق اسٽارٽ ڪيو ٿا ته ان سبق جي شروع ۾ يعني موضوع جي پهرين پوسٽ يا تحرير ۾ اوهان سبق جي شروعات کان به اڳ ۾ پهرين اوهان گذريل سبقن جا لنڪ ترتيب وار ڏيندا هلو۔۔۔ ياد رهي صرف لنڪَ،
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) ادا مست مهرباني۔۔۔ ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ۔۔ انشاءالله نئين ڪلاس ۾ ڪوشش ڪبي۔۔۔ پر ادا سائين سڄو ڏينهن جي نفسا نفسي کان پوء ٿڪي ٿا پئون انڪري بس پيا نڀايون۔۔۔۔ ڀل چڪ معاف ادا
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) واھ بيتاب اصلي زبردست۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڪندا سهڻن جي سر کي سلام آهيون اسان مديجي وارن جا غلام آهيون۔
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) ادا توهان جيڪو ڪمپيوٽر جي باري ۾ جيڪا سکيا ڏئي رهيا آهيو اهام تمام بهترين آهي پر هتي مون کي اڌ ڪلاڪ لاڳيو جيڪو توهان طريقيڪار لکيو آهي ان جون تصويرون نظر نه اچي رهيون آهن رڳو نمبر ڏنل آهن، ائين ڇو ٿو ٿئي، منهنجي ڪمپيوٽر ۾ خرابو آهي يا ڪجهه ٻيو، انهي جي باري ۾ مون کي سمجهائيندا ته بهتر ٿيندو، موزيلا فائر فوڪس ۾ به ايئن نظر اچي رهيو آهي، اهي سبق شروع کان پڙهڻا آهن، ڪوشش ڪري ڪو حل ٻڌايو
جواب: ايم ايس آفيس ۔۔ سبق پهريون (انسٽاليشن) ادا بيتاب تمام سٺي ڪوشش ڪئي آهي ۽ بهترين انداز ۾ سمجهاڻي ڏني آهي