ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
پنهنجي ئي ميلي ۾ وڃائجي ويل لطيف!
عرب جي قديم جاهلي دور جي شاعره خنساءَ پنهنجي ڀاءُ صخر لاءِ جيڪو مرثيو لکيو هو، تنهن ۾ هڪ شعر اهو به هو: صخر اها روشن ۽ تابناڪ شخصيت آهي، جنهن وٽان راهه ڏسيندڙ به روشني حاصل ڪندا آهن ۽ ائين ٿو لڳي، ته ڄڻ هو هڪ اونچو جهنڊو آهي، جنهن جي اونچائي تي باهه پئي ٻري.
هي مرثيي جو شعر نه هجي، ته لطيف جي شخصيت توڙي ڪم جي تعارف ۽ تشريح لاءِ نهايت جامع ۽ ڀرپور آهي. مرثيي کي شاهه سائين لاءِ استعمال ڪرڻ ان ڪري به مناسب نه ٿو لڳي، جو شاهه سائين پنهنجي فڪر،، تخيل ۽ لافاني تخليق سبب اڄ به زنده آهي. اها زندگي، جيڪا هن پنهنجي تخيل ۾ موجود سنڌ کي تخليقي صورت عطا ڪرڻ واري رياضت کي ارپي، تنهن هن کي ”سدا حيات“ بڻائي ڇڏيو آهي. هن پاڻ به ته چيو هو:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات!
لطيف کان اڳ ۾ توڙي لطيف جي دور ۾ سنڌ هڪ پيڙيل، لتاڙيل ۽ بار بار اجاڙيل ديس رهي هئي. سنڌ جنهن جي تهذيبن کي دنيا جي چند اعليٰ ترين تهذيبن مان هڪ هجڻ جو شرف حاصل هو، تنهن جو سينو هر دور ۾ ڌارين جي گهوڙن جي سُنبن هيٺ لتاڙبو رهيو هو. جيڪڏهن ڪجهه عرصي لاءِ، ڪي مقامي حڪمران آيا به هئا ته اهي ڪڏهن دهلي جا، ته ڪڏهن ڪابل جا ڏَن ڀرو هئا. غلام ذهنيت واري سياست ۽ ڳيجهو حڪمراني، سنڌ کي هڪ ڌنڌلي تصوير بڻائي ڇڏيو هو، جنهن کي واضح ۽ چٽو ڪرڻ لاءِ ڪيئي ماڻهن پنهنجو سڀ ڪجهه ٻارڻ پئي ڪيو. مخدوم بلاول کان شاهه عنايت جي شهادت تائين جو سفر سنڌ جو پنهنجي تشخص جي ڳولا جو سفر آهي. مخصوص طبعي ڀاڱن، مقامي ڪلچرن،علائقائي اختلافن ۽ لهجن ۾ ورهايل سنڌ کي هڪ وحدت بنائڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ ئي نه سخت محنت ۽ وابستگي به گهربل هئي. سنڌ، جيڪا ٿوري ٿر ۾ هئي، ته ٿوري سمنڊ جي ڪنارن سان، ٿوري سنڌوءَ جي ڪچي ۾ هئي، ته ٿوري ڪاڇي جي پَٽن ۾، ٿوري اُتر جي گرم موسمن ۽ تتل طبيعتن ۾ هئي ته ٿوري لاڙ جي ٿڌين راتين ۽ ڪوهستان جي اونچن پهاڙن ۽ سخت جان ماڻهن ۾، شاهه لطيف ان کي ٿورو ٿورو ڪري ميڙيو، گڏ ڪيو، ٺاهيو ۽ ”ڪثرت مان وحدت“ بڻايو. هن سنڌ جي چَتيون چَتيون ٿيل چولي کي ڳنڍيو ۽ ٽوپيو به، ته سماج جي آزاريل، نظرانداز ڪيل ۽ زيادتين جو شڪار طبقن ۽ فردن جا لڙڪ به اگهيا. انهن کي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريو. منجهن اعتماد ئي نه، فخر به پيدا ڪيو. ايئن هڪ مڪمل، اصل ۽ مضبوط سنڌ جو ظهور ٿيو. نوبل انعام کٽندڙ گنٿر گراس چيو هو:”ادب وڃائجي ويل ديس جي نئين سر ڳولا ڪندو آهي.“ شاهه لطيف پنهنجي ديس کي ڳولڻ جو ئي ڪم ڪيو، پر افسوس آهي، ته اسين هاڻ لطيف کي هوريان هوريان وڃائڻ لڳا آهيون. اهو لطيف، جنهن کي ايڇ ٽي سورلي چند عظيم شاعرن مان هڪ ڪري ليکي ٿو، جنهن کي سائين جي ايم سيد ”روحاني رازن“ واري محدود دائري مان ٻاهر ڪڍي ”عالم سڀآباد ڪرين“ جو شاعر ٻڌايو هو، جنهن کي رسول بخش پليجي، تنوير عباسي، محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين زندگي ۽ سماج جو نمائندا ۽ اعليٰ قدرن جو شاعر ثابت ڪيو هو، اڄ اهو ٻيهر پنهنجي ئي ميلي ۾ وڃائجڻ لڳو آهي. اڄوڪي دور ۾ ٿيندڙ ڪانفرنسون، سيمينار ۽ لطيف جي نالي ۾ شخصي نماءَ لاءِ ٿيندڙ ”لطيف ڊي“ ان جي ڪلام جي وسعتن ۽ عظمتن کي محدود، روايتي ۽ گٺل پيٺل موضوعاتي چوديواري اندر بند ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيا آهن.
لطيف هڪ شاعر ئي آهي، سو ان کي هڪ شاعر طور ڏسڻ، ڳالهائڻ ۽ ان جي ڪلام تي تحقيق ڪرڻ ڪنهن به ريت غلط چئي نٿو سگهجي ،پر سچ اهو به آهي ته لطيف کي رڳي شاعر طور پيش ڪرڻ ۽ مٿس هر ڀيري فقط شاعرن ۽ ”نالي ۾ محققن“ کي سڏائي ڳالهرائڻ زيادتي ناهي، ته انصاف به نه آهي. ڇاڪاڻ ته شاعري ته هن جي اظهار جو هڪڙو ميڊيم يا ذريعو ئي آهي. (توڙي جو ان ”ذريعي“ کي به جيڪو ڪمال يا معيار هن عطا ڪيو، سنڌي شاعري ٻيهر ان بلاغت جي نهج کي پهچڻ لاءِ سڪندي ئي رهندي)، پر ڀٽائي جهڙي ڪنهن به شاعر کي، رڳي”شاعر“ طور ڏسڻ ڪنهن به ريت مناسب رويو ٿي نٿو سگهي. سماجيات، سياست، ثقافت، ٻولي، ادب ۽ شعور سميت اڄ سنڌي سماج جو هڪ به اهڙو شعبو نه آهي، جنهن تي ڀٽائيءَ جو اثر نه هجي. نه رڳي ايترو، پر اهو به ته ايتري وسعت ۽ گهڻ طرفائي جيتري ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آهي، شايد ئي ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر منجهه ملي سگهي. پنهنجي همعصر دور ۾ ته هو ”اک الٽي ڌار“۽ ”لوڪ وهي لهوارو، تون اونچو وهه اوڀار“ جهڙي روايت جو بنياد وجهي رهيو هو، پر اڄوڪي ڊڄڻي، روايتي، ٻين جي پير تي پير رکي هلندڙ، مصلحت پسند دور ۾ به سنڌ اندر فقط اهي ئي ماڻهو هر شعبي ۾ ثابت قدميءَ سان بيٺا آهن، جن وٽ ڀٽائي جي ڀرجهلائي آهي. جيڪڏهن ڪٿي، ٿورو گهڻو سچ ڳالهائڻ جي رسم اڃا جيئري آهي ته ان ۾ به ڀٽائيءَ جي ٻاريل باهه جو ئي ڪمال آهي. هن نه ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن وانگر رڳي سورهيائي جا قصا يا رومانوي داستان ڳائي واهه واهه ورتي هئي، نه ئي روايتي صوفي شاعرن وانگر ”مُونن ۾ منهن هڻي“ فقط”پاڻ منجهان پاڻ کي ڳولڻ“ ۾ مصروف رهيو هو. هن پاڻ کي به پنهنجي سماج مان ڳولڻ جو غير روايتي ڪم ڪيو هو. جوڳين، ڪاپڙين، سنياسين، پورهيتن، عورتن، فقيرن ۽ سورهينجي ڪردارن جي تمثيلن وسيلي پاڻ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن صوفين ۽ سماج کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو هو ۽ مٿن هڪ ٻئي جي اهميت آشڪار ڪئي هئي.
هن سنڌ جهڙي ويساري سماج کي پنهنجن وڃائي ويٺل املهه قدرن ۽ حقيقي فڪري ورثي جي اهميت سمجهائي. هن جي شاعري زندگيءَ کي خيالي جنتن طرف ڌڪڻ بجاءِ ان کي سمورين تلخين ۽ ڏنگاين جي سامهون آڻي بيهاريو. ڇاڪاڻ ته هو زندگيءَ مان قبح کي ختم ڪرڻ لاءِ حسن جو قائل ۽ حسن جي حاصلات لاءِ عشق جي اهميت کان آگاهه هو.
ڪجهه سال ٿيندا ته اسلام آبا د ۾ سگا پاران لطيف ڊي ملهايو ويو. ان تقريب ۾ وفاقي وزير حفيظ شيخ اهو سوال اٿاريو هو ته ”سوچڻ گهرجي، ته اڄوڪي دور ۾ اسانکي شاهه جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ يقينن اهو نهايت اهم سوال آهي. اڄ عالمي طاقتون دنيا اندر پنهنجي پيداوار جي کپت لاءِ مارڪيٽن هٿ ڪرڻ جي جنگ ۾ رڌل آهن. شاهه لطيف اڍائي صديون اڳ ۾ سنڌ جي وڻجارن وسيلي دنيا اندر مارڪيٽ جي ڳولا ڪندي نظر ٿو اچي، پر شاهه جي سوچ امن پسند ۽ مثبت، جڏهن ته عالمي طاقتن جي سوچ جنگي ۽ منفيآهي. دنيا اندر مذهبي بنياد پرستي جيڪا شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، شاهه لطيف وٽ ان کي روڪڻ لاءِ هڪ زبردست، جديد ۽ معتدل فڪر آهي، پر حيرت آهي ته اسان جا ادارا اڃا تائين شاهه جي ڪلام کي ”سُر جي چار ديواري“ کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن. روحاني راز ٻڌائيندڙن مان مس مس جند آجي ٿي آهي ته”سُر وار“ مطالعي جو هڪ نار ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي چوگرد سالن کان اسان جا ليکڪ حضرات ڦيرا پائيندي ٿا ڏسجن. لطيف جنهن سماج جو نمائندو يا رهبر آهي يا جنهن سماج کي هن جهنگن برن، رڻن ۽ جبلن مان ڳولي هٿ ڪيو هو، ان کي پنهنجي صورت پسڻ لاءِ ڪلام جو صاف سٿرو آئينو پيش ڪيو هو، سو سماج خود لطيف کي”ڳولڻ“ ”سمجهڻ“ ۽ دنيا لاءِ ازلي روشنيءَ جهڙو پيغام رکندڙ هن شاعر جي اصل فڪر، فلسفي ۽ ڪمال کي سامهون آڻڻ لاءِ ڇا پيو ڪري؟ دنيا پنهنجن وڏن شاعرن کي نون نون علمن جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ، پُرجهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن منجهان نئين دور جي مسئلن، حالتن ۽ اهنجن جا حل تلاش ڪرڻ ۾ لڳل آهي، کين نئين دور سان هم آهنگ بڻائڻ ۾ مصروف آهي، پر اسان لطيف کي چند مخصوص روايتي موضوعن تائين محدود ڪيو ويٺا آهيون...ڳالهائڻ وارا به ساڳيا، ڳالهيون به ساڳيون، ته عنوان به ساڳيا. رُڳي عرس جا سال پيا بدلجن. جيتوڻيڪ گهٽ ۾ گهٽ لطيف تي هر سال عالمي سطح جي نه سهي، پر ملڪي سطح جي ڪانفرنس ته سولائيءَ سان ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ مختلف جديد علمن ۽ شعبن جا ڄاڻو شاهه کي نئين دور جي پسمنظر ۾ سمجهي ۽ سمجهائي سگهن ٿا، پر نظر اهو ٿو اچي ته هر ڀيري ٿيندڙ ”ادبي ڪانفرنس“ رڳي ميار لاهڻ ۽ رسم نڀائڻ جو ئي هڪ ذريعو وڃي رهي آهي!