جواب: Assalam O Alakum
دوست عرفان احمد؛ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار، دوست لڳي ٿو ته اوهانکي سنڌي لکڻ نٿي اچي ۔۔۔ ان سبب اوهان سنڌين جي هن اوطاق تي اچي انگريزي لکت ۾ سلام ڪيو آهي ۔۔۔
دوست! هڪ ته اوهان تفصيلي تعرف نه ڪرايو آهي، انڪري ضروري آهي ته اوهان پنهنجي متعلق تفصيلي تعرف ڪرايو ته سنڌ سلامت جي دوستن کي اوهان سان لهه وچڙ ۽ دوستي رکڻ ۾ آساني ٿئي ۔۔۔
ٻي ڳالهه ته اوهانکي هي اوطاق ڪيئن لڳي؟ سنڌ سلامت جي دوستن جو نعرو آهي سنڌ ۽ سنڌيت، سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اڳ کان اڳرو ڪرڻ ۔۔۔ اميد ته اوهان به اسانجو ساٿ ڏيندا ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔
اميد ته اوهانجو ايندڙ تعرف سنڌي ليک ۾ هوندو ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ ۔۔۔