متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    متحده جو شهيدِ انقلاب۔۔!!!!!




    [​IMG]
    ايم ڪيو ايم جو ليڊر الطاف حسين ۽‌ ڊاڪٽر عمران فاروق ايم ڪيو ايم جي شروعاتي ڏينهن ۾


    ايم ڪيو ايم جي رابطه ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل کان پوءِ مختلف ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن، پر هڪ ڳالهه منجهائڻ واري آهي ته متحده وارن پوئين واقعن وانگر هن قتل تي ايڏو سخت ردعمل ڇو نه ڏيکاريو.؟، ڪنهن ٻي تنظيم تي الزام تراشي يا انهن جي خلاف مقامي دهشتگردي يعني انهن جي گهرن، دڪانن ۽ آفيسن تي حملا (جيڪو سندن پراڻو طريقو رهيو آهي) ڪرڻ واري ڳالهه هن ڀيري متحده جي رد عمل ۾ ڏسڻ ۾ نه آئي. تازو متحده جي قيادت سان تعلق رکندڙ رضا حيدر جڏهن ڪراچي ۾ مارجي ويو هو ته سندس قتل جي رد عمل ۾ ڪراچي ۾ جيڪا رت جي راند شروع ٿي ان ۾ مالي ملڪيتن کي نقصان پهچڻ سان گڏ مختلف طبقن ۽ پارٽين جا 100 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجيون جانيون وڃائي ويٺا هئا. جيڪڏهن انساني جانين جي نقصان جي حساب سان ڏسجي ته ايتري خون ريزي ته پاڪستان جي هردلعزيز ليڊر شهيد راڻيءَ جي قتل تي به نه ٿي هئي. ان کان علاوه تڏهن مخالف پارٽين ۽ حڪومت تي زبردست دٻاءُ وڌو ويو، پر هن ڀيري ته ڳالهه ئي ٻي ڏسڻ ۾ ٿي اچي. متحده جي قيادت ٽي وي تي روئڻ ڌوئڻ جو تماشو ڪري صرف سوگ ملهائڻ جو اعلان ڪيو يا وري علامتي تشدد جي طور تي ٻه ٽي گاڏيون ۽ ڪجهه دڪان ساڙي ڪراچي جي ٽرانسپورٽ بند ڪرائي وئي. شايد اها ڏيکاءُ ڏنو ويو ته متحده جو ڪو ماڻهو مارجيو آهي.
    ڪراچي ۾ رضا حيدر جي قتل واري ڳالهه به ڏاڍي منجهائيندڙ هئي، ڇو ته هو هڪ اهڙي علائقي ۾ قتل ٿيو جيڪو ڪراچي ۾ متحده جو ڳڙهه سمجهيو ويندو آهي. اهڙو علائقو جتي وک وک تي چيڪنگ ڪئي وڃي ٿي، جتي وقت جو وڏو وزير يا وزير داخلا وڃي ٿو ته ان کي گارڊن کان بغير اچڻ جي شرط هڻي سندس جان جي حفاظت جي به گارنٽي ڏني وڃي ٿي، وري جڏهن اتي ڪجهه قاتل ايڏي سولائي سان اچن، اسيمبلي ميمبر جو قتل ڪن ۽ سولائيءَ سان فرار ٿي وڃن ته ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. اهڙي طرح لنڊن ۾ مارجي ويل عمران فاروق جي قتل بابت تضاد سان ڀريل خبرون آهن. فليٽ ۾ زخمي حالت ۾ ملڻ جي خبر سان گڏ محافظ جي هٿان قتل جي خبر به عام ٿئي پئي. يا وري متحده جي ڳالهه کڻي مڃجي ته ڪو قاتل سندس تاڪ ۾ ويٺو هو، جيئن ئي عمران فاروق گهر مان نڪتو ته بس خنجر جا وار ٿيڻ شروع ٿي ويا، نه ڪو دفاع ٿيو نه ڪا وٺ وٺان، جڏهن ته عمران فاروق جي باري ۾ مشهور آهي ته هو 92ع جي دور واري متحده جي مڃيل ويڙهاڪن (سولي لفظن ۾ دهشتگردن) مان هڪ آهي ۽ مختلف ڪيسن جيئن قتل، اغوا، دهشتگردي ۽ ٻين ڪيسن ۾ اڃان تائين ڪراچي پوليس جي فائلن ۾ روپوش ڄاڻايل آهي. ان جڳهه تي هڪ ڳالهه واضح رهي ته عمران فاروق جي قتل ٿيڻ واري جڳهه تان متحده جو انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ به ڪو خاص ڏور نه آهي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ ان معاملي جي جن خاص رخن ۾ جاچ ڪري رهي آهي ته انهن ۾ هڪ ته رهزني دوران مزاحمت تي مارجڻ (اهو خدشو لنڊن جي مل هل جهڙي مرڪزي ۽ پوش علائقي ۾ اهڙي مصروف وقت ۾ ممڪن ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي) ، ٻيو ذاتي دشمني يا سياسي دشمني جي لحاظ کان ۽ ٽيون سڀ کان طاقتور رخ جنهن ۾ جاچ پئي ڪئي وڃي اهو آهي ته متحده جي اندر جيڪا ماٺيڻي ڇڪتاڻ هلي پئي ڇا هي ان جو ته نتيجو نه آهي.
    جڏهن وقت جي ڪتاب جي ورقن کي “ٿورو” پوئتي اٿلائجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته لنڊن ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر عمران فاروق جا پارٽيءَ جي قيادت سان ڪي سٺا تعلق نه رهيا هئا، ايتري تائين جو هاڻوڪي ڏينهن ۾کيس پارٽيءَ کان لاتعلق سڏيو پئي ويو. جڏهن چار سال اڳ ڪيترن ئي هاءِ پروفائل ماڻهن پنهنجن ڪارن ڏوهن کي اين آر او جي اڇي چادر ذريعي لڪايو پئي، تڏهن ايم ڪيو ايم جي رهنما الطاف حسين پنهنجا ته سڀ مقدما اين آر او جي ذريعي ختم ڪرايا پر ڊاڪٽر عمران فاروق جي ڪيترن ئي ڪيسن کي اين آر او ذريعي ختم ڪرائڻ بجاءِ رولي ۾ وجهي ڇڏيو، ڇو ته الطاف حسين سميت پارٽيءَ جي ٻين ليڊرن کي عمران فاروق متعلق شڪ هو ته هو متحده جي اندر پاڪستان جي ايجنسين جي ايجنٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي هو ايم ڪيو ايم جي اندر الڳ ڌڙو ٺاهي وٺي. اهي اختلاف ايتري تائين زور وٺي ويا جو ڊاڪٽر عمران فاروق مٿان ايم ڪيو ايم جي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ داخلا تي پڻ پابندي لڳائي وئي.
    جيڪڏهن ڊاڪٽر عمران فاروق جي سندس پارٽيءَ سان تعلق کي اڃان به غور سان ڏسجي يا وري جيڪڏهن پوئين چار يا پنج مهينن جي ميڊيا رپورٽس جو مطالعو ڪيو وڃي ته ڊاڪٽر عمران فاروق ڪنهن به لحاظ سان متحده جي سرگرمين ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندو. نه ڪنهن پريس ڪانفرنس ۾ ۽ نه وري ڪنهن ڪنوينشن ۾. ايئن پئي لڳو ته ڄڻ عمران فاروق ساڳي روپوشي واري حالت ۾ هجي جيئن 92 واري آپريشن ڪلين اپ واري دور ۾ هو انڊرگرائونڊ ٿي ويو هو. هڪ سال اڳ ۾ متحده جي واحد ڪنوينر جي عهدي تي هٽائڻ کان علاوه الطاف حسين ان شخصيت کي پنهنجي پارٽيءَ مان 4 ڀيرا معطل ڪرڻ ۽ 2 ڀيرا پارٽيءَ مان ڪڍڻ جو پڻ اعلان ڪيو. سندس سرگرمين جي سخت نظرداري ڪئي پئي وئي. پاڪستان ۾ يا پاڪستان مان ٻاهر رهندڙ متحده جي تمام ورڪرن کي عمران فاروق سان تعلقات رکڻ کان سختيءَ سان روڪيو ويو، متحده جي مختلف اجلاسن ۽ ڪنوينشنز ۾ الطاف حسين پاران کيس غدار ڪوٺيو ويو. ايتري تائين جو هڪ سال اڳ جڏهن عمران فاروق کي متحده جي واحد ڪنوينر جي عهدي تان هٽايو ويو ته ان ئي وقت ۾ ساڻس تعلق رکندڙ سڀني يونٽ ۽ سيڪٽر انچارجن کي ڄاڻايل عهدن تان بلاجواز هٽايو ويو هو. پارٽيءَ جي قيادت کيس لنڊن ۾ رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ مٿس خاص نظرداري ڪئي پئي وئي، جنهن لاءِ متحده جي هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي هئي. