دوستو اميد ت توهان سڀ خوش هوندا۔۔۔ دوستو مان هن اڱڻ تي نئون آيو آهيان هن فورم جي باري ۾ ادي رياض حسين گلال ٻڌايو سنڌي فورم ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: اسلام عليڪم۔ ادا آصف علي سڀ کان پهريان ت توهان کي سنڌسلامت فورم تي ڀليڪار ء اميد ٿا ڪريون توهان هن فورم مان ڪجه پرائيندا .
جواب: اسلام عليڪم۔ ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار پيا چئون ۽ اميد ٿا ڪريون ته اوهان هتان ڪجه حاصل ڪندا ۽ ڪجه ڄاڻ اسان کي به ڏيندا۔
جواب: اسلام عليڪم۔ توهان کي همانگير سولنگي جي طرفان به دلي ڀليڪار چوي ٿو اميد ته توهان هن فورم تي پنهنجي پاڻ کي اپڊيٽ رکندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
جواب: اسلام عليڪم۔ سهڻا دوست آصف علي، ڀلي ڪري آيا، جي آيا ۔۔۔ هن اوطاق تي ايندڙ سڀني دوستن کي دلي ڀليڪار ڪئي ويندي آهي ۽ وڃڻ نه ڏبو آهي، بلڪل سهڻي لطيف جي هن بيت جيئان؛ جي ايندي چوني آ، ويندي چوني ويهه، ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچج انهن جي۔ مطلب ته دوستن جو قدر ڪرڻ اسانجو وڙ آهي، اميد ته اوهان به هن اڱڻ سان دوستي نڀائيندا ۽ ڏک سک ۾ اسانکي پنهنجو حال ڀائي ڪندا ۔۔۔ هڪ شڪايت آهي ته اوهان پنهنجو تعرف تمام مختصر ڪرايو آهي، اميد ته پنهنجي شخصيت کي دوستن آڏو کوليندا ته جيئن ميلا مچن ۽ ڪچهريون ٿين ۔۔۔ ادو گلال ته هن اڱڻ جو سونهون آهي اوهانکي اميد ته مزو ايندو ۔۔۔ دعائن ۾ ياد
جواب: اسلام عليڪم۔ ادا آصف علي۔۔ سنڌ سلامت جي هن مٺڙي اڱڻ تي دل جي گهراين سان اوهان کي ڀليڪار ٿو چئجي۔۔ ادا رياض حسين گلال جون وڏيون مهربانيون جنهن سنڌ سلامت جو اوهان جهڙن دوستن کي ڏس ڏنو۔۔ اميد ته ادا رياض حسين جيئن هن فورم جا بهترين ميمبر ۽ سٿ جا بهترين ساٿاري آهي، ايئن اوهان به ساٿ نڀائڻ وارن ۾ اڳيان رهندو۔۔ مهرباني
جواب: اسلام عليڪم۔ محترم آصف علي شال جُڙيو هجين۔ دوست اسان جو محبتي اڱڻ ساري دنيا جو واحد وڏي ۾ وڏو اڱڻ آهي جنهن ۾ هر مڪتب فڪر جا سنڌي دوست، پنهنجون صلاحيتون سنڌ ڌرتي لا ڀرپور نموني ڪتب ۾ آڻين ٿا، سنڌي ٻولي جي دل ۽ جان سان خدمت ڪن ٿا۔
جواب: اسلام عليڪم۔ سائين توهان جي ڀليڪار چوڻ جي اهڙي بهترين طريقي کي ڏسي مست جي دل ٿي چوي ته وري سنڌ سلامت تي رجسٽريشن ڪرايان۔۔ x_x