ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
يڪتاري چپڙيءَ جو بادشاهه فنڪار ”جلال چانڊيو“
مقيم جلباڻي فتح پوري
راڳ جي دنيا ۾ سنڌ ۾ يڪتاري چپڙيءَ جو بادشاهه جيڪڏهن جلال چانڊيو کي چيو وڃي ته منهنجي خيال ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. جلال ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوقين هو، ان شوق جي ڪري هو ڪڏهن اسڪول به ڪا نه ويو تنهن ڪري والدين کيس کي ٻڪريون چارڻ لاءِ وٺي ڏنيون، هي ٻڪريون چارڻ دوران ڪلام جهونگاريندو وتندو هو، انهيءَ دوران ڪنهن سان محبت جي لنوءُ لڳي، ۽ ازد سٽون ڏئي اڀرڻ لڳو، ٿوري وقت کانپوءِ جلال پنهنجي تر جي علائقن ۾ ٿيندڙ مختلف بزرگن، فقيرن جي ميلن ۽ محفلن ۾ ڳائيندو هو، جتان سندس جي آواز جي هاڪ هر هنڌ ٻڌڻ ۾ آئي اهو ئي سبب هيو جو جڏهن جلال يڪتارو چپڙي کڻي ساز و آواز جي دنيا ۾ داخل ٿيو ته هن وڏي مقبوليت ماڻي ۽ هن موسيقيءَ ۾ هڪ پنهنجو جدا ۽ منفرد مقام ٺاهيو، سندس جي سڃاڻپ وڏا شهپر نرڙ تي ڳاڙهو ٽوپ ۽ سڀني سان محبت ۽ نوڙت سان ملڻ به هوندو هو، جلال چانڊيو گهٽ علم (يعني) اڻ پڙهيل هجڻ باوجود به کيس کي يڪتارو ۽ چپڙي هلائڻ تي مهارت حاصل هئي.
جلال چانڊيو ان وقت اڀريو جڏهن سنڌ ۾ عطاٰءُ الله نيازي، عنايت حسين ڀٽي ميڊم نور جهان، زبيده بيگم (يعني) پنجابي ڪلچر (موسيقي) نئون ڌاڪو ڄمائي رهيو هو،اتي بعد ۾جلال جون ڪيسٽون وڄڻ لڳيون ، جيتوڻيڪ شروع شروع ۾ ريڊيو، ٽي وي يا ڪيسٽ ڪمپنين وارا جلال چانڊيو کي يا سندس جي راڳ کي ڪا به اهميت ڪا نه ڏيندا هئا، ۽ اڃا ڪيسٽ ڪمپنين پاران جلال جي ڪا به ڪيسٽ مارڪيٽ ۾ ڪا نه آئي هئي، سو ان ڪري جلال جا چاهيندڙ سندس رچايل محفلن، پروگرامن ۾ وڄي ڪيسٽون ڀري (ريڪارڊ) ڪري ايندا هئا، جيڪي ڪيسٽون جهر جهنگ، هوٽلن ۽ گهرن ۾ وڄنديون هيون، اهڙي طرح عنايت، ڀٽي“ عطاالله نيازي وغيره جهڙن فنڪارن کي به جلال جي آواز پوئتي ڌڪي ڇڏيو. جلال جي اهڙي مڃتا، چاهت ڏسڻ کانپوءِ نيٺ مجبور ٿي ڪيسٽ ڪمپنين پاران ڪيسٽون رڪارڊ ٿيڻ لڳيون ۽ سندس کي ريڊيو، ٽي وي تي گهرائي پڻ رڪارڊنگ ڪئي وئي، جلال جي آواز کانپوءِ ڪيتريون ئي ڪيسٽ ڪمپنيون پڻ وجود ۾ آيون جن اڳتي هلي نه صرف نالو ڪمايو، پر خوب ناڻو پڻ ڪمايو، جلال چانڊيو جي ميدان تي اچڻ تي يڪتاري وارو سنڌي راڳ ڄڻ ته زنده ٿي پيو ۽ ائين ئي سنڌ ۾ بعد ۾ کوڙ سارا فنڪار جلال واري اسٽائيل ۾ ڳائي پڻ نالو ۽ پئسو ڪمايو، جلال سنڌي موسيقيءَ کي زنده رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو سندس جي راڳ ۾ آواز ۾ اها خوبي هوندي هيس ته سندس جي ڪلام کي هر هڪ سولائيءَ سان سمجهي سگهندو هو، جلال ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ڏيکاريو، مداح جتي ڪٿي سندس جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئا، هڪ ڀيري جڏهن جلال چانڊيو سچل سائين جن جي هڪ پروگرام ۾ ڳائڻ لاءِ آيو ته جلال جي چاهيندڙ جيڪي هڪ وڏي تعداد ۾ موجود هئا سي اچي ڪڙڪيا، ڪناتون ٽٽي ويون ۽ پوليس وارن ڀڄي جان بچائي، نيٺ ساڳيو جلال جي ملڻ کانپوءِ ۽ سندس پاران ايلاز منٿ ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جو اهڙو ميڙ خاموش ٿي ويٺو. جلال سنڌ ۾ ايترو ته مشهور ٿيو جو سندس ڪيسٽون، ٽريڪٽرن، ٽرڪن، گاڏين، ويگنن، ڊاٽسن ۽ ٽانگن ۾ هلندي ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، هوٽلن ۽ گهرن توڙي اوطاقن ۾ به سندس آواز گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندو هو، جلال مجازي عشق، شاعري سان گڏوگڏ سنڌ جي صوفين جي علام کي پڻ ڳايو، اهو ئي سبب آهي جو سندس جي هر هڪ ڪيسٽ ۾ ڪنهن نه ڪنهن صوفي فقير، درويش جو ڪلام موجود آهي، ان کان علاوه جلال چانڊيو قوم پرست، شادين ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن جي موضوعن تي پڻ ڳايو.
جلال چانڊيو نه رڳو هڪ مشهور فنڪار هو پر هو هڪ سٺو زميندار، آبادگار دوست، يارن جو يار، مهمان نواز، مال متاع جو شوقين ۽ سماج سڌارڪ پڻ هو. سٺيون مينهون، سٺا ڏاند ۽ سٺا گهوڙا سندس وٽ هر وقت موجود هوندا هئا، مهمان نواز به تمام وڏو هيو، جو هو پاڻ مهمان ٿي ايندڙ جي خدمت چاڪري ڪندي فخر محسوس ڪندو هو ڪيترن قبيلن جا پاڻ فيصلا ڪري کين جون رنجشون به ختم ڪرائي ڇڏيندو هو. ان کان علاوه ڪيترن ئي بي سهارا شاگردن جو تعليمي خرچ به برداشت ڪندو هو. جلال چانڊيو جي زندگيءَ تي سن 1985ع ۾ مشهور ڊائريڪٽر شاهه اسد سندس ئي نالي سان فلم به ٺاهي، جنهن مقبوليت سان گڏ سٺو ناڻو پڻ ڪمايو.
جلال ڪافي ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻي ۽ ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا.
جلال جي اڌ عمر زندگي گذري وڃڻ کانپوءِ سندس کي بڪين ۾ تڪليف محسوس ٿي جنهن جي ڪري کيس کي ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي ٿوري وقت بيمار رهڻ کانپوءِ نيٺ 16 جنوري تي اسان کان موڪلائي ويو.
جلال چانڊيو جيتوڻيڪ اسان وٽ موجود ڪانهي، پر سندس جو فن ۽ آواز اڄ به زنده آهي، جيڪو جهر جهنگ، گهرن، هوٽلن ۾ ٻڌو وڃي ٿو، شايد ڪنهن ڏاهي سچ چيو آهي ته ”فنڪار جو فن“ ڪڏهن ناهي مرندو.
مشهور جلال چانڊيو جون وڊيوز
http://www.youtube.com/watch?v=qgwS9E4mb6Y&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=yzBj3SJgov0&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=tShA9_MYFec&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=z-ybrSvQXOA
http://www.youtube.com/watch?v=tYqzpCngpc0
http://www.youtube.com/watch?v=4b8h4q4-kHs
http://www.youtube.com/watch?v=JYDVStjpu7Y
http://www.youtube.com/watch?v=YLe4e3OZCVQ
http://www.youtube.com/watch?v=FxjKul1LFQU
http://www.youtube.com/watch?v=05bOxhUDGNM