غلام نبي اُداسي بلوچ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غلام نبي اُداسي بلوچ

    [​IMG]

    غلام نبي اُداسي جو جيتوڻيڪ اڄ سنڌي ادب ۾ نالو گمنام آهي پر هو پنهنجي دور جو سٺو شاعر ۽ ٻهڳڻ شخص هو.

    سندس جنم ميرن واري دور جي خيرپور رياست جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ احمد پور لڳ 1916 ع ۾ حاجي يار محمد کوسي جي گهر ۾ ٿيو.

    هڪ دفعي خيرپور جي والي مير علي نواز ناز جي شاهي درٻار متل هئي ، هند ۽ سنڌ جا نالي وارا شاعر موجود هئا ۽ ان وقت هندستان کان آيل قوال مصرع کنئي “ محمد مصطفيٰ ڪو حضرت يوسف سي ڪيا نسبت “ اتي هڪ سورنهن سال جي نوجوان اٿي اشارو ڪري قوالي روڪرائي. محفل ۾ سانت ٿي وئي مير صاحب پڇيو ته قوالي ڇو بند ٿي ته کيس ٻڌايو ويو ته هڪ نوجوان اعتراض ڪيو آهي مير صاحب کيس گهرائي پڇيو ته نوجوان گستاخانه ٻولن طرف ڌيان ڇڪايو ته دراصل “محمد مصطفيٰ سي حضرت يوسف ڪو ڪيا نسبت ” چوڻ کپي. مير صاحب پاڻ ادب جا وڏا ڄاڻ هئا سمجهي ويا ۽ هن نوجوان جي سخن شناسي تي کيس داد ۽ انعام ڏنو. اهو نوجوان هيو غلام نبي اُداسي. پاڻ سنڌي سان گڏ اردو شاعري به ڪئي

    نهين حالت ذرا مخفي و محتاجِ بيان ميري
    سراپا ياس و حسرت بن چڪي هي داستان ميري

    وصالِ يار پر اب هجر ڪو ترجيح ديتا هون
    جدائي مين هوئي هي آرزو پل ڪر جوان ميري

    اُداسي نام هي تو ڦر تمنا شادماني ڪيا
    موافق نام ڪي رهتي هي حالت جاودان ميري

    مٿيون شعر پاڻ هندستان جي شهر آگره ۾ ميڙ اڳيان پڙهي داد حاصل ڪيائون ۽ ان وقت کين 50 رپيه جو انعام بجنور رسالي پاران ڏنو ويو ۽ شعر پڻ رسالي ۾ ڇپيو.

    پاڻ قرآن ۽ حديث ۽ فقهي مسئلن جي خوب ڄاڻ رکندا هئا. راڳ جي وڏي خبر هئن. بلند اخلاق ۽ صوفي طبيعت رکندڙ ، بردبار ۽ حليم هئا.

    پاڻ 6 جولاء 1963 تي 47 سالن جي عمر ۾ هي دنيا ڇڏيائون. سندن آخري آرامگاه شيخ طيب جي تاريخي قبرستان ڪولاب جيئل لڳ خيرپور ۾ آهي.

    سندن ٻئي پٽ والد صاحب جي نقش قدم تي هلندي سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن. مشهور براڊ ڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندن وڏو فرزند ۽ مشهور شاعر هدايت بلوچ سندن ننڍو فرزند آهي
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: غلام نبي اُداسي بلوچ

    ادا سهڻي ونڊ آهي۔۔۔۔۔جاري رکو۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: غلام نبي اُداسي بلوچ

    واه سائين واه.
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: غلام نبي اُداسي بلوچ

    بهترين سائين
     
  5. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: غلام نبي اُداسي بلوچ

    ادا بهترين ونڊ آهي۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: غلام نبي اُداسي بلوچ

    ادا توهان پڻ منهنجي پسند واري موضوع مطابق ونڊ ڪري رهيا آهيو اميد ته اهڙون ونڊون جاري ۽ ساري رکندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو