ڊسٽرڪٽ مونٽيسري اسڪول ڪيمپ

'مختلف موضوع' فورم ۾ آرزو طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2010۔

  1. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڪجهه ڏينهن پهريان اوهان سان ڪيل واعدو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان۔

    ڊسٽرڪٽ مونٽيسري اسڪول جوتالو ڀڃي پنهنجا سر ڍڪيندڙ ٻوڏ متاسرن جو تعلق ڳوٺ بچل جهلڻ ، زرخيل ، ڳوٺ عبدالله ٻرڙو ۽ ميان صاحب سان آهي جيڪي خانپور تعلقي ۽ شڪارپور ضلعي ۾ واقع آهن۔

    اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کانپو۽ ضلع انتظاميا طرفان اسڪول پرائيويٽ ڄاڻائي خالي ڪرائڻ لا۽ ڌمڪايو ويو، پر بعد ۾ سنڌ ٽي وي نيوز جي ضلع رپورٽر سردار سنجراڻي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ضلع صدر سميع بلالي جي دٻاءُ کا نپو۽ اسڪول انتظاميا ۽ ضلع انتظاميا کي خاموش ٿيڻو پيو۔
    اسڪول ۾ پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي ڇت ته ملي ته ملي وئي پر معصوم ٻارن جي لا۽ ماني به هڪ وڏو مسئلو هو، نيٺ ڪوششن کانپو۽‌گلشير مري جيڪو هڪ واپاري دوست آهي ان اسان جي ڪيمپ ۾ هڪ وقت ماني ڏيڻ شروع ڪئي ۽ ان ماني سان اسان روزي وارن کي روزو کولرائڻ ۽ بقايا ماڻهن جي لا۽ ڪڏهن سائين محمد مراد جتوئي جي اسڪول مان کڻي اچڻ ۽ ان سان گڏ محبوب مگسي جهڙن دوستن جو تمام گهڻو تعاون رهيو، جيئي سنڌ قومي محاذ جي جي دوستن پڻ ماني جون ديڳيون ڏنيون پر ان سان گڏ برف جو ڪين پڻ روزانو مهيا ڪيو ويو۔ اسڪول جو ماحول اهڙو ئي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جيئن هو پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، پاڻ ۾ سڀ سوٽ ماسات يعني هڪ خاندان ۽ منهنجو به انهن سان ساڳيو ئي رشتو آهي۔
    جڏهن ڊي ڊي او روينيو کي ماني ڏيڻ لا۽ مجبور ڪيو ويو ۽ هن هڪ وقت ماني ڏيڻ شروع ڪئي ته ڪجهه ڏينهن ۾ گيسٽرو جهڙن بيمارين منهن ڪڍيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ٽيم دوائن سان گڏ ڊاڪٽر ۽ ليڊي ڊاڪٽر جي ٽيم جو انتظام ڪيو۔ ۽ صفائي جي حوالي سان مسلم ايڊ وارن تمام سٺو انتظام سنڀاليو ۽ اسڪول ڪيمپ مان بيماريون ختم ٿينديو ويون۔
    ڪجهه ان جي اوز جي مدد سان اسڪول جي ڪيمپ ويٺل 367 ماڻهن کي کائڻ جو سامان مهيا ڪيو ويو۔ ۽ محنتن سان ڊسٽرڪٽ مونٽيسري اسڪول جي ڪيمپ ڊسيپلين صفائي ۽ هر حوالي سان پهرين نمبر تي اچي ويئي۔ اسڪول ۾ ٻارن کي ديني تعليم ڏيڻ لا استاد مولوي محمد حيات خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي، رمضان شريف کان وٺي اڄ تائين هر ٻئي ڏينهن قرآن خواني ڪئي ويندي آهي، ۽ خدا کان مصيبتون ختم ڪرڻ جون دعائون ڪيون وينديون آهن۔
    حڪومت طرفان هڪ وقت ماني به ان جواز سان بند ڪئي ويئي ته اوهان کي ڊرا فوڊ فراهم ڪيو ويو آهي جيڪو تقريبن 5 ڏينهن جو به مشڪل سان هو ۽ اهو به صرف اڌ ماڻهن کي ڏنو ويو۔
    ضلع ۾ 7 کان وڌيڪ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز هجڻ جي باوجود به ڪو اهڙو خالي بينر به ڪٿي نظر نه آيو آهي جنهن تي ڪنهن سياسي تنظيم جو نالو لکيل هجي۔ جيڪڏهن اهي شڪارپور جا ناڪام سياستدان ۽ لامحدود دولتن جا مالڪ ڏهن ڏهن ڪيمپن جي زميواري سنڀالين ها ته ضلع جي عوام ائين بيزار بيمار ۽ مشڪلن ۾ نه هجي ها۔
    مان اسڪول جو انتظام سنڀاليندڙ نه اسڪول سان تعلق رکان ٿو نه ڪنهن سياسي تنظيم سان وابسته آهيان هڪ پرائيوٽ ماڻو ٿي ڪري فخر سان چئي سگهان ٿو اسڪول جو هر ماڻهو پنهنجي جهوپڙين ۾ هجڻ وقت هزار دفعا وڌيڪ پر سڪون هئا، پر مان پنهنجي ڪيمپ ۾ سڀني کي سڪون ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي۔
    سنڌ فورم جي سڀني دوستن کي عرض آهي ته هو اسان جي بيوس ماڻهن جي ل۽ دعا ڪريو ته جيئن هو جلد کان جلد پنهنجي گهر پنهنجي اباڻن ڪکن پنهجنجي جهوپڙي نما محلن ۾ پهچن۔
    مان نه ڪو ڪالم نگار نه اديب نه ئي ڪو ليکڪ آهيان جي ڪڏهن ڪا غلطي ڪئي هجي ته معاف ڪندا۔


    [​IMG][/IMG]
    [​IMG][/IMG]
    [​IMG][/IMG]
    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڊسٽرڪٽ مونٽيسري اسڪول ڪيمپ

    جس هجي توهان کي جو توهان ايتري همت کان ڪم ورتو آهي ان سان گڏ جيئي سنڌ ٻين توهان جي دوستن کي پڻ جس هجي جن انهن ٻوڏ ستايلن جي مدد ڪئي باقي ادا حڪومت جي ڳالهه ئي نه ڪريو
    اهي حڪومت وارا صرف مال وٺڻ جي چڪر ۾ آهن
    الله تعالى توهان کي اهڙا نيڪ ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري

    جزاڪ الله خيئر

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڊسٽرڪٽ مونٽيسري اسڪول ڪيمپ

    چڱا ڪن چڱايون، مدايــــون مــــــدن،
    جو وڙ جڙي جن، سي وڙ سي ئي ڪن۔

    لک شاباسون آهن انهن دوستن کي جن پنهنجي پنهنجي وس آهر پنهنجي قوم جي بي گهر ٿيل ۽ ٻوڏ سبب آزاريل قوم جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي، ان جو سلو صرف ۽ صرف رب العالمين وٽ آهي، محسن ماڻهون هميشه رب العظيم کي سٺيو خير پهچائيندا آهن، جن جو بدلو به کين عظيم ملندو ۔۔۔ انشآء الله

    سنڌ سلامت جي دوست آزرو کي پڻ لک شاباسون هجن، جنهن قومي ۽ انساني ڏک کي پنهنجو ڪيو آهي ۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڊسٽرڪٽ مونٽيسري اسڪول ڪيمپ

    ادا تمام بهترين ڪم ڪري رهيا آهن اسان جا سنڌي ڀائر بهترين شيئرنگ آهي ادا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو