ڪلام ڪليمينٽ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪلام ڪليمينٽ

    مختصر ڪهاڻي
    زاهد ميراڻي

    چون ٿا ڪلام ڪليمينٽ جون ناسو سوئر جهڙيون هونديون هيون، کيس اها خبر الائي ڪيئن پئجي ويندي هئي ته سنڌ جي ڦلاڻي ضلعي، ڦلاڻي تعلقي ۽ شهر ۾ ڦلاڻي هندوءَ جي ڇڏيل زمين، دڪان ۽ مليڪت موجود آهي، بس پوءِ اڏندو ويندو ۽ وڃي ڪليم داخل ڪرائيندو،

    حيرت جي ڳالهه آهي جو سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيائيءَ جي ايتري ڄاڻ سنڌ واسين کي به نه هوندي هئي، جيتري ڪلام ڪليمينٽ کي هوندي هئي، سندس جو تعلق هندستان جي ڪهڙي علائقي سان هو، اها ڪنهن کي به سڌ نه هوندي هئي، پر سندس متعلق اهو ضرور مشهور هو ته ڪلام ڪليمينٽ جهڙو شخص هنن لاڙڪاڻي ۾ به ڏٺو، سکر ۾ به ڏٺو، ڪراچيءَ ۾ به ڏٺو، حيدر آباد ۾ به ڏٺو، شهداد ڪوٽ ۾ به ڏٺو، ميرپورخاص ۾ به ڏٺو، ته گهوٽڪي، پني عاقل ۽ نئون ديرو، رتوديرو ۾ به ڏٺو.،

    ڪلام ڪليمينٽ، پنهنجي ڪليم ۾ پنهنجي خاندان جو شجرو ڪٿي وڃي هندستان جي مغلن سان ملائيندو هو ۽ ڪٿي وڃي حيدر آباد جي نظامن سان ملائيندو ته ڪٿي لکنوءَ جي نوابن سان ته ڪٿي وڃي گواليار جي گائڪ خاندانن ۽ نوابن سان ملائندو، پر هو هر ڪليم ۾ هڪڙي ڳالهه ضرور ڄاڻائيندو هو، ” هم هندستان کي نواب خانوادي کي چشم وچراغ هين، لهاذا هم سي انصاف کيا جائي“، سندس جي ان جملي لکڻ جو مقصد هوندو هو ته کيس هتي به نوابن جون ڇڏيل ملڪيتون جيئن جو تيئن ڏنيون وڃن، جنهن ۾کيس ڪنهن حد تائين ڪاميابي به ٿي“.،

    ڪلام ڪليمينٽ سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪليم ۾ ملڪيت حاصل ڪرڻ بعد هندستان خط لکي پنهنجن مائٽن کي گهرائيندو ۽ انهن کي شهر جا دڳ پيچرا ڏيکاري ڇڏيندو ۽ پاڻ گم ٿي ويندو، سندس مٽ مائٽ ملڪيتون حاصل ڪرڻ کان پوءِ جيڪا پهرين ڪوشش ڪندا اها شهر جي ميونسپالٽيءَ ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ جي هوندي هئي ۽ انهن مان اڪثر جمعدار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا جو اسان جا ماڻهو اهڙي قسم جي ڪرت ڪرڻ نه ڄاڻن،

    هڪ ڏينهن خبر پئي ته ڪلام ڪيلمينٽ ڪراچيءَ جي عطر ڳليءَ کان لگهندي بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ سندس دم پرواز ڪري ويو، ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ڪلام ڪليمنيٽ جو اهڙو المناڪ موت عطر ڳليءَ مان گذريندي بيهوش ٿيڻ تي ڪئين ٿيو، بعد ۾ خبر پئي ته ڪلام ڪليمينٽ کي خانداني طور تي عطر سنگهڻ کان پرهيز ٿيل هو، هندستان ۾ ته کين عطر سنگهڻ جي لاءِ سڄي زندگيءَ ۾ نصيب نه ٿيو پر سنڌ جي هوائن ۾ اڏندڙ عطر جي خوشبوءِ ڪلام ڪليمينٽ جي لاءِ موت بنجي ويئي، ڪلام ڪليمينٽ جا مٽ مائٽ اڄ به سنڌ ۾ پدمين روپين جي ملڪيتن ۽ شهرن تي قابص آهن، پر اڄڪلهه کين عطر جي خوشبوءِ نه ٿي ماري جو انهن نڪ مٽائي ڇڏيا آهن، هاڻي هو ماڻهن کي ٿا مارين جو سندن جا نڪ سوئرن جهڙا نه پر وڄ سوئرن جهڙا ٿي ويا آهن۔

    ******* عرض؛
    هي ڪهاڻي محترم زاهد ميراڻي جي فيس بڪ تان کنئي آهي، وڏي ڳالهه ايترن مختصر لفظن ۾ بيان ڪندي، زاهد ميراڻي سنڌ مٿان ٿيل هڪ تمام موتمار حملي کي نروار ڪيو آهي، پاڪستان ٺهڻ سبب ڪروڙن ڌارين جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ هتان جي وسيلن تي آساني سان قابض ٿي حڪمران ٿيڻ واري وڏي ڪهاڻي بيان ڪرڻ تي آ سنڌ سلامت جي دوستن پاران زاهد ميراڻي کي مبارڪ ٿو ڏيان ۔۔۔ سلام دوست ۔۔۔
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڪلام ڪليمينٽ

    بهترين ونڊ آهي مهرباني
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ڪلام ڪليمينٽ

    تمام بهترين ونڊ ڪئي آهي سائين ۔ مٿان وري اوهان جن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي ان سان ڪنهن به ماڻهون کي انجو نچوڙ آساني سان سمجهه ۾ اچي ويندو۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪلام ڪليمينٽ

    ڀا زاهد ميراڻي فيس بوڪ تي ننڍيون ڪهاڻيون ( شارٽ اسٽوريز ) ۾ مشهور آهي۔ سندس اها مهارت آهي جو ڪجه سٽن ۾ سڀ ڪجه سمائي ڇڏيندو آهي۔ سندس هنن سٽن ۾ سڀ ڪجه چيل آهي ته :

    حيرت جي ڳالهه آهي جو سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيائيءَ جي ايتري ڄاڻ سنڌ واسين کي به نه هوندي هئي، جيتري ڪلام ڪليمينٽ کي هوندي هئي، سندس جو تعلق هندستان جي ڪهڙي علائقي سان هو، اها ڪنهن کي به سڌ نه هوندي هئي، پر سندس متعلق اهو ضرور مشهور هو ته ڪلام ڪليمينٽ جهڙو شخص هنن لاڙڪاڻي ۾ به ڏٺو، سکر ۾ به ڏٺو، ڪراچيءَ ۾ به ڏٺو، حيدر آباد ۾ به ڏٺو، شهداد ڪوٽ ۾ به ڏٺو، ميرپورخاص ۾ به ڏٺو، ته گهوٽڪي، پني عاقل ۽ نئون ديرو، رتوديرو ۾ به ڏٺو.،

    سنڌ جو درد رکندڙ ۽ سنڌ تي ٿيندڙ هر وار تي پاڻ لکي ٿو۔ سندس ڪافي ڪهاڻين تي دوست ناراض به ٿيندا آهن پر سچ ته سچ آهي نه۔

    ادا نثار مهرباني جو اوهان هي ڪهاڻي سنڌ سلامت تي به ونڊ ڪئي
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪلام ڪليمينٽ

    ادا زبردست تمام بهترين ونڊ آهي.
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪلام ڪليمينٽ

    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو