جيئن ته هن جديد ٽيڪنالوجي جي دور ۾ دنيا ۾ ڪافي سهولتون اچي ويون آهن اهڙين سهولتن مان هڪ سهولت سولر سسٽم جي به آهي ان ذريعي اوهان بجلي جي لوڊ شيڊنگ دوران ڪجهه بچا ء جا اپاء وٺي سگهو ٿا مثلا ٻه ٽي ڏينهن بجلي نه هجي ته ڪنورٽر به ڪم نه ڪندو ته پوء سولر سسٽم جي پينل ذريعي توهان بيٽري کي چارج ڪري سگهو ٿا ۽ ڊائريڪٽ 12 وولٽ وراو فين (پنکو) به توهان ڏينهن جو مسلسل هلائي سگهو ٿا جو اهو سسٽم سج جي روشني ته ڪم ڪندو آهي رات جي لاء اوهان کي بيٽري چارج ڪري ان جو سهارو وٺڻو پوندو اها ته ڪافي دوستن کي خبر هوندي ليڪن هن ٿريڊ کي پڇڻا نه مجهڻا وري سيڪشن ۾ شيئر ڪري مان دوستن کان ان سسٽم جي متعلق وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان کي حاصل ڪرڻ لاء ڪيترا پئسا گهرجن جڏهن ته مون پنهنجي طرفان معلومات حاصل ڪئي آهي ته 250 روپيه پر واٽ يعني 100 واٽ جو پينل اگر خريد ڪبو ته 25000 روپيه ڏيڻا پوندا اهو ريٽ مونکي فائنل مليو آهي نئين ماڻهو کي ته 350 روپيه 400 روپيه يا ڪم و بيش ٻڌائين ٿا ته اسان وٽ اوريجنل جرمني سيل وارو پينل آهي وغيره وغيره بهرحال ڪراچي ۾ رهندڙن دوستن کي عرض آهي ته ان متعلق معلومات حاصل ڪري هن ٿريڊ ۾ شيئر ڪن ته سندن مهرباني ٿيندي.
جواب: سولر سسٽم دوستو جيڪڏهن ان سولر سسٽم جي باري ۾ ڪا معلومات توهان وٽ آهي ته مهرباني ڪري ونڊ ڪئي وڃي سدائين گڏ