ڇا سنڌ، سنڌ دشمن ڀڳوڙي جنرل جي ملڪ واپسي برداشت ڪندي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 سيپٽمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا سنڌ، سنڌ دشمن ڀڳوڙي جنرل جي ملڪ واپسي برداشت ڪندي؟

    جي. اين. مغل

    ڪجهه ڏينهن اڳ تائين اخباري خبرون گرم هيون ته ڀڳوڙو جنرل پرويز مشرف جلد واپس پاڪستان موٽي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڀڳوڙي جنرل جي حوارين طرفان اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته ڀڳوڙو جنرل پهرين آڪٽوبر تي لنڊن ۾ هڪ وڏو شو ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي پارٽي ”آل پاڪستان مسلم ليگ“ ٺاهڻ جو اعلان ڪندو. ان شو ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اهڙا مڙيئي سياسي رهنما نيون شير وانيون ۽ فل سوٽ ٺهرائي رهيا آهن جن ڀڳوڙي جنرل جي ڏهن سالن تائين واري حڪومتي دور ۾ عوام جو رت چوسيو ۽ پنهنجا ڀڀ ڀريا. انهيءَ سٿ ۾ سنڌ جا اهي عوام دشمن وڏيرا به شامل آهن جن سدائين سنڌ جي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيئي انهن سنڌ دشمن آمر قوتن جو ساٿ ڏنو آهي. هنن کي وڏي اميد آهي ته جلد اهو سنڌ دشمن جنرل وطن ورندو ۽ ورڻ شرط ملڪ جون واڳون سنڀاليندو. انهن اطلاعن مطابق هن کان اڳ ڀڳوڙي جنرل لنڊن ۽ دبئي ۾ پاڪستان کان ايندڙ جن عوام دشمن سياستدانن جا ميڙاڪا ڪيا تن ۾ سنڌ جا اهي عوام دشمن وڏيرا به شامل هئا. ان کان سواءِ انهن اطلاعن مطابق انهن ميڙاڪن ۾ ڀڳوڙي جنرل جي کاٻي ۽ ساڄي آءِ ايس آءِ جا ڪجهه اڳوڻا سربراهه ۽ سينيئر آفيسر به ويٺل نظر آيا. اهي عنصر ڏاڍا خوش آهن ته ڄاڻ ڀڳوڙو جنرل واپس موٽندو، حڪومت ٺاهيندو جنهن ۾ هنن کي به وارو ملندو.
    انهيءَ ڳالهه جي قطع نظر ته پاڪستان جي اڪثر بالغ نظر سياسي مبصرن ان امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ ڀيرو رٽائرڊ ٿيل جنرل وري ٻيهر فوج جي مدد سان اقتدار ۾ اچي سگهي ٿو. ڇا سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام انهيءَ ڀڳوڙي جنرل جي واپسي برداشت ڪري سگهندو ڇا ان جنرل جي محض واپسي جو ذڪر ئي هنن جي لڱن تي لڳايل ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر نه آهي؟
    ڇا اسان کان اها ڳالهه وسري وئي آهي ته بلوچستان جو عوام جنرل پرويز مشرف جي سموري دؤر ۾ ”فوجي آپريشن“ واري نانگ جي ور چڙهيل هو. انهيءَ دور ۾ نه فقط بلوچ سياسي ورڪر غائب ڪيا ويا ۽ قتل ڪيا ويا پر بلوچستان جو صف اول جو رهنما نواب اڪبر بگٽي به هن کان نه بچي سگهيو ۽ کيس بلوچستان جي پهاڙن ۾ انتهائي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. نواب اڪبر بگٽي جي پارٽي اڳواڻن تي هن جي قتل جي ايف آءِ آر به ڀڳوڙي جنرل خلاف داخل ڪرائي ڇڏي آهي.
    اهڙي صورت حال ۾ ڇا بلوچستان جو عوام ان ڳالهه کي برداشت ڪندو ته سندس ولين سندن ڌرتيءَ تي پير رکي؟ جيڪڏهن ”ڀڳوڙو جنرل بلوچن جي ور چڙهي ٿو ته ساڻس ڪهڙو ورتاءُ ڪندا؟ اهو ته الڳ سوال آهي پر اسين اڄوڪي هن ليک ۾ ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين ته جيڪڏهن اهو ڀڳوڙو جنرل سنڌ جي ڌرتي تي پير رکي ٿو ته خود سنڌ جي عوام جو ڪهڙو ردعمل هوندو؟
    ڇا اها ڳالهه ڪنهن کان وسري وئي هوندي ته هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي سان ملاقات دوران سنڌين بابت اهي رمارڪس پاس ڪيا هئا ته ”هنن ۾ ته ڪا اهليت ئي نه آهي“. ڀڳوڙي جنرل اهي اعتراض جوڳا لفظ ان وقت چيا جڏهن پليجي صاحب وفاقي ملازمتن ۾ سنڌين جي نه هئڻ جي شڪايت ڪئي. اهي رمارڪس پاس ڪرڻ وقت ڀڳوڙي جنرل کي اهو حياءُ به ڪونه ٿيو ته هو اهي لفظ نه فقط سنڌ جي هڪ ممتاز ڏاهي سان ڳالهائڻ دوران چئي رهيو آهي. در حقيقت اهي لفظ چوڻ وقت ڀڳوڙو جنرل نه فقط سنڌ جي، سنڌين جي پر خود پليجي صاحب جي توهين ڪري رهيو هو. ڀڳوڙي جنرل کي اِن ڳالهه جو ڪو احساس نه ٿيو ته هو جنهن قوم ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن تي چٿرون ڪري رهيو آهي، پاڪستان جو باني قائداعظم محمد جناح به ان ڌرتيءَ جو ئي پٽ هو. نه فقط جناح صاحب پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، علامه آءِ آءِ قاضي. اي. ڪي بروهي به انهيءَ سرزمين جا سپوت آهن. اڃان ته سنڌ ۾ ڪيئي انمول هيرا پيا آهن پر ڇا فقط انهن جو ڪو مٽ ۽ ثاني آهي؟
    خبر نه آهي ته ڇو سنڌ جي ساڃاهه وندن جو اڃان ان راءِ تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ته 1947 ۾ وجود ماڻيندڙ پاڪستان جي تاريخ ۾ ملڪ جا جيڪي به حڪمران آيا آهن انهن مڙني ۾ جنرل پرويز مشرف جهڙو ”سنڌ دشمن“ ڪوبه نه هو. جنرل پرويز مشرف نه فقط رسول بخش پليجي سان ڳالهائيندي سنڌ جي ان طرح توهين ڪئي پر جهڙي طرح الاعلان جنرل پرويز مشرف سنڌ دشمن منصوبي ڪالاباغ ڊئم ٺاهڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ان جو به ڪو مثال نه ملندو. اسان وٽ اڃان به اهڙا آبپاشي جا ماهر ۽ تعليمي ماهر موجود آهن جن جڏهن مختلف اجلاسن م ڪالاباغ ڊئم جي مخالفت ڪئي ته ڀڳوڙي جنرل هنن سان ڏند چڪ ڏنا ۽ هنن جي بيعزتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جنرل پرويز مشرف کي ”ڪالاباغ ڊئم“ سان ايڏي محبت ڇو هئي؟ حالانڪ حقيقت اها آهي ته جنرل پرويز مشرف نه فقط ڪالاباغ پر پنجاب ۽ سرحد صوبي ۾ ٻيا ٻه وڏا ڊئم ٺاهڻ چاهيا ٿي. ان سلسلي ۾ شايد سال 2000 ۾ هن لاهور ۾ هڪ ڪانفرنس سڏائي جنهن ۾ انهن مڙني منصوبن جي منظوري ڏني وئي جن ۾ ڀاشا ڊئم به هو منڊا ڊئم به هو ته اکوڙي ڊيم به هو.
    ان اجلاس جو اهو نتيجو نڪتو جو بعد ۾ هڪ ڊئم تي غور ڪرڻ لاءِ جڏهن سينٽرل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي (CDWP) جو اجلاس ٿيو ته ان ۾ شرڪت ڪندڙ ڪامورن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جڏهن ملڪ جو سربراهه ان سميت مڙني وڏن ڊئمن ٺاهڻ جي منطوري ڏئي چڪو آهي، پوءِ سي ڊي ڊبليو پي يا ايڪنيڪ جهڙي هيٺين فورمن تي انهن منصوبن جي قابل عمل هئڻ بابت ڪيئن ٿو غور ڪري سگهجي. سو طئي ڪيو ويو ته اهي منصوبا منظور ٿيل سمجهڻ گهرجن ۽ هاڻ رڳو رسمي منظوري ڏيئي انهن جي رقمن جي فراهمي لاءِ ڪوشش وٺي انهن منصوبن تي عمل شروع ڪيو وڃي. حالانڪ، ان ڪانفرنس کان اڳ سي ڊي ڊبليو پي ۽ ايڪنيڪ جي اجلاسن ۾ طئي ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن ڪنهن ڊئم جو ڪو منصوبو غور لاءِ آيو ته سڀ کان پهرين ان بابت پڇڙي واري صوبي سنڌ جي آبپاشيءَ جي عملدارن سان گڏجاڻي ڪري معلوم ڪو به ته هنن کي ته ان منصوبي بابت ڪي انديشا نه آهن؟ (انهن فيصلن جا Minutes“ به موجود آهن جيڪي ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿا، اسان مٿي اهو ذڪر ڪيو ته آخرڪار جنرل پرويز مشرف کي ڪالاباغ ڊئم ۽ اهڙن ٻين ڊئمن سان ڪهڙي محبت ۽ ڪهڙو عشق هو؟ حقيقت اها آهي ته هن کي انهن منصوبن سان عشق هو. جنرل پرويز مشرف جو تعلق به ان ”سوچ“ سان آهي جنهن پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌين کي ڳوٺن تائين محدود ڪري هنن کي ”ريڊ انڊين“ بڻائڻ چاهيو ٿي. ان حقيقت کان هاڻ ڪير انڪار ڪندو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مخصوص مفادن تي مشتمل ”پنجابي – مهاجر“ اتحاد وجود ۾ اچي ويو جيڪو اوڀر پاڪستان جي ٽٽڻ تائين وڏي جاهه ۽ جلال سان پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. اهو اتحاد ان وقت ٽٽي پيو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ ۽ پنجاب جي عوام جي اڪثريت سان ڪامياب ٿي 1971ع ۾ اقتدار ۾ آيو. ان کان پوءِ مختلف وقتن تي آهستي آهستي اڳتي وڌندڙ سنڌي – پنجابي اتحاد جي چيلهه ڀڄڻ لاءِ ڪڏهن پنجاب ته ڪڏهن سنڌ ۾ سازشون ٿينديون رهيون.
    جنرل پرويز مشرف ان صورت حال جو ٽوڙ ڪرڻ چاهيو ٿي. هن کي خبر هئي ته هڪ مهاجر جنرل جي هٿان ڪالاباغ ڊئم ٺهڻ کان پوءِ خود بخود نئين سئين مهاجر، پنجابي اتحاد وجود ۾ اچي ويندو.
    ان کان سواءِ، جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام سان جيڪي ڪلور ڪيا ويا ان جا مثال سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ به نه ملي سگهندا. افسوس آهي ته ان دور ۾ سنڌ جي اديبن شارٽ اسٽوريز ذريعي ۽ سنڌي شاعرن پنهنجي شاعري ذريعي انهن ارهه زوراين کي اوئنن وائکو نه ڪيو جيئن هنن ون يونٽ واري دور ۾ پنهنجو پاڻ نڀايو هو.
    ڇا سنڌ جي دانشورن کان اها ڳالهه لڪل آهي ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ڪيئن سنڌ ۾ سنڌ دشمن Demographic تبديليون انتهائي ڳجهه ڳوهه ۾ آنديون ويون. ڪجهه قدم ته ظاهر ظهور به کنيا ويا. افسوس آهي ته سنڌ جو عوام دشمن دلال وڏيرو انهن سازشن ۾ گڏ هو. ڇا وقت نه آيو آهي، سنڌ جو عوام ۽ عوام دوست حلقا انهن مڙني عوام دشمن وڏيرن کي ”غدار “ طور ڊڪليئر ڪن؟ بهرحال، اها ڳالهه بعد ۾ تفصيل سان ڪبي، في الحال، پاڻ ڀڳوڙي جنرل جي حرڪتن تائين پاڻ کي محدود رکون ٿا. ڇا ڀڳوڙي جنرل سنڌين کان پنهنجا شهر ڦرڻ، شهرن اندر پروفيشنل ادار ۾ سنڌين جي داخلا لاءِ دروازا بند ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ جي ملٽي نيشنل ادارن ۾ فقط ڪراچي جو ڊوميسائل رکندڙن کي ملازمتون ڏيڻ جا فيصلا نه ڪرايا؟ ڇا انهن مڙني فيصلن ۾ هن ڀڳوڙي جنرل جي هشي ۽ هدايتون شامل نه هيون؟ چيو وڃي ٿو ته جنرل نقوي ذريعي لوڪل گورنمينٽ جو جيڪو نظام آندو ويو سو سڄي پاڪستان لاءِ هو. نه سائين. درحقيقت ان جو مقصد سنڌ ۾ سنڌي عوام جي خودمختياري (Sovereignty) کي مُڏو ڪرڻ هو. ڇا اسان جي دانشورن لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس جو جائزو ورتو آهي ته ان ۾ ڪهڙا ڪلور ڪيا ويا آهن؟ اسان اين ايف سي ذريعي سنڌ سان ٿيل زيادتين تي پنهنجو مٿو پٽيندا رهياسين ۽ ان ۾ اسين حق بجانب هياسين، پر اسان مان ڪنهن لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس تحت سنڌ ۾ ارباب حڪومت جي دور ۾ جيڪي پراونشنل فنانشنل ايوارڊ ڏنا ويا تن جو جائزو ورتو ته ان تحت سنڌ جي اندرين علائقن ۽ وڏن شهرن لاءِ ڪيتريون رقمون رکيون ويون؟
    پر اها ڳالهه ريڪارڊ تي آڻڻ کان نه ٿا رهي سگهون ته سنڌ جي موجوده حڪومت به انهن ساڳين PFA کي هلائيندي پئي اچي، ايئن اسان ڪيترا نه بيوس ٿي ويا آهيون؟ ان سوال جو جواب گهرجي ۽ ان سوال جو جواب موجوده حڪمرانن کان وٺنداسين. پر ان سڄي ”جادو نگريءَ“ جو بنياد وجهندڙ ڀڳوڙو جنرل جيڪڏهن واپس اچي ٿو ته، سنڌ جي عوام جو ردعمل ڇا هجي؟
    خاص طور، ان وقت جڏهن وڏي پئماني تي اهو به محسوس ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي شينهڻ بينظير ڀٽو جي قتل جا ڇنڊا به انهيءَ ساڳئي ڀڳوڙي جنرل تي پون ٿا!

    gnmughul@yahoo.com

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو