شاهه جي سُر مارئي لاءِ چونڊ ڪيل راڳن جي شاعري سان ڀيٽ
سڪندر ساگر پنهيار
ابتدا ۾ موسيقي عبادت جو ذريعو هئي، پر پوءِ ان ۾ عوامي رد عمل به ظاهر ٿيڻ لڳو، ۽ موسيقي ٽن حصن، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ لوڪ موسيقي ۾ ورهائجي وئي جا اڄ مختلف انداز ۾ ڳائي وڄائي وڃي ٿي. شاهه صاحب جي ڪلام جو اڀياس ڪجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته شاهه جو ڪلام گنج ۽ قلمي نسخن کي ڇڏي باقي جيڪي به موجوده دور تائين رسالا ترتيب ڏنا ويا آهن، انهن ۾ 30 سُر آهن ۽ هر سُر ڪنهن نه ڪنهن راڳ ۽ راڳڻي تي آڌاريل آهي، شاهه صاحب پنهنجي ڪلام کي انهن راڳن ۽ راڳڻين ۾ ڪمپوز ڪري ڳايو، جا روايت اڄ به ڀٽ شاه تي قائم آهي ۔ شاهه صاحب نه صرف وڏي پايي جو شاعر هو پر موسيقي جي علم تي پڻ گهڻي دسترس هئس، جنهن جو اعلي مثال سندس ڪلام لاءِ چونڊ ڪيل راڳ ۽ راڳڻيون آهن اهي راڳ ۽ راڳڻيون ڪلام جي جنهن موضوع سان به ٺهڪندڙ آهن. ڪلام ۽ موسيقيءَ ۾ ڪٿي به ربط ٽٽندي نظر نه ايندو. شاهه صاحب شاعري جي فن وانگر علم موسيقي جو به هڪ ادارو آهي، جنهن تي عملي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي، عملي تحقيق جو اهو مطلب نه آهي ته شاهه صاحب جي ڪلام ۾ آيل راڳ ۽ راڳڻين جا تفصيل بيان ڪجن، جي رڳو ان پهلو تي تحقيق ڪبي ته نتيجو اهو نڪرندو جو پڙهندڙ ۽ شاهه صاحب جي علم موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ رڳو انهن راڳن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، جن تي شاهه صاحب جو ڪلام آڌاريل آهي، پر شاهه جي موسيقي ڪهڙي آهي ان بابت ڪا ڄاڻ ڪانه ملندي يا شاهه صاحب جي ڪلام کي ڪيئن ڳايو وڃي ٿو، اهو پتو ڪونه پوندو. جي هڪ نظر شاهه صاحب جي ڪلام ڳائيندڙن تي ڦيرائجي ۽ انهن کان ڪلام ٻڌجي ته واضح طرح سان شاهه صاحب جو ڪلام ڳائيندڙ ٻن حصن ۾ ورهايل آهن، هڪ فقير، ٻيو ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ لوڪ فنڪار.
ڀٽ تي جيڪو به شاهه صاحب جو ڪلام ڳايو وڃي ٿو اهو انداز جي لحاظ کان منفرد آهي ۽ وري جيئن شاهه صاحب جي ڪلام کي ڪلاسيل، نيم ڪلاسيڪل ۽ لوڪ فنڪار ڳائن ٿا اهو ڳائڻ جو انداز ڀٽ جي درگاهه تي ڳائيندڙ فقيرن کان مختلف آهي، ڳائڻ جي نه فقط ان پهلوءَ تي تحقيق فقيرن کان وٺي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، لوڪ فنڪارن ۽ موجوده دؤر ۾ ڳائڻن جي ڳايل ڪلام جا نوٽيشن ڪڍي تحريري صورت ۾ آڻڻ گهرجن، جنهن سان نه فقط ڪلام محفوط ٿي ويندو پر مختلف انداز ۾ ڳايل ڪلام جو فرق به واضح ٿي ويندو اهو ايندڙ نسل لاءِ قومي سرمايو هوندو شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جيڪي ڪلاسيڪل راڳ ۽ راڳڻيون آهن، ان جو عملي جائزو ورتو وڃي ته ڇا اهي راڳ ۽ راڳڻيون ڪلاسيڪي قاعدن مطابق آلاپجن ٿيون يا انهن ۾ ديسي رنگ ته شامل نه آهي اهو پهلو به تحقيق طلب آهي.
شاهه صاحب جي موسيقي تي عملي تحقيق جي لحاظ کان مٿي بيان ڪيل ڳالهيون بنيادي حيثيت رکن ٿيون، جي انهن پهلوئن کي نظرانداز ڪيو ويندو ته ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهنداسين. هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اهو ڪم سولائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو ۽ جديد آلات جي بنيادن تي شاهه صاحب جي ڪلام کي محفوظ ڪري سگهجي ٿو پوءِ ڪير ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿئي ٿو اهو سندس مطالعي ۽ مشاهدي تي ڇڏيل آهي. پر علمي توڙي ادبي حلقي ۾ موسيقيءَ واري پهلو تي تحقيق جي لحاظ کان ماٺار نظر اچي ٿي.
آئون ڪو علم موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو ناهيان پر ان بيٺل سلسلي کي وري تحرڪ ۾ آڻڻ جو خواهش مند آهيان ۽ ان تحقيقي مرحلي کي جاري رکڻ جي ڪوشش پيو ڪريان، جيئن شاهه صاحب جي موسيقي درگاهن ۽ علم موسيقي جي ماهرن ۽ ڳائڪن جي سيني مان نڪري هن نگري ۽ هر فرد تائين پهچي ڇو ته شاهه صاحب جي شاعري ۽ موسيقي عالم انسانيت لاءِ رهبري ۽ روحاني تسڪين جو درجو رکي ٿي.
هي تحقيق شاهه جي سورمي مارئي تي آڌاريل آهي جنهن ۾ هن سُر لاءِ چونڊ ڪيل راڳن جو تعارف ۽ سُر مارئي مان ڳايل واين جي موسيقي کي تحريري صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. مارئي سنڌ ڌرتي جو اهو مقدس ۽ عظيم ڪردار آهي جنهن کي سنڌ جي سدا حيات شاعر جنهن اتساهه ۽ انداز سان بيان ڪيو آهي ان جو مثال ادب جي دنيا ۾ ملڻ محال آهي. مارئي جي سر ۾ دنيا جي هن عظيم شاعر ۽ مهاڪوي ويهون واري ڇڏيون آهن، فڪر جي لحاظ کان انداز بيان جي خيال کان ۽ معنوي حقيقت کان هر لفظ، هر سٽ، هر بيت، هر تصور واجب تعريف آهي، لطيف جي ڏات اندر جي انهي اولڙي جو عڪس ۽ پرتوي جي پچار آهي. هن سُر ۾ مارئي جي قيدياڻي واري ڪيفيت ۽ پيڙا جو اظهار نمايان نظر اچي ٿو ته ڪيئن هن هر تڪليف کي سهندي سون تي سيڻ نه مٽايا ۽ مارن جي ريت کي ياد رکيو.
سنڌ جي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، لوڪ فنڪارن ۽ صوفي ڳائڻن شاهه جي سورمي مارئي جي داستان کي مختلف راڳن ۾ ڳايو آهي جو ساراهه جوڳو عمل آهي ۽ اها ئي وک شاهه جي موسيقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندي جي اها رٽ هڻي ويهجي ته شاهه صاحب جو ڪلام جن راڳن ۽ راڳڻين تي آڌاريل آهي ته رڳو ان ۾ ئي ڳائجي ته اهو رجعت پسنداڻو رويو ٿيندو. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ايتري ته وسعت آهي جو سندس ڪلام کي مختلف ٺاٺ جي راڳن توڙي راڳڻين ۾ ڪمپوز ڪري ڳائي سگهجي ٿو، پر هيٺين ڳالهين کي به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.
· راڳ جو مزاج ڪلام سان ٺهڪندڙ هجي ڇو جو هر راڳ ۾ پنهنجو تاثير هوندو آهي.
· شاهه جي ڪلام جو مجموعي تاثر ڏک، پيڙا، هجر، فراق وارو آهي، ان ڪري راڳ جي چونڊ به اهڙي هئڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪلام جو تاثر برقرار رهي سگهي.
· ڪلام جي موضوع، پسمنظر ۽ مزاج مطابق ڌن ڪمپوز ڪرڻ گهرجي،
پر اڪثر موسيقار ان طرف گهٽ توجهه ڏيندا آهن. جيڪڏهن ڪا ڌن ڏک جو تاثر ڏئي ٿي ته شاعري شوخ ۽ چنچل مزاج جي آهي، جي ڌن شوخ ۽ چنچل آهي ته شاعري مان پيڙا وارو تاثر اڀري ٿو، اهڙا تجربا شيخ اياز جي شاعري تي پڻ ڪيا ويا آهن، جيئن هن وائي ۾ ”ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو“ ۾ شاعر جو ڏک سمايل آهي، پر موسيقي اهڙي آهي جو محفل ۾ تاڙيون وڄايون وينديون آهن، ساڳي طرح غزل ۾ ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ“ جي موسيقي به لفظن جي تاثر سان ميل نٿي کائي ۽ ڌُن ۽ شاعري ٻئي هڪ ٻئي کان مختلف آهن، جن کي ٻڌڻ سان اهو تاثر نٿو اڀري جيڪو شاعري ۾ سمايل آهي، تنهن ڪري ڪمپوزيشن ڪرڻ مهل شاعري کي سامهون رکڻ ضروري آهي. شاهه صاحب جي سر مارئي کي مختلف راڳن ۾ ڳايو ويو آهي، پر في الحال هتي سرمارئي جي موضوع جي ڀيٽ ٻن راڳن ڀيروي ۽ ڀيرون سان ڪئي ويئي آهي.
سر مارئي جو موضوع ۽ راڳ ڀيروي:
راڳ ڀيروي وقت جي بندش کان آزاد آهي، جنهن کي ڪهڙي مهل به ڳائي سگهجي ٿو، ٻيو ته هن راڳ جي سُرن ۾ ايتري وسعت آهي جو شاعري جي مزاج مطابق موسيقي ترتيب ڏئي سگهجي ٿي، جيئن ته شاهه صاحب هن سُر ۾ مارئي جي باندي هجڻ واري ڪيفيت جو اظهار ڪيوآهي، جتي مارئي کي ڪوٽ ۾ مارن جي اُڪير اڌ ڪري ڇڏيو هو. ڏينهن رات مارن لاءِ روئندي ٿي رهي شاهه صاحب چوي ٿو ته:
هن بيت ۾ مارئي جي ڏينهن رات روئڻ واري ڪيفيت جو اظهار ملي ٿو، مارئي پل پل مارن کي ساري ٿي سندس اندر ۾ دردن جو اوتارو آهي، مارن جي وڇوڙي هٿ وڍي ڇڏيا اٿس ۽ سندس جدائي ۾ ڪڙهي ٿي جنهن لاءِ شاهه صاحب چوي ٿو ته:
مٿي ڏنل بيتن ۾ ٻن ڪيفيتن جو اظهار ملي ٿو هڪ روئڻ ٻيو فراق ۽ ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ روئڻ ۽ پيڙا جو ڪو وقت ناهي ۽ اهڙو ئي اظهار هن سُر جي ٻين بيتن ۽ واين ۾ ملي ٿو، جي هنن ڳالهين کي سامهون رکجي ته ايئن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سُر مارئي لاءِ راڳ ڀيروي جي چونڊ موضوع سان ٺهڪندڙ آهي، هن راڳ ۾ مارئي جي ڪيفيتن کي ڪهڙي مهل به ڳائي سگهجي ٿو.
راڳ ڀيروي:
راڳ ڀيروي سمپورڻ راڳ جو قسم آهي، جنهن جو وادي سر ”سا“ ۽ سموادي سُر ”پا“ آهي آروهي ۽ امروهي ڪجهه هن ريت آهي.
آروهي: سا – ري – گا – ما – پا – ڌا –ني – سا.
امروهي: سا – ني – ڌا – پا – ما – گا – ري –سا.
سُر مارئي جو موضوع ۽ راڳ ڀيرون:
سنڌي پرڪاش جو هي راڳ ان وقت ڳايو ويندو آهي جڏهن رات ۽ ڏينهن جو ميلاپ ٿيندو آهي، يعني اول صبوح جو راڳ آهي، هن راڳ ۾ به شاهه صاحب جي سُر مارئي کي ڳايو ويو آهي جي راڳ ڀيرون جي وقت ۽ شاهه صاحب جي سر مارئي تي هڪ نظر ڦيرائجي ته وقت جي لحاظ کان هڪ جهڙايون ملن ٿيون. شاهه صاحب هن سُر ۾ مارئي جي رات کٽڻ ۽ پرهه ڦٽڻ واري مهل جي ڪيفيتن جو اظهار ڪيوآهي، جيئن مارئي ڪوٽن ۾ پرهه ڦٽي مهل کوهه تي ڀيرا ڏيڻ، ڀوڻ ڦيرائي پاڻي ڪڍڻ جو ڀڻڪو نٿي سڻي، ڇا ڪيفيت شاهه صاحب هن ريت بيان ڪئي آهي.
ڀني جي ڀوڻن، ڀيچ ڀڻڪو نه سڻان
مارئي صبح جو لسي ولوڙڻ جو مهلون ياد ڪري ٿي، جنهن لاءِ ساهه صاحب چوي ٿو،
ويرون ولوڙ جون، ساريان گهڻو صبوح.
مارئي کي محل ۾ ڏنل عمر جا سک زهر ٿي لڳا کيس سدائين مارن جي تات هئي مارئي پنهنجن مارن جي فراق ۾ هيڻان حال ڪري ڇڏيا، ايتري قدر جو کيس عمر وٽ منهن ڌوئڻ به عيب ٿي لڳو ان ڳالهه جو اظهار شاهه صاحب هن ريت ڪيو آهي.
منهن منهنجو سومرا، مر ميروئي هوءِ!
متان مارو چوءِ، ته ڌوتو ڌوراڻن ۾.
(سر مارئي، ابيات منفرقه)
راڳ ڀيرون شاهه صاحب جي سر مارئي جي ڪلام جي موضوع ۽ مزاج سان ٺهڪندڙ آهي، هن سر مان راڳ جي مطابق ڪلام جي چونڊ ڪري ڳايو وڃي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو.
راڳ ڀيرون کي ٻن حصن ۾ پورو انگ ۽ اترانگ ۾ ورهائي هن سُر کي ڳائجي ته مڪمل طرح سان هڪ قيدياڻي جو تصور ذهن ۾ اڀري ايندو پوري انگ ۾ ايئن محسوس ٿيندو ته هڪ بيوس لاچار ۽ هيڻي عورت جا ڪمري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ بيوس بڻيو ويٺي روئي ٿي، جا چاهيندي به ڪجهه نٿي ڪري سگهي ۽ حسرت ڀريل نيڻ کڻي عرش ڏانهن نهاري ٿي، چهري تي مايوسي جا تاثر ۽ اکين مان وهندڙ لڙڪ سندس هيڻائي جي ساک ڀرين ٿا جڏهن هن سر کي اترانگ ۾ آلاپيو ويندو ۽ نکار تي ٿورو ٽڪاءُ ڪري ”سا“ تي پهچندو ته ٻڌڻ وارو انهي پيڙا جي شدت کي محسوس ڪرڻ لڳندو ته هو اهڙي عورت آهي جنهن جو سَنڌ سَنڌ ساڻو، اکيون اوجاڳن ۾ ورتل آهن، جا قيد مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر کيس ڪو وجهه ٿو ملي ته دانهون ڪرڻ لڳي ٿي ۽ جڏهن سندس دانهن جا پڙاڏا ڪمري ۾ دم ٽوڙي ويهن ٿا، ته مجبور ٿي منهن مونن ۾ وجهي روئڻ لڳي ٿي.
راڳ ڀيرون ۾ مارئي جي پرهه ڦٽي واري مهل جي ڪيفيتن جو اظهار ڪري سگهجي ٿو، ڇو جو هن راڳ جو وقت ئي اول صبوح جو آهي. انهي کان سر جو موضوع راڳ ڀيرون سان ٺهڪندڙ آهي.
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان

اِيءُ نه مارن ريت، جي سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،
پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مَٽيان.
(سر مارئي داستان 3)

جي امر هڻيو اڌ ڪري، سي ڪاغذ لکان ڪيئن؟
واڳيون جي وصال سين، تنين چاڙهي چيئن،
رُئا راتو ڏينهن، جئن ان جي وائي ۾ ور گهڻا.
واڳيون جي وصال سين، تنين چاڙهي چيئن،
رُئا راتو ڏينهن، جئن ان جي وائي ۾ ور گهڻا.
هن بيت ۾ مارئي جي ڏينهن رات روئڻ واري ڪيفيت جو اظهار ملي ٿو، مارئي پل پل مارن کي ساري ٿي سندس اندر ۾ دردن جو اوتارو آهي، مارن جي وڇوڙي هٿ وڍي ڇڏيا اٿس ۽ سندس جدائي ۾ ڪڙهي ٿي جنهن لاءِ شاهه صاحب چوي ٿو ته:
اڄ پڻ چڪيم چاڪ، ونهين ويڙيچن جا،
سورن اچي سومرا! اندر ڪي اوطاق،
ماروءَ جي فراق، هڏ منهنجا ڪپيا.