اڄُ پـڻ وا يُـون ڪَنِ، وَ ڻِجارا وَڃڻَ جُون
هَـلڻَ هـارا سُـپِـر ِيـن، رُئـان تــان نه رَهَـنِ
آئُون جَھـلِيندِي ڪيترو؟ آيَلِ! سامُونڊين
پَـڳَھ ڇــوڙي جَــنِ ، وِڌا ٻـيـڙا ٻــارِ ۾
Uploaded with ImageShack.us
هَـلڻَ هـارا سُـپِـر ِيـن، رُئـان تــان نه رَهَـنِ
آئُون جَھـلِيندِي ڪيترو؟ آيَلِ! سامُونڊين
پَـڳَھ ڇــوڙي جَــنِ ، وِڌا ٻـيـڙا ٻــارِ ۾
Uploaded with ImageShack.us
هي بيت لطيف سرڪار جي سُر سامونڊي جي ٻئي داستان مان ورتل آهي۔ هي سُر وڻجارن تي چيل آهي جيڪي واپار سانگي سنڌ مان قيمتي ڪپڙو کڻي لنڪا ۽ عدن ڏانهن ويندا هئا ۽ موٽ ۾ اتان قيمتي موتي، ماڻڪ ۽ سون آڻيندا هئا۔ هو اتر جي هوا لڳندي هئي ته سفر تي روانا ٿيندا هئا ۽ بهار ۾ واپس ايندا هئا۔ نوجوان وڻجارا پنهنجي ونين کي ڦوه جواني ۾ ڇڏي سفر تي روانا ٿيندا هئا ۽ سندن استريون بندر تي بيهي ڳوڙها ڳاڙينديون هيون۔ هو هر وقت پهنجن ڪانڌن جون خبرون پيون پڇائينديون هيون ۽ سکائون باسينديون هيون ته سندن ور سلامتي سان واپس ورن۔
هن بيت ۾ ڀٽائي سرڪار غضب جي منظرنگاري ڪئي آهي۔ هڪ استري پنهنجي وَر کي سفر تي تيار ڏسي چوي پئي:
” وڻجارا اڄ وري سفر تي وڃڻ جون ڳالهيون پيا ڪن ، وڃڻ وارا جانب منهنجي روئڻ سان به نه ٿا رهن ، اي جيجل ! مان تن سامونڊين کي ڪيترو روڪينديس ، جن رسا ڇوڙي ٻيڙا هاڪاريا آهن “