سلام ، مان انتهائين شڪر گذار آهيان سنڌ سلامت جو ، بهترين ويب سائيٽ ڏٺي آهي دراصل مونکي سنڌي ۾ لکڻ نه ٿو اچي ان ڪري رومن انگريزي جو سهارو ورتو آهي پر مون کي شوق آهي سنڌي ۾ لکڻ جو مهرباني
جواب: salaam پيارا سليم ميمڻ سدا سلامت هجو۔ توهان قرب جا قدم ڀري آيا، اسان تمام تمام تمام گهڻو خوش آهيون جو اسان جي سنڌ ڌرتي جو جوڌو سليم ميمڻ پنهنجون صلاحيتون سنڌ جيجل لاءِ سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ونڊڻ آيو آهي ۔
جواب: salaam ڀا سليم اوهان کي سنڌ سلامت جي هن ساٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار۔ وَيٺي جِنِين وَٽُ، ڏُکَندو ڏُور ٿِئي؛ تَنَ! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا اوهان جهڙن دوستن جي ساٿ سان انشا الله هي فورم ترقي جي راه تي منزلون طئي ڪندو رهندو
جواب: salaam ادا سليم ميمڻ اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش امديد ٿا چئون ادا مون کي اميد آهي ته توهان جلد کان جلد سنڌي سکي ويندو ادا اسان اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر فورم تي خوش آمديد ٿا چئون سدائين گڏ
جواب: سلام سليم ميمڻ جو نالو پڙهي مونکي محترم استاد سليم ميمڻ ياد اچي ويو جو ڪجهه سال اڳ پي ٽي وي تان سنڌي ۾ خبرون به پڙهندو هو ۽ اڄڪلهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ اهم عهدي تي فائز آهي ۔۔۔ سائين محترم سليم ميمڻ صاحب انتهائي سٻاجهڙو ۽ محنتي استاد رهيو آهي ۔۔۔ ۽ هند ۽ سنڌ جي سنڌي ادب لئه ڪيل ّخدمتون ساراهه جوڳيون آهن ۔۔۔ اسانجو هي دوست سليم ميمڻ به اميد ته سنڌ ۽ سنڌيت جي راهه جو تارو ثابت ٿيندو ۔۔۔ ادا سليم ميمڻ صاحب ڀلي ڪري آيا سنڌ سلامت جي هن پيار ڀرئي اڱڻ تي ۔۔۔ بس جلدي ڪري سنڌي لکڻ سکي وٺو ته جيئن خوب ڪچهريون ۽ ڏي وٺ ڪري سگهجي ۔۔۔ هن اڱڻ جو نعرو آهي ساٿ سلامت سنڌ سلامت ۔۔۔ اوهان به هميشه سلامت رهو ۔۔۔
جواب: salaam سائين توهان جي ڀليڪار جو انداز تمام بهترين آهي۔۔ توهان جي پنهنجي ڪوشش توهان جو ٺاهيل ڪارڊ زبردست آهي۔۔
جواب: salaam مهرباني ادا مست جو هڪڙي غريباڻي ڀليڪار واري ڪارڊ وارِي نواڻ کي توهان واچ ڪيو دوست ڪوشش ڪجي ته جيڪو به سنڌ سلامت جو ساٿي آهي اهو هن اڱڻ کي خوب کان خوبصورت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري۔ لک لائق جو منهنجي هن حقير ڪاوش کي توهان زبردست چيو