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر عمران فاروق ويجهڙ ماضي ۾ پارٽيءَ جي ڪنهن به سرگرميءَ ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو. هن وطن واپس ورڻ پئي گهريو، جنهن لاءِ ضروري هو ته سندس سڀ ڪيس اين آر او جي ذريعي ختم ڪيا وڃن پر متحده جي قيادت پهرين ئي پنهنجي خدشن سبب سندس تي ڪجهه ڪيس برقرار رکرايا هئا. اهو سڀ ڪجهه ڏسي لنڊن ۾ رهائش دوران ڊاڪٽر عمران فاروق متحده جي مخالف پارٽين سان پنهنجا تعلقات وڌائڻ شروع ڪيا ۽ پوئين چار مهينن دوران انهيءَ ڏس ۾ سندس متحده مخالف سياسي سرگرميون گهڻي حد تائين وڌي چڪيون هيون. اهو به امڪان هو ته هو ڪجهه ٻيا ذريعا استعمال ڪري ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان واپس اچي وڃي ها.
    هڪ طرف ليڊرشپ سان سندس سخت ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا هيا ته ٻئي طرف وري متحده لاءِ سندس ڪيل خدمتن سبب متحده جي ڪجهه پراڻي رهنمائن ۽ ڪارڪنن جي دل اندر سندس عزت ۽ مقبوليت ٻين رهنمائن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي هئي، ان کان علاوه متحده جي هڪ دهشتگرد ونگ پڻ سندس رابطي ۾ هو. متحده جو بهاري اڪثريت وارو علائقو سندس چاهيندڙن ۾ سڀ کان اڳيان هو. ڪجهه وقت اڳ اورنگيءَ جي علائقي ۾ متحده خلاف ٿيل بغاوت ۾ به سندس هٿ سمجهيو پئي ويو. اها ئي ڳالهه متحده جي مرڪزي قيادت کي پريشان ڪري رهي هئي ته ڪاٿي ڊاڪٽر عمران فاروق متحده جي اندر ڌڙو نه ٺاهي وٺي.
    اهي ڳالهيون اهڙيون هيون جيڪي متحده جي پوري اسٽرڪچر کي ڪنهن به وقت ڪنهن Sink Hole ڳجهي کڏ وانگر زمين بوس ڪري پئي سگهيون، انهيءَ ڳالهين کي سندس نگرانيءَ لاءِ بڻايل ڪاميٽيءَ جلد متحده جي مک قيادت تائين پهچائي ڇڏيو. انهيءَ ڪري وقت سان گڏ کيس متحده جي هر قسم جي سرگرمين ۽ معلومات کان آهستي آهستي پرتي ڪيو ويو ۽ برطانيه جي ميڊيا جي خبرن موجب متحده جي قيادت پاران ساڻس سخت لهجو اختيار ڪندي کيس لنڊن ۾ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. سندس ويجهن رشتيدارن موجب ته هو لنڊن ۾ زوري ترسايل هو. تازو رضا حيدر جي قتل کان پوءِ کيس ڪراچي جي علائقي شريف آباد ۾ رهندڙ پنهنجي فيمليءَ جي باري ۾ به ڳڻتي رهڻ لڳي هئي. شايد ان ئي ڳالهه جي خدشي سبب اسڪاٽ لينڊ يارڊ عمران فاروق جي بيواهه کي پنهنجي حفاظتي حراست ۾ وٺڻ ۾ دير نه ڪئي.
    ڀلي هن قتل جي پٺيان ڪنهن جا به هٿ هجن پر هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته ٻين واقعن وانگر متحده هن قتل مان به پنهنجا سياسي فائدا سوچا هوندا. قتل جي رات دير سان جڏهن خبر عام ٿي ته الطاف حسين پنهنجي سالگره سميت سڀ سرگرميون ملتوي ڪري بند ڪمري ۾ رابطه ڪاميٽيءَ جو اجلاس گهرائي ورتو. جنهن ۾ شايد هميشه وانگر اهو طئه ڪيو ويو هوندو ته هن قتل مان ڪنهن مان ڪيترو سياسي فائدو ورتو وڃي، هن قتل کي الطاف ڀائي جي انقلاب واري نعري سان ڪيئن ڳنڍجي، تڏهن ته سڄي زماني ڏٺو ته الطاف ڀائي ٽي وي ۽ ميڊيا تي روئي روئي هن کي شهيدِ انقلاب سڏي رهيو هو. سندس چوڻ موجب ته سندس سڀ کان محبوب دوست کي قتل ڪري کيس تاريخ جو سڀ کان وڏو صدمو رسايو ويو آهي. برطانيه جي ميڊيا جي تبصرن موجب ته هي قتل اهڙو آهي جيڪو گڏيل حڪومت جي لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. هاڻ ڏسون ته متحده جي هن “شهيد انقلاب” جو قتل مستقبل ۾ متحده لاءِ ڪهڙا فائده آڻي ٿو.

    اسد علي ميرجت
    asad.mirjat@gmail.com
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

    ابول ڳالهه اها ئي سمجهه ۾ پئي اچي، جيڪا هن مضمون نگار ڪنهن اسد علي ميرجت ايٽ دا ريٽ آف جي ميل ڊيٽ ڪام لکي آهي، مست يار اهو اسد علي مير جت ايٽ دا ريٽ آف جِي ميل ڊاٽ ڪام ملي ته منهنجي پاران کيس ڀاڪر وجهي چميون ڏئي اهڙو خوبصورت اکيون کوليندڙ مضمون لکڻ ۽ شيئر ڪرڻ تي شاباسون ڏجان ياد رهي ته چميون صرف ڳل تي ڏنيون وڃن ٻي ڪنهن به جڳه تي چميون ڪار نه آهن۔ درويشن جي بادشاهي جو خير۔ او هو ڀلجي ويس درويش خبر ناهي بار بار نظر پيو اچي۔ هميشهه مستن کي درويش ڪري سڏبو آهي پر مونکي خبر ناهي ڇو درويش به هن وقت مست نظر اچي رهيو آهي۔ مست کي اهڙو زبرو ڀوڳ، معاف ڪجو ڀوڳ نه حالات حاضره جو بهترين مضمون ونڊ ڪرڻ تي واڌايون۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

    [​IMG]


    اهڙيون لڪيل حقيقتون اسان اٻوجهن سامهون آڻڻ تي توهان کي جس هجي

    اهڙي معلوماتي مضمون لکڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي.
     
  5. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

    ادا بهترين معلوماتي ونڊ آهي۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

    پر يار اهو اسد علي ميرجت ايٽ دي ريٽ آف جِي ميل ڊاٽ ڪير آهي جنهن ڇپرن ۾ ڇڻيون هڻڻ شروع ڪيون آهن درويش ٿي۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

    سائين توهان جهڙي ادب دوست ماڻهن جي صحبت ۾ رهي ڪري مست تي ٿورو گهڻو اثر ٿئي پيو۔۔ انشاءَ الله وقت وقت سان گڏ حالات حاضره ۾ اهڙا تبصرا ضرور ونڊ ڪندس۔۔ اهو اسد ميرجت ايٽ ڊريڪٽ‌ جي ميل توهان جو مست ئي آهي
     
  8. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

    ادا مست تمام بهترين ۽ آسان لفظن ۾ حقيقتن کي سامهون آندو اٿئي ۔
    اهڙي قسم جو ڪوشسون جاري رکجائن ته ٻئي گڏجي ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهنداسين
    ۔۔۔۔



    باقي انشا الله جلد ئي توهانجي خواهش پوري ٿي ويندي۔۔
     
  9. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

    تمام سٺي نماني حقيقت بيان ٿيل آهي
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: متحده جو شهيد انقلاب۔۔۔۔

    ادا عمران درويش۔۔۔ يار مهرباني جو تون منهنجي هن ننڍڙي ڪوشش جي واکاڻ‌ڪئي۔۔۔ ڪوشش ڪبي ته حالاتِ حاضره تي وقت سان گڏ ڪجهه ڪجهه نه لکندا رهون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو