• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ڌرتي جو رياستي شهر خيرپور ميرس

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
سنڌ ڌرتي جو رياستي شهر خيرپور ميرس​

FaizMahal.jpg
خيرپور سنڌ جو ٻارهون وڏو شهر آهي. خيرپور شهر، هاڻوڪي ضلعي خيرپور ۽ اڳوڻي خيرپور رياست جو گاديءَ جو هنڌ آهي.
تاريخ
خيرپور ميرس، جيڪو کارڪن لاءِ مشهور آهي، هن شهر ملڪ جا ڪيترائي شاعر، سياستدان، فنڪار ۽ اديب پيدا ڪيا. مير علي نواز، محمد عالم زيدي، استاد حامي، عطا محمد ڀمڀرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، مظهر ابڙو سرمد سنڌي، استاد گلزار (اميد خيرپوري) ۽ محمد علي حداد انهن مان ڪجھ مشهور شاعر ۽ اديب آهن.
سنـڌ جي سياست جي ميدان ۾ هن شهر جو اهم ڪردار آهي ۽ پاڪستان جي وڏين پارٽين جا صوبائي سربراه جو تعلق هن ضلعي سان آهي جنهن ۾ پير پاڳارو، سيد غوث علي شاه، سيد قائم علي شاه شامل آهن...

بشڪريه وڪيپيڊيه
 
جواب: سنڌ ڌرتي جو رياستي شهر خيرپور ميرس

ادا ممتاز وگهيه مهرباني جو اسانجي خيرپور جو ذڪر ڪيو آهي اوهان۔

مان وڌيڪ ٻڌائيندو هلان ته شاعرن ۽ اديبن ۾ مٿي ذڪر ڪيل شخصيتن کان علاوه هفت زبان شاعر سچل سرمست ، تاجل بيوس ، مشهور شاعر ۽ براڊڪاسٽر عنايت بلوچ ، مشهور شاعر هدايت بلوچ، شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ ،ٽي وي پروڊيوسر ۽ شاعر سميع بلوچ ، مشهور صوفي ڳائڻي سهراب فقير ۽ مشهور آرٽسٽ سعيد منگي جو تعلق به خيرپور سان آهي
 
جواب: سنڌ ڌرتي جو رياستي شهر خيرپور ميرس

سنڌ ڌرتي جو رياستي شهر خيرپور ميرس​

faizmahal.jpg
خيرپور سنڌ جو ٻارهون وڏو شهر آهي. خيرپور شهر، هاڻوڪي ضلعي خيرپور ۽ اڳوڻي خيرپور رياست جو گاديءَ جو هنڌ آهي.
تاريخ
خيرپور ميرس، جيڪو کارڪن لاءِ مشهور آهي، هن شهر ملڪ جا ڪيترائي شاعر، سياستدان، فنڪار ۽ اديب پيدا ڪيا. مير علي نواز، محمد عالم زيدي، استاد حامي، عطا محمد ڀمڀرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، مظهر ابڙو سرمد سنڌي، استاد گلزار (اميد خيرپوري) ۽ محمد علي حداد انهن مان ڪجھ مشهور شاعر ۽ اديب آهن.
سنـڌ جي سياست جي ميدان ۾ هن شهر جو اهم ڪردار آهي ۽ پاڪستان جي وڏين پارٽين جا صوبائي سربراه جو تعلق هن ضلعي سان آهي جنهن ۾ پير پاڳارو، سيد غوث علي شاه، سيد قائم علي شاه شامل آهن...

بشڪريه وڪيپيڊيه



ادا ممتاز صاحب توهان جا قرب جو توهان اسان کي اهڙي قسم جي معلومات ڏني
ان سان گڏ مان اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته خيرپور ميرس مون جي ناناڻڪو شهر آهي

ان شهر بابت اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني

سدائين گڏ
 
Back
Top