ٽي حبشي دوست رستي سان وڃي رهيا هيا۔۔۔ هڪ دم سندن اڳيان هڪ خوبصورت پري آئي، ان پري چيو، مان توهان ٽنهيءَجي هڪ خواهشپوري ڪرڻجي طاقت رکان ٿي۔۔ ٻڌايو توهان جي ڪهڙي ڪهڙي خواهش آهي۔۔ پهرئين حبشي چيو ” منهنجي رنگ کي اڇو ڪري مون کي خوبصورت بڻاءِ ڇڏ۔۔“ پري سندس خواهشپوري ڪئي کيس ڪاري رنگ مان اڇو ڪري ڇڏيو ۽ هو خوبصورت ڏسجڻ لڳو۔۔ ٻئين حبشي اهو ڏسي ساڳي خواهش ظاهر ڪئي۔۔ پري سندس به خواهش پوري ڪئي۔۔۔ پري هاڻي ٽئين حبشي جي خواهش معلوم ڪرڻلاءِ کيس پڇڻ لڳي۔۔ اهو حبشي پيٽ تي هٿ ڏئي کلڻلڳو۔۔۔ پري چيس تون کلين ڇو ٿو، خواهشٻڌاءِ۔۔ ٽئين حبشي يڪدم چيو، منهنجي خواهشاها آهي ته منهنجي انهن ٻنهي دوستن کي وري ساڳئي روپ ۾ آڻي ڇڏ۔۔۔ ها ها ها۔۔ اهي اٿوَ دوست۔۔۔
جواب: دوست ۽ خواهش مون کي لڳي ٿو ته اهو ٽيون ڪردار ۾ توهان ته نه هيو بس سائين الله نه ڪنهن کي توهان جهڙا دوست ڏئي پو۽ ته ٻيڙا ئي پار سدائين گڏ
جواب: دوست ۽ خواهش فقير سائين۔۔۔۔ اها ڳالهه نه ڪريو۔۔۔ :-b سڀني کي خبر آهي ته هتي ڪهڙا ٽي دوست گهاٽا آهن۔۔=)) منهنجي خيال ۾ ته ٽيون۔۔ راجا اسلام آبادي هو، توهان سان ۽ الجميلي سان جٺ ڪري ڀڄي ويو۔۔ ها ها ها
جواب: دوست ۽ خواهش مست تنهنجي هن ڀوڳ تي مونکي وري سائين زُلفي شاهه ياد پيو اچي اهو به دوست هو ۽ اسان سان ڏاڍي ڪري ويو ڪن ڏئي ٻُڌو۔ عيدالفطر واري ڏينهن شام جو اچي گهر جي دروازي تي زلفي شاهه گِرَ ڪري ويهي رهيو ته رات جي ماني مرغي ڪڙاهي ٽنڊو محمد خان جي مشهور هوٽل دلبر هوٽل تان کارائي۔ مون چيومانس چريا مان پينشن کڻندڙ ريٽائرڊ ماڻهو آهيان مان نه کارائي سگهندس پاڻ چيائين ته ڇا به ٿئي پر توکي اڄ ماني کارائڻي آهي سابه مرغي ڪڙاهي سا به دلبر هوٽل وارِي، سور ٻري کيس هائوڪار ڪيم۔ رات جو تقريبن اٺين وڳي همراهه پاڻ سان گڏ سنڌي ٻولي جي ٻاراڻي ادب جي نامياري ليکڪ محترم اياز پاٽولي صاحب کي به ساڻ وٺي آيو۔ زلفي شاهه در تي بيل ڏني، زلفي شاهه کي ڏسندي مونکان کل ڇڏائي وئي همراهه فل ڏاڙهيون مُڇون چٽ ڪلين شيو پر سندس مٿي رهيل بچيل وارن کي زلفي شاهه اهڙي طرح حجام کان ٺاهرائي آيو هو جو پري کان مٿي تي ڪارن وارن وارو ڪليئر ڪٽ چنڊ ڏسڻ ۾ پئي آيو، اڙي زلفي هي ڪهڙي ڪٽ بنائي آيو آهين ، جواب ڏنائين ته آنجهاني امريش پوري ڪٽ۔ زلفي توکي الله پُڄي باقي منهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي۔ ايتري ۾ منهنجي نظرگهر جي پاسي ۾ بيٺل سنڌي ٻاراڻي ادب جي مهان ليکڪ محترم اياز پاٽولي تي پئي سو جُهڪي وڃي کيس مون عيد مُبارڪ چئي ۽ ڀاڪر به وڌم، ان کان پو زلفي شاهه کي چيم ته چريا تون هڪڙو هلين ته دلبر هوٽل تي هڪڙو مرغي جو پيس وٺون ها هاڻي وري سائين اياز پاٽولي کي وٺي آيو آهين۔ ايترا پيسا کيسي ۾ ڪونهن۔ چيائين ته سائين اياز کي به مُرغي ڪڙاهي کارائڻي آهي ۔ مون کيسي ۾ نظر ڊوڙائي ته صرف کيسي ۾ 125 روپيا روڪ پيا هُئا، دل ۾ سوچيم ته يار وڄي ويس، هاڻي عيد جي ڀلاري ڏينهن تي جيڪڏهن دلبر هوٽل تي ويس ڪو ٻيو دل گهريو ڄاڻو سڃاڻو نڪتو ته هن 125 روپين مان ڇا ٿيندو۔ سو زلفي شاهه وارن کي هڪ منٽ جو چئي اچي مولائڻ ماسات سڳوري جو پاسو ورتم، جيئن ته منهنجي مُنهن تي ڏينهن جي ٽاڪ منجهند وارا ٻارهان وڳا پيا هُئا سو ماسات سڳوري منهنجي منهن تي اهڙن ٻارهن وڃڻ واري ٽائيم کي نوٽ ڪيو چوڻ لڳي مولائي لڳي پيو دروازي تي اهو مُئو چريو زلفي شاهه آيو اٿئي ۽ اهو توکي چوندو ته اوجهري پڪوڙا کارائي سو مون سويري تنهنجي کيسي جي تلاشي ورتي هُئي ته اُن ۾ 125 روپيا پيا هُئا گنج اٿئي وڃي چرئي کي روٽي پڪوڙا کارائي۔ چيومانس ته مولائڻ ڳالهه پڪوڙن ۽ روٽي جي هُجي ها ته سوا سو روپيه گنج آهن هو چريو دلبر هوٽل جي مرغي ڪڙاهي کارائڻ جي ضد لڳايو ويٺو آهي، ائي شل ڪو الله انهي چرئي زلفي شاهه جو اڇو منهن ڪري ، ايتري ۾ منهنجو وڏو پُٽ علي اهو بحث ٻُڌي ويجهو آيو چوڻ لڳو ته امي ابو ڇا تي بحث لڳو پيو آهي، مان ڪڏهن به پنهنجي پُٽ کان پيسن جي تقاظا ڪونه ڪندو آهيان پر مون واري ماسات سموري واقعو ڪري ٻُڌايس ته چريو زلفي شاهه پڻهي کي مرغي کارائڻ لا کڻيو بيٺو آهي ، علي ويچاري کيسي مان پنج سئو روپين جو نوٽ ڪڍي منهنجي کيسي ۾ وڌو، واهه واهه ڪم ٿِي ويو سو جلدي ٻاهر نڪتس گهر جي سامهون رستي تان چن چي وئي پي ان کي روڪيم ۽ کيس ايوبيه تي دلبر هوٽل هلڻ جو چيو، چنچي واري 50 روپيه ڪرايو ٻُڌايو، مون چيومانس خير آهي، هل وڃي اڌ مرُغي ڪڙاهي جو آرڊر ڏنو مون ۽ هڪ مڱن جي دال پڻ تيار ڪرڻ جو چيو، مرغي ڪڙاهي تيار ٿي آهي دال مُڱن جي به تندوري نانن سميت کاڌيسين۔ ٽي بوتلون پيپسي به پيتيوسين۔ جڏهن بل آيو ته اهو ساڍا چارسئو روپيه هو، بيريو بل ڏئي ٿورو اڳيان ويو، مان اٿي دخل تي پيسا ڏين پئي ويس ته زلفي شاهه چيو ته ادا توهان هلو اهي پيسا مونکي ڏيو مان پيمنٽ ڪري ٿو اچان ٺيڪ آهي هي وٺ پنج سئو جو نوٽ تون بل ادا ڪري اچ اسان اڳيان هلون ٿا۔ سو سائين اياز پاٽولي سان گڏ اڳتي وڌي ويس دلبر هوٽل کان اڳيان ايوبيه هوٽل جي پاس ۾ بابِ سيد ڪامل شاهه وارو وڏو گيٽ اتي بيهي زلفي شاهه جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. تقريبن 10 منٽن جي انتظار کان پوءِ ڏٺوسين ته دلبر هوٽل وارو بيرو ور کڻيو ڊوڙندو اچي. چوڻ لڳو سائين توهان کي شاباس آهي جو ماني کائي وري توهان ماني جا پيسا به ڪونه ڏنا، اڙي هُو جو زلفي شاهه کي اسان پيسا ڏنا هُئا ان چيو مان پاڻهي دخل تي پيسا ڏئي ٿو اچان بيرو چوڻ لڳو ته توهان سچا آهيو اها سموري ڳالهه ۽ توهان جيڪي پيسا ان کي ڏنا پئي اهي به مون ڏٺا هُئا پرهُو بجاءِ پيسا ڏيڻ جي هوٽل جي ٻاهرين پاسي واري گيٽ مان رفو چڪر ٿِي ويو، ان ڪري مان ڊوڙندو توهان تائين پهتو آهيان ، توهان سڀئي دوست سوچي سگهو ٿا ته مونسان ڪهڙو حشر ٿيو هوندو، بهرحال بيري سان گڏ واپس سائين اياز پاٽولي سميت دلبر هوٽل تي پهتس، جيئن ته دلبر هوٽل جي مالڪ دلبر سان دُعا سلام هُئي، سو کيس چيم ته يار ڪلاڪ جي اندر اُهي پيسا موٽائي ڏئي ٿو وڃان ته دلبر هوٽل جي مالڪ دلبر کلندي چيو ته سائين اهو زلفي شاهه مست اٿئي ( سنڌ سلامت جي مست کان معذرت سان) ان ڪري ان جي ڳالهه دل ۾ نه ڪجو جيڪڏهن ڪلاڪ کان پوءِ به پيسا نه ٿين تبه خير آهي جڏهن به دل چوي آرام سان پيسا ڏئي وڃجو. هاڻي ٻُڌايو اهو ته هو اسان جو شهر ٽنڊو محمد خان جيڪڏهن حيدرآباد يا ڪو ٻيو شهر هُجي ها ته اسان جا رانڀاٽ به راڄ ٻُڌن ها. بس اهو اٿوَ منهنجو ساري جهان ۾ سڀ کان وڌيڪ پياري ۾ پيارو دوست زلفي جيڪو مون سان ڏاڍي ڪري ويو. شال جُڙيو هُجي ان هوندي به منهنجون کيس سان ٻٽيهه دلون آهن. ان ڏينهن کانپوءِ درويش زلفي شاهه (عمران سومرو درويش کان معذرت سان) وري اڃان تائين نظر ڪونه آيو آهي پيش آهي مست درويش زُلفي شاهه جِي عيدالفطر کان ڪجهه عرصو پهرين جي تصوير.
جواب: دوست ۽ خواهش سائين نثار ناز صاحب ڳاله ڳاٽي کان چڙهي وئي پر وري به سائين چوندا آهن ته هل چري يارن سان ڪهڙا ليکا۔ سو اوهان به يارن سان ياري نڀايو پيا۔
جواب: دوست ۽ خواهش سائين اصل ۾ مست جا ڪم ئي اهي آهن جيئن مٿين قصي ۾ پنهنجن دوستن کي اصل روپ ۾ آندائين اهڙي نموني مست توهان سان به ڏاڍي ڪئي
جواب: دوست ۽ خواهش اهڙي ڳالهه به ناهي مست اسان اهڙا يار رکون ئي ڪو نه جو جٺ ڪري ڀڄي وڃن توهان پنهنجا ۽ پنهنجي سنگت جا قصا ڀل ونڊ ڪريو ها ها ها سدائين گڏ
جواب: دوست ۽ خواهش جيتوڻيڪ اهو ساڳيو ڀوڳ ٻي ڪنهن انداز سان به بيان ٿيل آهي ۽ شايد ادي رشيد ئي بيان ڪيو هو، پر تنهن هوندي به چئبو ته آخري دوست سياڻو ۽ دوستن جو وفادار هو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته اصليت اصليت هوندي آهي، هروڀرو همراه اڇا ٿي گهر وڃن ها ته ممڪن مار کائن ها ۔۔۔ دوستن کي هڪ پاڪستاني فلم ” گدها ۽ انسان“ ياد ڏياريندو هلان، جنهن ۾ گڏهه دعا گهرندو آهي ۽ انسان ٿي ويندو آهي، الامان انسان ٿيڻ کانپو جيڪا جٺ ٿيندي آهي سا ته فلم ڏسڻ کانپو خبر پوندي پر خئير ان فلم جو ڪردار رنگيلو آخر ۾ دعا گهري وري گڏهه ٿيندو آهي ۔۔۔ سو يارو اصل، اصل آهي ۔۔۔ گڏه، گڏهه آهي