سنگيت مالها جو موتي استاد ارباب خان کوسو سڪندر ساگر پنهيار موسيقي سُرن جو هڪ نظام آهي، هونئن ڪائنات ۾ سُر ته صرف ست آهن پر انهن جو عجيب استعمال راڳ جي مها ڄاڻو گوين ۽ گائيڪن ايئن ڪيو آهي جو عقل ئي ڪم نٿو ڪري. سنڌ جي سرزمين تي پڻ اِهڙا سدا ملوڪ گويا پيدا ٿيا آهن جيڪي پنهنجي علم اثر هيٺ انهن ستن سُرن سان پئي اهڙي راند کيڏي جو ٻڌڻ وارو سندن هنرمندي ۽ ڪاريگري کان ايترو ته متاثر ٿيندو هو جو کيس پنهنجي وجود جي هئڻ جو پڻ احساس ئي نه رهندو هو. خانصاحب استاد ارباب خان کوسي جو شمار پڻ اهڙن گوين ۾ ڪري سگهجي ٿو جن سُرن ۾ ساهه وڌو ۽ امرتا ماڻي. استاد ارباب خان کوسو صوبه بلوچستان جي ضلع جعفرآباد جي ڳوٺ ڊگهي ۾ اپريل 1922ع ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو پر پاڻ سوچ ۽ عمل ۾ صوفياڻو مزاج رکندڙ هئا. سندس ڳوٺ جي چڱي مڙس ميراختيار خان کوسو ۽ ميرگل خان کوسو کي موسيقي سان ڏاڍي رغبت هئي ۽ شوقيد پڻ ڳائيندا هئا. استاد جو ساڻن اچڻ وڃڻ جي واٽ هئي. ان وقت سندن عمر 12 سال هئي ۽ پاڻ ننڍڙي وهيءَ ۾ سنگيت جي سُرن ۾ وڪوڙجي ويا ۽ راڳ جي شروعات پڻ مير اختيار خان ۽ مير گل خان کان ورتائين جنهن جو سلسلو ٽن سالن تائين کان وڌيڪ هليو. شڪارپور اُن وقت ننڍي کنڊ ۾ هوليءَ جي هانڊن ڪري ڪلاسيڪي موسيقي جو مکيا مرڪز هو. اهڙي ريت استاد ارباب 1937ع ۾ گواليار گهراڻي جي استاد مبارڪ علي جي شاگردن خانصاحب هادي بخش ميمڻ وٽ حاضر ٿيو ۽ لڳاتار 20 سال سکيا ورتائين. پاڻ خيال، ؟مري، ترانو، داڌارو ٽپو، قوالي، ڪافي، غزل، گيت وڏي هنرمندي سان ڳائيندو هو. ورهاڱي کان اڳ شڪارپور ۾ ٿيندڙ آل انڊيا هانڊا ڪانفرنس ۾ ننڍي کنڊ جا وڏا وڏا گويا اچي پنهنجو فن پيش ڪندا هئا. اهڙي ريت 1940ع واري ٿيندڙ موسيقي جي اِن ڪانفرنس ۾ استاد ارباب کي پڻ پنهنجو فن پيش ڪرڻ جي دعوت ملي. موسيقي جي اِن محفل جو بنيادي اصول اِهو هوندو هو ته گويو کڻي ڪيڏو به ناميارو ڇو نه هجي پر، هنن کي پروگرام هڪ ”آئيٽم“ پيش ڪرڻو هوندو هو. ان پروگرام ۾ برصغير جي مهان گوين ۾ استاد مبارڪ علي خان، مراد علي خان، پنڊت وشنو ڊگمبر، نارائڻ راؤ وياس، ونائڪ رائو پٽورڌن، پنڊت اوم ڪارناٿ ٺاڪر، استاد عاشق علي خان ۽ استاد هادي بخش ميمڻ به آيل هئا. هانڊي جي انهي محفل ۾ استاد ارباب خان جي آواز اهڙو ته جادو ڏيکاريو جو کيس ساڳي محفل ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر کيس ڳائڻ لاءِ گهرايو ويو اِهو اعزاز آڱرين تي ڳڻڻ جيتري گوين کي نصيب ٿيو آهي. محفل جي پڄاڻي وقت استاد مبارڪ علي خان ۽ پنڊت اوم ڪارناٿ ٺاڪر 18 سالن جي هن نوجوان کي ”خانصاحب“ جو لقب ڏنو. سندس سنگيت سان انتها درجي جو لڳاءُ ڏسي سردار نورمحمد گولي جيڪب آباد ۾ کيس رهڻ لاءِ هڪ جاءِ ڏني جنهن کي استاد باقاعدي سنگيت جي سکيا جو هڪ ادارو بنايو جتي پاڻ حياتي جي آخري پساهه تائين سکيا ڏيندو رهيو. ورهاڱي کان اڳ جڏهن قائداعظم محمد علي جناح جيڪب آباد جو سياسي دورو ڪيو ۽ مير دولت خان جي دعوت ۾ شريڪ ٿيو ته اتي پڻ دعوت کانپوءِ محفل موسيقي جو پڻ انتظام ٿيل هو ۽ هن محفل ۾ استاد ارباب اهڙو ته ڳايو جو جناح صاحب سندس گائڪي کان ڏاڍو متاثر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ريڊيو ڪوئٽه جي ساليانه ڪانفرنس جي موقعي تي قائداعظم کيس انعام ۽ اعزاز سان نوازيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ خواجه نظام الدين، سڪندر مرزا ۽ وقت جي وزيراعظم خان لياقت علي خان کيس جلسه جيڪب آباد ۾ انعام ۽ اعزاز سان نوازيو ۽ پڻ فني خدمتن جي مڃتا طور سرٽيفيڪيٽ پڻ ڏنو. استاد ارباب خان اهو پهريون ماڻهو جنهن بلوچستان ۾ باقاعدگي سان ڪلاسيڪل موسيقي جو بنياد وڌو ۽ ريڊيو ڪوئٽه پاڪستان تي پهريون ”خيال“ پڻ استاد ئي ڳايو جو راڳ ڀيم ۽ تال بلمپت ۾ هو ۽ ”خيال“ جا ٻول هئا ”اب تو بڙي ڀيد، ڪرم ڪرو اب موري سيان“ استاد ارباب خان برصغير جي نامياري، پنڊتن ۽ گوين سان گڏجي محفلون مچايون جن ۾ اوم ڪارناٿ ٺاڪر، وامن راءِ، پٽورڌن، نارائڻ داس، استاد مبارڪ علي، مراد علي خان، بيبو خان، اميد علي خان، عاشق علي خان، الهڏنو نوناري، فتح علي، امانت علي، سلامت علي، نزاڪت علي، منظور علي خان مهدي حسن، محمد جمن، حسين بخش گلو، حسين بخش ڍاٽي ۽ خورشيد علي خان جا نالا قابل ذڪر آهن. استاد جي آواز ۾ ايترو ته ميٺاج هو جو جن به سندس محفلون ٻڌيون آهن سي اڄ تائين کيس سارن ٿا. نواب اڪبر خان بگٽي ته سندس وڏو مداح هو. سندس ڳائڻ جي وڏي خوبي اِها جو غزل، گيت، ڪافي ۽ قوالي کي ان جي مزاج قانون ۽ قاعدي موجب ڳائيندو هو. پنهنجي لاءِ پاڻ ڌنون ترتيب ڏيندو هو. تڏي جو ايڏو ڀلوڙ جو وڏا وڏا نواب، رئيس، سردار، اعليٰ عملدار، موسيقار ۽ گويا وٽس حاضري ڀرڻ ايندا هئا. سيکارڻ جو به سخي ڪڏهن بفل نه ڪيائين. استاد منظور علي خان کانپوءِ سنڌ ۾ جنهن فن ورهايو ته استاد ارباب هو بلوچستان جا ته 70 سيڪڙو فن سان سلهاڙيل سندس شاگرد آهن. کيس اولاد نه هئي انڪري شاگردن کي اولاد ڀائيندو هو وٽس جيڪي شاگرد اڪيڊمي ۾ رهندا هئس ته انهن جي خرچ، پکو، اٽي لٽي ۽ زندگي جي ٻين ضرورتن جي ذميواري به پاڻ کڻندو هو. سنگيت جو سمنڊ هوندي به ڪڏهن هوڏ ۽ ارڏائي وارو پلٽو نه کاڌائين سدائين ماٺ ميٺ ۽ نياز نوڙت سان پيش ايندو هو، اِهو گُڻ گوين وٽ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي جو هر ڪنهن سان قربائتي وک کڻجي انڪري ئي سندس علم مان ڪيترائي شاگرد فيضياب ٿي نڪتا جن ۾ استاد عبدالرزاق جمالي، استاد محمد پيرل، بيدل سرور، اختر چنال، گلاب راءِ، خدابخش مغيري، اڪرم مهر، حامد علي شاهه، عبدالغفور سومرو، ديدار سمون ۽ ٻيا شامل آهن. استاد پوري اڌ صدي سنڌي سنگيت جي سکيا ڏيندي گذاري جو عرصو 1940ع کان 1990ع تائين ليکيو وڃي ٿو پر پوءِ استاد بيمار ٿي پيو، بيماري جي حالت ۾ به ڪو ماڻهو درلڙي ويندو هئس ته اُهو خالي جهول ڀري نڪرندو اِن ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آئون پاڻ آهيان، مون جڏهن پاڻ سکڻ جي شروعات سندس شاگرد ايڊووڪيٽ مختيار احمد مڱريي کان ڪئي ته ڪلب تي هارمونيم نه هو، استاد چيو هن مسئلي جو هڪڙو ئي حل آهي جو توهان استاد ارباب جي اڪيڊمي تي وڃو ۽ هارمونيم لاءِ عرض ڪيو، هن وقت استاد سول اسپتال ۾ ايڊمٽ هو پر جڏهن پنهنجو تعارف ڪرائي هارمونيم لاءِ عرض ڪيوسين ته عرض اگهامجي ويو ۽ سندس اڪيڊمي مان اسان کي رياضت لاءِ هارمونيم مليو. ان ڳالهه مان سندس شخصيت ۽ سخاوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ بيماري جي بستري تي هوندي به خالي نه موٽايائين اهڙا مثالي ماڻهو سنگيت ۾ تمام گهٽ پيدا ٿيندا آهن. سوچيوسين استاد صحتياب ٿيندو ته ٻه ڪڻا ڄاڻ جا پڻ اسانجي جي جهولي ۾ وجهندو پر حياتي وفا نه ڪئي. 22 آڪٽوبر 1994ع تي دم ڌڻي حوالي ڪري هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. کيس درگاهه مولوي قادر بخش محبت پور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ظاهري طرح سان اڄ استاد اسان سان ته ناهي پر سندس اڄ به ريڪارڊنگ جي صورت ۾ ٽي، وي ڪراچي ريڊيو ڪوئٽه ۽ ٽي وي تي پڻ موجود آهي جنهن مان سندس فن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته استاد وٽ فن جو ڪيڏو گُن هو. سندس ڳايل ڪلام سنڌي سنگيت ۾ هڪ اثاثي جي حيثيت رکي ٿو. هن وقت سندس اڪيڊمي کي سندس شاگرد ۽ راڳ جو پڳدار ۽ گادي نشين استاد محمد پيرل هلائي پيو ۽ سکيا جو سلسلو اڃا پڻ جاري آهي.