السلام عليڪم دوستو اڄ جيڪا مان اوهان سان سائيٽ شيئر ڪري رهيو آهيان اها هڪ بهترين سافٽ ويئرس جي سائيٽ آهي ان سائيٽ تي توهان کي هر سافٽ ويئر ملندو ۽ هر سافٽ ويئر جو تازه ورجن ملندو هن سائيٽ جي وڏي خوبي اها آهي ته توهان جيڪي به سافٽ ويئر ڊائونلوڊ ڪرڻ ٿا چاهيو ان کي چيڪ لڳايو ۽ ڊائونلوڊ شروع ڪريو ۽ وري وڏي ڳاله اها ته توهان انسٽاليشن جي فڪر کان آجا ٿئي ويهي رهو هن سائيٽ جي اها ئي ته خوبي آهي ته سافٽ ويئر انسٽال ڪرڻ کان پو۽ ان کي پاڻ ئي توهان جي سسٽم ۾ انسٽال ڪندو توهان جي راين جو شدت سان انتظار رهندو http://ninite.com/
جواب: ninite هڪ بهترين سافٽ ويئرس جي سائيٽ !!1 ادا ڦلپوٽه صاحب زبردست شيئرنگ آهي ۔ اوهان جي هر ونڊ لاجوب آهي۔ سنڌ سلامت جو اڱڻ اوهان جهڙن دوستن جي ڪري ئي آباد آهي۔
جواب: ninite هڪ بهترين سافٽ ويئرس جي سائيٽ !!1 مهرباني ادا سليمان اصل ۾ جيڪو ماڻهو پاڻ محبتي هوندو آهي اهو سڀ ڪنهن کي پاڻ جهڙو محبتي سمجهندو آهي قرب سائين سدائين گڏ
جواب: ninite هڪ بهترين سافٽ ويئرس جي سائيٽ !!1 سائين مهرباني پر مونکي هن سائيٽ جي سمجھ نه آئي ڇوته هنن سافٽويئر جي انسٽاليشن جي لا پنهنجو مخصوص انسٽالر ڏين جن جا اغراض واضح ٿيڻ کان سوا آئون هن تان انسٽاليشن جي حق ۾ نه آهيان وڌيڪ سائين رشيد جهڙا ماهر ڪجھ تبصروڪن ته بھتر رهندو
جواب: ninite هڪ بهترين سافٽ ويئرس جي سائيٽ !!1 ويب سائيٽ جو اسڪرين شاٽ واهه سنگت! تمام بهترين ونڊ آهي، اوريجنل سيٽ اپ فائلون هڪ ئي وقت هڪ ئي هنڌ۔۔۔ زبردست، پر يار ان ويب سائيٽ جي انسٽالر تي ڀروسو ڪرڻ ٿورو رسڪي ٿو لڳي، وڌيڪ سنگت جي مرضي
جواب: ninite هڪ بهترين سافٽ ويئرس جي سائيٽ !!1 مهرباني اد سلمان رشيد صاحب جي تبصري جو انتظار رهندو سائين آهي ئي سڄو ڪم رسڪي ، زندگي ئي رسڪي آهي ڪنهن کي ڪا آهي خبر 8-}8-}8-} پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا سائين سدائين گڏ
جواب: ninite هڪ بهترين سافٽ ويئرس جي سائيٽ !!1 ادا سٺي سائيٽ آهي اهڙي سائيٽ سائين عبدالرشيد جن اڳ ۾ شيئر ڪئي هئي ڪافي وقت ٿي ويو آهي شايد اوهان کي ياد هجي بهرحال ڪافي سافٽويئر هڪ جاء تي ملڻ وري ان جو انسٽال ٿيڻ به يقيني هجڻ اها يقينا فائدي جي ڳالهه آهي ليڪن ادا بشير جي ڳالهه کي به وزن آهي ته جيڪڏهن فقط انسٽاليشن جي سهولت ڏئي ليڪن سافٽويئر ڊائون لوڊ نه ٿئي ته پوء بيڪ اپ وغيره نه ٿو ٺاهي سگهجي ڪڏهن نيٽ آهي ڪڏهن نه آهي ڪڏهن اسپيڊ اپ ڪڏهن لو انهن صورتن ۾ جيڪڏهن بيڪ اپ هوندو ته فڪر نه هوندو بهر حال معلومات جي کوجنا ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي ان ڪري جيڪڏهن ڪو به دوست نئين معلومات فورم تي شيئر ڪري ٿو ته ان کي ايپريشيئيٽ همت افزائي ڪرڻ ضروري آهي . ان ڪري فقير سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان وقت ڪڍي اهڙيون سائيٽون تلاش ڪري وري سنگت سان شيئر ڪيو ٿا توهان جا لک لائق.
جواب: ninite هڪ بهترين سافٽ ويئرس جي سائيٽ !!1 فقير سائين غلطي معاف۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هي ونڊ پهريان ڪنهن ٻئي دوست ڪئي آهي۔ وري به ياد ڪرائڻ جي مهرباني، مان هي سائيٽ يوز ڪندو آهيان۔۔۔۔۔۔زبردست آهي