جواب: خدا جي قدرت۔۔
سبحان الله،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون ۔۔۔ قدرت واري پنهنجو پاڻ کي عجيب رنگن ۾ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن فطرت جا رنگ ڏسندو آهيان ته ڪاريگر جي ڪاريگري تي حيرت ٿيندي آهي، ڪيترا انجنيئر هجن ڪيترائي ڏاها هجن، ڪيترائي حسابدان هجن پر قدرت جو ڪاٿو ڪرڻ ائين آهي جيئن ڪا منڊي ماڪوڙي کوهه جي تري مان ويهي اڀ ماپڻ جي ڪوشش ڪري ۔۔۔
صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي مون ۔۔۔۔