اسين هڪ ئي وقت ٻن قسمن جي ٻوڏ ڏسي رهيا آهيون، هڪ اها ٻوڏ، جنهن ۾ سنڌي عوام جي غربتن جا سڀ گيج ٻڏي چڪا آهن. هيءَ ٻوڏ ماڻهن جي بيوسين جا سڀ بند ڀڃي، سندن الهه تلهه ته ڇا، ٻنيون ٻارا ته ڇا، سندن ئي اکين جي اڳيان سندن ٻچا به لوڙهي ساڻ کڻي وئي آهي. اسان جا آباد اُجها، گهر گهٽيون، واهڻ وستيون، ٻنيون ٻارا، شهر اوتارا پاڻي پائي ۽ پي ويو. اهي تدبيرون ۽ فيصلا، جيڪي چند منٽن جا متقاضي هوندا آهن، انهن کي هفتن جي هٿن ۾ نه ڏئي ڇڏبو آهي. ڇو ته اهڙن معاملن ۽ موقعن ۾ دير، خير جي ضمانت ڏيڻ کان قاصر هوندي آهي. پوءِ جيئن جيئن دير ٿيندي وئي، تيئن تيئن اسان جي روحن جون روڻيون وڌنديون دلين وٽ وڏن گهارن جون صورتون اختيار ڪري ويون ۽ پوءِ اسان جي احساسن جي سڄي سنڌ ٻڏي وئي. سيري جوڻيجا بند وٽ اسان جي ڪونڌرن عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙي پنهنجين حياتين جي نذراني سان بند ۾ پوندڙ گهاري کي ٻڌي مضبوط ڪري ڇڏيو. پاڻيءَ کي پوءِ اها جرئت نه ٿي سگهي ته بند جي ڪنهن به ڪنڊ وٽان منهن ڪڍي ٻهڪندڙ شهر ٻوڙي سگهي. اسين ايترا عبدالجبار ڪٿان آڻيون، جيڪي سنڌ جي هر بند ۾ پوندڙ بيشمار گهارن کي پنهنجي جان جا نذرانا ڏئي مضبوط ڪن! هن ٻوڏ ڇا ڇا نه ٻوڙيو آهي!؟ ڪچي جون ڪنڌيون ته قائم نه رهي سگهيون، پر پڪي جا شهر به سلامت رهي نه سگهيا! سيلاب کان فقط پنهنجا ۽ پنهنجن ٻچن جا سر بچائي ڪئمپن تائين پهچڻ وارن خوش نصيبن جون ته وري ڪهاڻيون ئي الڳ آهن. جتان جا ڀيانڪ منظر اخبارن ۽ ٽي وي اسڪرين تي ڏسڻ کانپوءِ اکين جي آبادين ۾ هڪ نئين ٻوڏ برپا ٿي وڃي ٿي. ڪنهن جيجل کان جوان جماڻ ڌيءُ، ڪنهن شفيق پيءَ کان پيارا پٽ، ڪنهن ڀيڻ کان مٺڙو ڀاءُ، ته ڪنهن ونيءَ کان ور جي وڇڙڻ واري ٻوڏ کان ٻاهر آيل انسانن لاءِ اذيتن جا احساس وڌي ويا آهن. هن مختصر تحرير ۾ ماڻهن جي طويل دردن جا ڪهڙا عڪس چٽيان!؟ ڪنهن جي دانهن جا داستان لکان؟ ڪنهن جي ڪيهن جا پڙاڏا پيش ڪريان؟ ڪنهن جي رڙين جا روح کي رهڙيندڙ آوازن جا اکر لکان!؟ مون پنهنجي تحرير جي شروعات ۾ ٻن ٻوڏن جو ذڪر ڪيو آهي، ٻي ٻوڏ وساري نه اٿم، پر ان جي ذڪر ۾ ٿوري تاخير ڪئي اٿم، ۽ اها تاخير اهڙي به نه آهي، جهڙي تاخير سنڌ جي تاريخ کي ئي ٻوڙي ڇڏيو آهي. اها ٻوڏ اسان عام ماڻهن جي اجهن، گهرن، اوطاقن ۽ ٻنين ٻارن جو رخ نه ڪندي، اها ٻوڏ سڌو سنئون اميرن، وزيرن، مشيرن جي محلن ۽ بنگلن کي پنهنجن گهيري ۾ آڻيندي آهي. اها ٻوڏ، جيڪا غير ملڪي امدادي ڊالرن جي ٻوڏ آهي، جيڪا ڪنهن به غريب غربي جي گهر کي گهيري ۾ نه آڻيندي آهي. فيصلن ۾ تاخير به ان امدادي ڊالرن جي ٻوڏ کي رستو ڏيڻ ۾ معاون ثابت ٿي آهي ته جيئن اها امدادي ڊالرن جي ٻوڏ آسانيءَ سان غريبن ۽ مسڪينن جي پهچ وارن پيچرن کان پاسائتي نموني پنهنجو دڳ اختيار ڪري اميرن، وزيرن ۽ مشيرن جي خوشين واري بچاءُ بند سان ٽڪرائجي وڃي، جتان پوءِ پنهنجي پنهنجي مرضي ۽ خواهشن جا ”ڪٽ“ هڻي پنهنجي پنهنجي دل جي درياءُ ۾ ڇوڙ ڪرائي سگهجي، جيئن پوءِ ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا نه پر سئوڻا“ ڪري وٺجن. دريا ته بادشاهه آهي، اهو دل جو هجي يا ديس جو. ان ۾ اهڙيون ڪيئي ٻوڏون آيون ۽ گذري ويون. باقي رهيو ٻوڏ جو ٻڏل عوام، سو ويهه هزار روپين جو ويهه ورهين تائين انتظار ئي ڪري سگهي ٿو، نه ته لٺيون، ڌڪا ۽ مانيءَ ڳڀي لاءِ ذلتون ته کيس اڄ به آسانيءَ سان مهيا ڪيون پيون وڃن. سچ ڪو ٻوڏ جو پاڻي نه آهي، جنهن کي بند ٻڌي بند ڪري سگهجي. سچ هڪ روشن حقيقت آهي. جيڪو خود بخود نروار ٿي ويندو آهي. جيئن ڪجهه وقت اڳ هڪ وفاقي وزير هڪ موقعي تي اهڙي سچ جو اظهار هن ريت ڪري ورتو هو ته: ”اسان کي ايتري ته ٻاهرين امداد ملي آهي، جو اسان جي سنڀالڻ کان مٿي ٿي وئي آهي“. اهڙي سچ ۽ حقيقت جي روشني ۾ حالتون ٻنهي طرفن کان ساڳيون آهن. حاڪم وڏي انداز ۾ مليل امدادي پئسا سنڀالي نٿا سگهن ۽ اسين ٻوڏ جا ٻڏل ماڻهو پنهنجا گهر، اجها ۽ ٻار ٻچا سنڀالڻ کان قاصر آهيون. تاريخ گواهه آهي ته سنڌ هن کان اڳ ڪڏهن به اهڙا اذيتناڪ ڏينهن نه ڏٺا آهن، جو جيڪي هٿ خود خيراتون ڏيندا هئا، اڄ اهي ئي صدورا هٿ پنڻ تي مجبور آهن. يا الله! تون سنڌ تي پنهنجي ٻاجهه ڪر! سنڌ ۾ موجوده ٻوڏ جتي تباهڪارين جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي، اتي هڪ نئين عزم ۽ اٽل ارادي جو محرڪ پڻ بڻي آهي. اچو ته پنهنجي سنڌ کي نئين سر تعمير ڪرڻ جو بار پنهنجن ڪلهن تي پاڻ کڻون. ڪنهن جي به آسري جي ٻيڙيءَ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ٻل تي پاڻ ترڻ جي ڪوشش ڪريون ته يقيناً تري پار پونداسين ۽ اجڙيل سنڌ کي وري آباد ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين. ٻوڏ اسان جا گهر، اجها ۽ ٻنيون ٻارا برابر لوڙهي وئي آهي، پر اسان جا حوصلا ۽ همتون هماليه جيان اوچا آهن. امتياز عادل سومرو/ميهڙ روزاني ڪاوش جي ٿورن سان.
جواب: روح ۾، پيل روڻيون، ء غربتن جا، ٻڏل گيج، ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾، ادي عادل سومري، ۽ سنڌ سلامت جي دوست رياض گلال سان گڏ پنهنجا هٿ به مٿي کنيل آهن ۔۔۔