سنڌ سلامت جا دوستو توهان ڏٺو هوندو ته گوگل تمام ننڍڙا اکر سرچ ناهي ڪندو يا وري انهن جو ڪا خاص ريسپانس ناهي ملندو ته ان لا۽ حاضر آهي هي ٽپ .. مثال طور Home Alone 1 ته گوگل ان کي شامل نه ڪري سگهندو ته ان لا۽ توهان هيئن لکي سگهون ٿا Home Alone +1 توهان صرف پلس جو واڌارو ڪندو اهڙي نموني سان توهان گوگل کان ننڍي کان ننڍڙا اکر به سرچ ڪرائي سگهون ٿا . :d sindhsalamatsaathsal
ادا وحيد ڦلپوٽا اها پلس ون واري ڳالهه تمام جلدي سمجهه ۾ اچي ويئي مُنهنجي خيال ۾ سنڌ سلامت جو مان ڪمزور ترين ميمبر آهيان جو جيڪو ڪمپيوٽر يا آئي ٽي جي باري ۾ ڪجهه نٿو ڄاڻان۔ مٺا وحيد اڳ ۾ هڪڙي پوسٽ ادا رشيد سمون اُماڻي هُئي جنهن ۾ رن ۾ وڃي خبر ناهي ڇا تحرير ڪرڻو هو جو جيڪي به ٽيمپرري فائل هڊن ٿيل آهن اهي ظاهر ٿي ويندا هُئا۔ جيڪي پوءَ آسانيءَ سان ڊليٽ ڪري پنهنجي پي سي جي اسپيڊ وڌائي سگهبي هُئي ڇا توکي انهيءَ طريقي جي خبر آهي پليز ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين ناز ! ادا رشيد جي انهي پوسٽ کي مون به پڙهيو هيو۔۔۔ اتي يعني رن ۾ وڃي Prefetch لکي ڪري انٽر ڪندو ته اهي ٽيمپرري فائيلز اوهان جي سامهون اچي وينديون۔ پوٌءِ انهن کي سليڪٽ آل ڪري ڊيليٽ ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔۔
ادا زاهد سومرو لک ٿورا لک لائق توهان مُنهنجو وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو، ان صفائي سان يقين ڪريو ته مون واري پي سي جي هارڊ ڊسڪ ”سي“ پورشن ۾ اڍائي جي بي جي بچت ٿي پئي۔
ادا زاهد سائين وڏي مهرباني مٺا پر سائين هي ٽپ به آرمائي ڏسجو رن ۾ وڃي ڪريRecent لکي انٽر ڪري ڏسو . دعائن ۾ ياد shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
مهرباني ادا وحيد ڦلپوٽا جو ٻي ٽپس توهان ڏني جن فائلن ۾ وائرس اچي پيو تصوير ڏيان پيو اميد آهي ان وائرسن مان مُنهنجي پي سي جي جان ڇڏائي ويندي
بلڪل سائين توهان هيٺ ڏنل لنڪ تان سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪري ان کي صرف رن ڪيو اهو سافٽ ويئر پورٽيبل آهي اميد آهي ته اها آهي ته توهان جو مسئلو حل ٿئي ويندو آمين