ڪراچي، موتئي جا گل ۽ سنڌي نوجوان!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 سيپٽمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪانگل خط کڻي وڃ

    ڪراچي، موتئي جا گل ۽ سنڌي نوجوان!

    حفيظ ڪنڀر

    ڪيئن آهين؟ تنهنجا موڪليل ڪتاب مليا، پهريون ڪتاب ئي مون کي اسپتال ۾ شروع ڪرڻو پيو. ٻن ڏينهن کان داخل آهيان، ڪالهه ته سڄو ڏينهن ڊاڪٽرن انجيڪشنز هڻي سمهاري رکيو هو. رکي رکي کاٻي ڪرائي وارا وڍ ڏکن ٿا. صبح جو ڊاڪٽر آيو هو، ڊگهي ۽ بيڪار ڪائونسلنگ ڪري ويو آهي. دوائن جو نئون گروپ شروع ڪرايو اٿن، شايد شام جو گهر هلي وڃان. انهيءَ گهر، جتي رڳو ديوارون آهن ۽ منهنجي اڪيلائي آهي. خير! تنهنجي گذريل خط ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان ڦاسي پيل نيشنلزم بابت چڀندڙ سوال تون ڪنهن کان پڇي نٿو سگهين. مون کي ته ڪير نيشنلزم جي هاڻوڪن Trends بابت تفصيل ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. تو وٽ ڪي ڪتاب هجن ته موڪلي ڏجان.

    تو خط ۾ اها ڳالهه به ڇيڙي ته هن دور ۾ ويلفيئر ۽ سروس کي بنياد پرستن پنهنجي سياست جو اهم حصو بنايو آهي. جنهن جو مثال مڊل ايسٽ کان هندستان جون سياسي پارٽيون به آهن. هندستان ۾ ته راشٽر سيوڪ سنگ جهڙي پارٽي گانڌي کي گولي هڻڻ کانپوءِ ماڻهن جي ”خدمت“ جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي ۽ هن وقت انهيءَ تنظيم جو رضاڪاراڻو نيٽ ورڪ دنيا جو وڏي ۾ وڏو رضاڪاراڻو نيٽ ورڪ ٿي چڪو آهي. اسپتالون به هلائن ٿا، اسڪول به هلائن ٿا، سوين هنري گهر به اها ئي تنظيم ٿي هلائي ۽ سياست تي به اثرانداز ٿئي ٿي ۽ پوري هندستان ۾ اقليتن لاءِ جيڪي ”ڀلائي“ جا ڪم ڪري ويٺي، انهيءَ جي خبر به سڄي دنيا کي آهي. مسلمان ۽ عيسائي آبادي کي ڪهڙي نموني سڱن تي کڻيو ويٺي آهي، انهيءَ جو اندازو ته توکي هوندو. اهڙي طرح مڊل ايسٽ ۽ عرب دنيا جا مخير صاحبان آهن، انهن سائوٿ ايشيا جي ڪهڙين Right wing تنظيمن کي ضيائي آمريت کان اسپانسر ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ انهيءَ اسپانسرشپ جا ڪهڙي طرح فرقيواراڻا نتيجا پنهنجي پياري ملڪ ۾ نڪتا آهن، سا به ڪنهن کان ڳالهه ڳجهي ڪونهي.

    اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي قومي ڌارا جي سياست ڪندڙ پارٽين لاءِ به اڇوتيون آهن ته ملڪي ليول جي جمهوري (؟) سياست ڪندڙ پارٽين جي به سمجهه کان ٻاهر آهن، باقي سنڌي ماڻهن کي ٻوڏ کانپوءِ ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ جو مطالبو به آسان آهي، ته کين صلاح ڏيڻ به سولو ڪم آهي. آئون ڪيتري عرصي کان چوان پئي ته قومي ڌارا جي سياست ڪندڙ قيادت کي پهرين ڪراچي شفٽ ٿيڻ گهرجي، جنهن جي ڏڍ تي شايد ڪجهه ماڻهو پاڻ کي ڌڻيڪا سمجهن.

