ڪيو گلن سان پيار نه سائين، چئو گلن کي يار نه سائين، ڇو ته اھي مرجھائي و يندا، ڪنڊن ۾ ڦاسائي و يندا. رکو چنڊ سان چاھ نه سائين، ڏيو چنڊ تي ساھ نه سائين، ڪيسين ان لاءِ لاتيون لوندؤ! اڏري اڏري ٿڪجي پوندؤ.
جواب: ڪيو گلن سان پيار نه سائين، چئو گلن کي يار نه سائين، منهجي خيال ۾ هي نصيحت عاشقن لا آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هئي ڙي عشق۔۔۔۔! ٻڌئون ٿا ته انڌو ۽ ٻوڙو هوندوآهي۔۔۔ ائين آ ته خبر کاڌن کان پڇجي۔۔۔
جواب: ڪيو گلن سان پيار نه سائين، چئو گلن کي يار نه سائين، جادوگر تنهنجو ڪم صرف جادوگري آهي توکي ڪهڙي خبر عاشق ڪهڙي باغ جي مُوري آهي ۽ عشق ڪهڙي مرض جي دوا، سنچور نانگ ته ڪونهي جو خبر کاڌن کي پوي، واضح رهي ته سنچور نانگ جو کاڌل انڌو به ٿي سگهي ٿو، ٻوڙو به ٿي سگهي ٿو ادا سليمان شيخ اياز جون بهترين سِٽون ۽ انهن سِٽن جي وري خوبصورت ڊيزائن ڏسي اصل من موهجي پيو۔ باقي جادوگر رشيد سمون تي لڳي تو عشق جو ڀوت سوار ٿِي پيو آهي جو مرحوم شيخ اياز جي خوبصورت شاعري ۾ عاشقن لاءِ نصيحت پيو ڳولهي۔
جواب: ڪيو گلن سان پيار نه سائين، چئو گلن کي يار نه سائين، ادا سليمان۔۔۔ هميشه وانگر توهان جي تخليق ڪيل هي ڊزائن به بهترين آهي ان جي مٿان وري اهڙي دل کي ڇهندڙ شاعري۔۔ واهه واهه
جواب: ڪيو گلن سان پيار نه سائين، چئو گلن کي يار نه سائين، سائين نثار ناز صاحب شيخ اياز جي شاعري به منهنجو مٽ پاڻ آهي۔ ڊزائن پسند ڪرڻ لاء اوهان ۽ مست جون مهربانيون۔ سائين جيڪڏهن اسان واري جادوگر کي عشق لڳو ته پوء سنڌ سلامت کي پاڻ سنڀالجو
جواب: ڪيو گلن سان پيار نه سائين، چئو گلن کي يار نه سائين، ادا تمام سٺي شاعري آ ان سان گڏ گڏ ڊزائين به تمام بهترين ٿيل آهي،
جواب: ڪيو گلن سان پيار نه سائين، چئو گلن کي يار نه سائين، محبوب سائين سليمان ! اسين اڳ ۾ ئي سنڌ سلامت ۾ ڦاٿا پيا آهيون، جيڪي پاڻ ڦاٿل هُجن ته ٻين کي ڇا سنڀالينداسين۔ اهو جادوگر رشيد سمون ئي آهي جو هُو هڪڙي مٺ ۾ ٻه ٻه ڇا پر چار چار گدرا به کڻي سگهي ٿو۔ پنهنجي جا ناهي ڀائو۔
جواب: ڪيو گلن سان پيار نه سائين، چئو گلن کي يار نه سائين، سائين۔۔! سلام آهي ادا رشيد جي حوصلي کي جو اهڙي بهترين نموني سان سنڌ سلامت کي سنڀالي پيو، ادا رشيد کي جادوگر هروڀرو ته نه ٿا چئون نه۔۔
جواب: ڪيو گلن سان پيار نه سائين، چئو گلن کي يار نه سائين، ڪيو گلن سان پيار نه سائين ۔۔۔۔۔۔۔ پوء به گلڙن سان پيار کان رهي نه ٿو سگهجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