السلام عليڪم دوستو دوستو مان گيمن جو مڙئي گهٽ وڌ شوقين رهيو آهيان پر جڏهن به نيٽ نه هوندي آهي ته گيم ضرور کيڏندو آهيان سو دوستو ڪي گيمس اهڙيون هونديون آهن جيڪي لوڊنگ واريون هونديون آهن پو۽ ته وڃي ٿيا خيئر عمومن مون سان اهو مسئلو هوندو ئي هوندو آهي سسٽم ريڪوائرمينٽ ٿوري آهي ۽ گيميون وري وڏيون وڏيون کيڏڻ !!! سو دوستو نيٽ گردي ڪندي ڪندي هڪ سافٽ ويئر هٿ ڪيو آهي سو توهان سنگت سان ونڊ ڪرڻ ضروري سمجهيم هن سافٽ ويئر جي اها خوبي آهي ته جيڪي گيمن ۾ نه هلڻ وارا فيچرس هوندا آهن انهن کي اسٽاپ ڪندو آهي ۽ گيمن جو رزلٽ به سيٽ ڪندو آهي گيم ڊائريڪٽريز کي defragment به پاڻ ڪندو آهي ريم کي ڪلين ڪندو آهي پراسيسر پرفارمسنس کي بهتر ڪندو آهي هن ٽول کي ڊائونلوڊ ڪري پنهنجي قيمتي راين کان ضرور آگاه ڪندا سدائين گڏ
جواب: گيم بوسٽر (پنهنجي پي ، سي ۾ گيمن جي پرفارمنس کي بهتر ڪريو) فقير سائين۔ گيمن جي شوقين ماڻهن لاءِبهترين سافٽ ويئر آهي۔
جواب: گيم بوسٽر (پنهنجي پي ، سي ۾ گيمن جي پرفارمنس کي بهتر ڪريو) پسند ڪرڻ جي مهرباني ادا مست سدائين گڏ
جواب: گيم بوسٽر (پنهنجي پي ، سي ۾ گيمن جي پرفارمنس کي بهتر ڪريو) واھ واھ فقير اوهان به مان وانگر آهيو۔نيٽ نه هلي ته گيم۔ ادا اوهان جي ونڊ بهتر هوندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مان کي ڪو ٽينشن ڪانهي ڪو ڇوته پاڻ وارو همانگير اڃان سنڌ ۾ آهي۔
جواب: گيم بوسٽر (پنهنجي پي ، سي ۾ گيمن جي پرفارمنس کي بهتر ڪريو) فقير سائين ادا عاشق کي ڳالهه وڻي سمجهو اسان کي وڻي وئي بابلا
جواب: گيم بوسٽر (پنهنجي پي ، سي ۾ گيمن جي پرفارمنس کي بهتر ڪريو) ادا فقير زبردست شيئرنگ آهي گيمن وارن لا ڳالهه وڻي فقير۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: گيم بوسٽر (پنهنجي پي ، سي ۾ گيمن جي پرفارمنس کي بهتر ڪريو) واه فقير سائين واه تمام بهترين شيئرنگ آهي۔ اهڙيون ڪوششون جاري رکندا اچو.........
جواب: گيم بوسٽر (پنهنجي پي ، سي ۾ گيمن جي پرفارمنس کي بهتر ڪريو) ادا انسٽال ڪرڻ وقت ارر setup exe not valid win32 ٿو اچي۔
جواب: گيم بوسٽر (پنهنجي پي ، سي ۾ گيمن جي پرفارمنس کي بهتر ڪريو) ادا پر هي رجسٽرڊ ناهي ؟ مهرباني ڪري سافٽ ويئر فل ورجن رکندا تَ وڏي مهرباني ثيندي