    هون به گذريل ٻن ڏهاڪن کان ماڻهن ڪراچي جو رخ ڪنهن اپيل، صلاح يا مطالبي جي بنياد تي ناهي ڪيو. اصل ۾ ٻيا محرڪ آهن، جنهن ڪري ماڻهن وڏن شهرن ڏي پنهنجي پنڌ جو رخ ڪيو آهي ۽ انهن کي ڪنهن به وڏي شهر جي دهشتگردي جي لهر نه اچڻ کان روڪي سگهي آهي، نه رهڻ کان روڪي سگهي آهي، ۽ مون کي يقين آهي ته شهرن طرف ماڻهن جو اهو رخ رهندو ئي رهندو، پر اسان جي ڳوٺاڻي انداز جي سياست جي Vision جو اهو حال آهي جو ٻوڏ ستايلن لاءِ ڪراچي ۾ به ڳوٺ اڏي کين آباد ڪرڻ جا مطالبا پيا ڪريون!! انٽرنيشنل شهر ۾ سنڌين جي آبادڪاري جو مطالبو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ سنڌين لاءِ ٽائون ٺهرائي ڏيڻ جي مطالبي ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي!؟ آئون ته پنهنجي منهن سچل ڳوٺ، چڪرا ڳوٺ، صفوران ڳوٺ کي سچل ٽائون، چڪرا ٽائون، صفوران ٽائون چوندي وتندي آهيان، پر الائي ڇو اسان جي سوچ مان ڳوٺ لفظ نڪري ئي نٿو، جڏهن ته اهي علائقا بلڪل شهري علائقا آهن ۽ هر حال ۾ قاسم آباد کان ته ٺيڪ آهن.

    مون کي اندازو هو ته ٻوڏ جي شدت گهٽجڻ کانپوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد پهتل سنڌي ماڻهن جي گهڻائي پنهنجي ”اباڻن پڊن“ ڏي واپس ٿيندي، پر اها واپسي ڪنهن ڌر جي دلي خواهش جي پٽاندڙ نه، پر پنهنجي مرضي ۽ خواهش تحت ٿيندي ۽ ٿورا ماڻهو انهيءَ شهري زندگي کي قبول ڪندي اتي رهڻ لاءِ ڪي جتن ڪندا. پر انهن جي رهنمائي ڪير ڪري؟ خاص طور انهن بيروزگار نوجوانن جون کيپون جيڪي سيلاب ۾ ڌڪجي اچي شهرن جي ڪنڌي تي لڳيون آهن، انهن کي روزگار جي حاصلات لاءِ ڪير گائيڊ ڪري!؟ ڪراچي مان سگا به ذري گهٽ گم آهي، اهڙو ٻيو ڪو ادارو ڪونهي، جو محنت مزوري جي سلسلي ۾ رهنمائي ڪري. ننڍا وڏا روزگار، روزگار تائين پهچڻ جي محنت ۽ مسلسل ڪوششن جي لاءِ همت افزائي ڪرڻ وارا فورم هجڻ گهرجن ها.

    مون ته ڪراچي جي شهر ۾ سنڌي ڇوڪرن کي سگنلز تي شام جو گل وڪڻندي ڏٺو آهي. اهي نوجوان شام جو ماڻهن کي مرڪن سان گل آڇين ٿا، صبح جو ڪنهن اداري ۾ پڙهن به ٿا. مون کي ريسٽورنٽس جي مخصوص يونيفارم پاتل ڪيترائي اهي سنڌي نوجوان به ملن ٿا، جيڪي رات جو ويٽر آهن، ڏينهن جو ڪنهن تعليمي اداري ۾ شاگرد آهن. رهي سهي ڳالهه سنڌي ميڊيا تي اچي ٿي (سڀني ڌرين سميت) ته اها پنهنجي اخباري صفحن ۽ ٽي وي اسڪرين تي اهڙا سلسلا هلائي، جن سان ڪراچي ۾ رهندڙ توڙي هن سيلاب ۾ ايندڙ نوجوان ڇوڪرن کي روزگار حاصل ڪرڻ جون اٽڪلون ۽ هنر ٻڌائي، انهن جي رهنمائي ڪري.

    اخبارن کي اهي سلسلا هلائڻ گهرجن، جن ۾ ”ڪم خرچ“ ۽ عزت ڀريو روزگار حاصل ڪرڻ/محنت مزدوري ڪرڻ جا گُر ۽ انهن ماڻهن جا تجربا ٻڌايل هجن، جيڪي هن شهر ۾ ٻچن جو گذر ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن انهيءَ عمل سان ڪراچي-حيدرآباد ۾ هڪ هزار نوجوان روزگار سان لڳي ويا ته منهنجي لاءِ اهي هڪ لک هوندا، پوءِ ڀلي اهي برگر جا ريڙها لڳائن، اخباري هاڪر ٿين، ويٽر ٿين. آچر-اربع بازارن ۾ واچون ۽ رانديڪا وڪڻن، ٽيوشنون ڏين يا شام جو ڪنهن سگنل تي بيهي موتئي جا گل وڪڻي ماڻهن جي مرڪن سان آجيان ڪندي گاڏي ۾ ويٺل جوڙي کي ”هيلو سر! فلاورز فار يو“ چون...انهيءَ گهڙي آئون ڪراچي جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هونديس ته مون کي سنڌ جي ئي خوشبو ايندي، آئون ڪراچي جي سنڌي نوجوانن کي اهو ئي چئي سگهان ٿي.

    فقط تنهنجي ريما-ڪراچي

    writerhafeez@yahoo.com

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪراچي، موتئي جا گل ۽ سنڌي نوجوان!

    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪراچي، موتئي جا گل ۽ سنڌي نوجوان!

    ليک حفيظ ڪنڀر جو آهي، هيٺان لکندڙ جو نالو ”ريما “ آهي ۽ هن اڱڻ تي پيش ڪرڻ وارو سليمان وساڻ آهي ۔۔۔

    ريما ته الائجي ڪير آهي؟ پر حفيظ ڪنڀر سنڌي ليکڪن ۾ سٺو ليکڪ آهي، جو وقت سر اهڙا ته سهڻا ليک لکندو آهي جو کيس سلام ڪرڻ تي دل چوندي آهي ۔۔۔

    بيشڪ اڄ جي حالتن مان سنڌ کي هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو سنڌ جي ڳوٺن مان ڪي ستايل اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا آهن ۔۔۔ سچل ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر جون کٽون واڻ ڪرائيندي خبر پئي ته سچل ڳوٺ ۾ سڀ کٽون واڻڻ وارا پنهنجا سنڌي ۽ بلوچ آهن، جيڪي جيڪب آبا ۽ ٻين علائقن مان اچي هت ويجهر ۾ آباد ٿيا آهن ۔۔۔ مون ان واڻ واران کان پڇيو ته چيائون ته سائين اسين ڪافي نوجوان مختلف ڪمن ڪرڻ ۾ ڀڙ آهيون ۽ سڄي ڪراچيءَ ۾ ڦري گهري پيٽ گذر جا حيلا ڪري رهيا آهيون ۔۔۔

    دوستو! سچ پڇو ته مونکي محترم سائين جي ايم سيد ياد اچي ويو جنهن ڪنهن زماني ۾ قومپرست دوستن کي حڪم ڪيو هو ته ڪراچيءَ تي مالڪي ڪرڻي اٿوَ ته سنڌين کي ڪراچيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جا جتن ڪريو ۽ جي ڪو فقير به ملي وڃيوَ ته کيس ڪراچيءَ جي ٽڪيٽ وٺي کيس ڪراچيءَ جو ڏس ڏيو ۔۔۔

    قدرت به عجيب آهي، هر جيوَ کي ايترو ته عقل آهي جو هو موت کان ڀڄي سگهي ۽ بک جو بلو ڪري سگهي پر جي موجوده ٻوڏ واري حالت کي ڪنهن سٺي اسلوب سان هٿ وس ڪجي ها ته سنڌ کي تمام گهڻو فائدو ٿئي ها ۔۔۔ پر افسوس نه ته قومپرست ڪو ٻوٽو ٻاري سگهيا نه وري ڪي وفاق پرست سياسي پارٽيون ڪو اهڙو عمل ڪري سگهيون جنهن سان ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي آبادڪاريءَ کي منظم ڪري سگهجي ها !!!!

    لک ٿورا ادا وساڻ، اوهان جا ونڊ ڪيل سڀ ليک انتهائي معلوماتي ۽ اکين کوليندڙ هوندا آهن ۔۔۔ ڀلا ڀاڳ هن اڱڻ جا جو اوهان جهڙا دوست هن اوطاق تي موجود آهن ۔۔۔ رب اوهانکي آباد رکي ۔۔۔ آمين
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪراچي، موتئي جا گل ۽ سنڌي نوجوان!

    هڪ محتاط اندازي مطابق صرف ڪراچي ۾ ٻهراڙين کان آيل سنڌين جو تعداد هڪ لک کان وڌيڪ آهي۔۔۔ پر رجسٽريشن ڪندڙڪيمپن جو رخ ڪجي ته اندازو ان کان به وڌي وڃي ٿو۔۔۔ جيڪڏهن ماضي کي ڏسجي ته ڪراچي ۾ ڏتڙجي کوڙ قومن جا ماڻهون آياجيڪي نه صرف هتي رهائيش پذير ٿي ويا پر برسرِ روزگار ۽ جائداد جا مالڪ به بڻجي ويا۔۔۔ پر هاڻي جي صورتحال۾ ايندڙ ڌرتي ڌڻي يا ته ڪيمپن ۾، عارضي رهائش تي يا وري مٽن عزيزن جي وٽ ترسيل آهن۔۔۔ هڪ ٻئي اندازي مطابق حالتن بهتر ٿيڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ 80 فيصد ماڻهون واپس ماڳن ڏانهن موٽيا آهن۔۔۔۔
    هڪ واپس ويندڙ خاندان جي نوجوان کي جڏهن همت ڏياريندي صلاح ڏنم ته ”هوئن ته توهان پاڻ کي ڳوٺن ۾ غيرتي ذات سڏائيندا آهيو ۽ ڳوٺ ۾ ايندڙ غير ذات واري ماڻهون سان وڙهڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا آهيو۔۔۔ پوءِ پنهنجي عزتن، ننگن ۽ بهتر مستقبل خاطر هتي ڪراچي ۾ ڇو نه ٿا رهڻ جي ڪوشش ڪريو۔۔ محنت مزدوري کان شروعات ڪريو ڇو ٿا مائٽن ۽ عزين تي ڀاڙيو۔۔۔ پنهنجي زورِ بازو جي طاقت سان حالتن جو مقابلو ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکارو ته اسان سنڌي به پٺاڻن ۽ بنگالين کان گهٽ نه آهيون ۔۔۔۔ اسان مشڪل حالتن کي سڌريل حالتن ۾ تبديل ڪري سگهون ٿا۔۔۔۔“ ته ان نوجوان جواب ڏنو۔۔۔ ”ابا هتي ڪراچي ۾ ڇا آهي۔۔۔ اتي پنهنجي گهر ۾ ڀلا لسي ماني ته ملي ٿي۔۔۔ چاهي ڪم ڪيون يا نه۔۔۔ جڏهن بغير تڪليفن جي پيٽ ڀرجي ٿو ته پوءِ ڇو ٻين جي درن تي خوار ٿيون يان تڪليفون ڏسون۔۔۔۔“
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪراچي، موتئي جا گل ۽ سنڌي نوجوان!

    جيتوڻيڪ گهڻا ماڻهو واپس وڃي رهيا آهن پر پوء به سنڌين جو گهڻو تعداد ڪراچي ۾ رهندو۔ اهي جيڪي ڪئمپن ۾ رهن ٿا گهڻو ڪري اسڪول ۽ ڪاليجن جي عمارتن ۾ اهي شايد واپس وڃن۔

    ناردرن باء پاس وٽ رهندڙ هڪ گهراڻي سان ملاقات ٿي جنهن جي هڪ نوجوان جيڪو گهڻو سوشل پئي لڳو ٻڌايو ته اسان جا ڪجه نوجوان صبح جو ڪهاڙا کڻي جهنگ مان ڪاٺيون ڪپين ٿا ۽ روزانو 600 کان 800 روپيه في ماڻهو ڪمائي ٿو۔ ڪجه نوجوان رات جو سبزي منڊي وڃن ٿا ۽ هرهڪ 400 کان 500 ڪمائي اچي ٿو۔ هن جو چوڻ هو ته اسان ڪراچي ۾ ئي رهنداسين ڇو ته ڳوٺ ۾ مايوسين کانسوا ڪجه ناهي۔

    مان سمجهان ٿو ته اسان جي سماجي ۽ سياسي تنظيمن کي هر ڪئمپ ۾ وڃي تبليغ ڪرڻ کپي ۽ ماڻهن کي هتي رهائڻ لاء آماده ڪرڻ گهرجي
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪراچي، موتئي جا گل ۽ سنڌي نوجوان!

    ڀائو اوهان شيئر ڪئي آهي۔ته يقينن بهترين ونڊ هوندي مان پڙهان ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو