نثارابڙو
نائب منتظم
سنڌ سلامت جا دوستو؛
ادي نثار ناز جي هن سوال کي آءُ الڳ سان انڪري موڪليانٿو جو بحث علمي آهي، ممڪن آهي ته ٻيا دوست به ان تي روشني وجهن ۽ ممڪن آهي ته ڪا نئين ڳالهه سامهون اچي ...
نثار ابڙو
________________________________________
وويڪ يا ضمير
ادا ناز!
حق موجود
دوست، هونءَ آءُ ڪو هندي زبان جو ڄاڻو ته ڪونه آهيان، بس مڙئي ٿوري گهڻي سنڌي لکڻ سکي ورتي اٿم پر تنهن هوندي به اوهان جي سوال جو جواب ڏيڻو ئي پوندو...
”وويڪ“ لفظ جي معني آهي، ڏاهپ، عقلمندي، صحيح ڄاڻ يا وري پرک به چئي سگهجي ٿو ...
ضمير لفظ کي هنديءَ ۾” انتر آتما“ يا وري عام سنڌيءَ ۾ اندر جو آواز چئي سگهجي ٿو ...
سائين نثار صاحب جيئن مون سمجهيو آهي ته ٻنهي لفظن (وويڪ يا انتر اتما) جي آخرت ساڳي آهي ... جيئن جيئن انسان علم وارو، تجربي وارو ٿيندو ويندو آهي تيئن تيئن سندس هڪ شخصيت ٺهندي ويندي آهي ... ان شخصيت جي بنياد تي اسان کيس ڏاهو، عالم يا امين بڻائيندا آهيون ... هر شخص پنهنجي ان ڏاهپ، علم ذريعي ڪي اصول ۽ حدبنديون قائم ڪندو آهي ...
هاڻ جڏهن ڪنهن اهڙي انسان کي اهو چئبو ” هل ته ڪنهنجي گهر جي چوري ڪري اچون“ ته هو اهو جواب ڏيندو ” نه يار منهنجو ضمير ان ڳالهه کي نٿو مڃي ... يا وري ايئن چوندو ته اندر جو انسان کيس اهڙي اجازت نٿو ڏئي“ ...
مطلب ته علم، ڏاهپ يا تجربا انسان جي اندر جو آواز ٿي پوندا آهن جنکي اسين ”ضمير“ به چوندا آهيون ... يا وري ايئن چئجي ته وويڪ ئي ضمير ٿي پوندو آهي ...
وڌيڪ، اوهان پاڻ وويڪ رکو ٿا ... جي آءُ غلط هجان ته درست ضرور ڪجو ...
” اي ڌڻي تون علم عطا ڪر“
سدائين گڏ