ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ واري روايت کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ واري روايت کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟​

    [​IMG]
    سروي: عمير علي ميمڻ
    جواب: ولنٽائن ڊي ملهائڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ غير مذهبي تهوارن کي ملهائڻ کان سختي سان منع ڪيو ويو آهي. (ڊاڪٽر مهوش-ڪراچي)
    ڏٺو وڃي ته اسان جي دين اسلام ۾ اها روايت ملهائڻ جائز ناهي، جيڪڏهن اسان مسلمان ڪافرن کان مشابهت رکنداسين ته مسلمان ۽ ڪافرن ۾ ڪهڙو فرق رهندو، ان لاءِ ان روايت کي نه ملهائڻ گهرجي. (مونا ارم ميمڻ-گلستان جوهر ڪراچي)
    ويلنٽائن ڊي ملهائڻ گهرجي پر ان جو ناجائز فائدو نه وٺڻ گهرجي، هن ڏهاڙي تي غريبن کي تحفا ڏيڻ گهرجن، ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀائرن سان محبت ڪرڻ گهرجي، هي ڏينهن نفرت جو نه پر محبت جو آهي، ان ڏهاڙي تي محبت ونڊڻ گهرجي، شراب پيئڻ يا نشو ڪرڻ بجاءِ هن ڏينهن کي ڌرتي سان محبت ڪرڻ جو ڏهاڙو ڪري به ملهائي سگهجي ٿو. (ثاقب سنديلو-ڪراچي)
    ويلنٽائن ڊي جي بار ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته ”آمريڪا جو هڪ پادري جنهن جو نالو ويلنٽائن هو ان شادي کان پهرين ڇوڪري ۽ ڇوڪري جي تعلقات کي جائز قرار ڏنو هو، پادري جي ان ڳالهه تي اتان جي حڪومت هن کي 14 فيبروري تي ڦانسي جي سزا ڏني هئي، ان ڏينهن کان آمريڪا جي نئين نسل پادري ’ويلنٽائن‘ جي ياد ۾ 14 فيبروري ويلنٽائن ڊي ملهائڻ شروع ڪيو“، هاڻي ان ڏينهن کي مسلمان به ملهائن ٿا. (اويس چانڊيو-مٺياڻي)
    ويلنٽائن ڊي جي روايت صرف مسلمانن کي بيوقوف ٺاهڻ آهي، اها روايت عيسائين جي آهي، جيڪڏهن ويلنٽائن ڊي تي ڪنهن ڇوڪري سان محبت جي اظهار بجاءِ اهو ڏٺو وڃي ته اسان کي پنهنجي رب سان ڪيتري محبت آهي ته اهو بهتر عمل آهي، ڇو ته حقيقي محبت اها ئي آهي. (نويد احمد پنهور-ڪراچي)
    ويلنٽائن ڊي ملهائڻ هڪ سٺو عمل آهي ۽ اسان کي ويلنٽائن ڊي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ گهرجي، ڇو ته جڏهن اسان دوستي، ماءُ، پيءُ ۽ ٻيا ڏهاڙا ملهائيندا آهيون، ته پوءِ محبت جو ڏهاڙو ملهائڻ تي اعتراض اجائي آهن، تنهن ڪري اسان کي اهڙن ڳالهين کي نظر انداز ڪري ويلنٽائن ڊي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ گهرجي. (ڪاشف لاڙڪ-لاڙڪاڻو)
    ولنٽائن ڊي سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ هڪ سٺو ڏهاڙو آهي، ان ڏينهن تي هر ڪو هڪٻئي سان محبت جو اظهار ڪندو آهي، جيڪڏهن اسان ولنٽائن ڊي هڪ چاهه سان ملهايون ٿا ته اها روايت اسان جي محبت ۾ اضافو ڪندي. (زرار ٻگهيو-ٻلهڙيجي)
    ولنٽائن ڊي سال ۾ هڪ دفعو ملهائڻ بجاءِ اسان کي روز ملهائڻ گهرجي، ڇو ته اهو ڏهاڙو محبت جي اظهار جو آهي. (گل بلوچ-کاروڇاڻ)
    منهنجو نظريو ويلنٽائن ڊي مطابق هن ڪهاوت وانگر آهي ته ”نام بڙا درشن ڇوٽي“ اهو ڏهاڙو ملهائڻ انگريز کي ٺهي ٿو باقي اسان ملسمان آهيون اسان جي مذهب ۾ ويلنٽائن ڊي ملهائڻ کي عظيم گناهه جو نالو ڏنو ويو آهي. (مختيار علي جوکيو-درساڻو ڇنو گڏاپ ٽائون)
    اول ته ويلنٽائن ڊي جو سنڌ سان ڪو به تعلق ناهي، انکي نه ملهائڻ گهرجي، ٻيو ته جنهن مقصد لاءِ هي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ياني محبت جو اظهار جو ڏينهن، ته پوءِ محبت جي اظهار لاءِ صرف هڪ ڏينهن ڇو؟ محبت جو اظهار پوري زندگي ۾ ڪڏهن به ڪري سگهجي ٿو، اسان سنڌين کي ڌارين جي پٺيان نه لڳڻ گهرجي بلڪه پنهنجي ثقافت ۽ دين کي ڏسي ڪري پنهنجي زندگي گذارڻ گهرجي، سنڌ جي ثقافت ۽ علمبردارن کي هن معاملي تي سوچڻ گهرجي. (خليق الزمان سومرو-ڦل شهر)
    ويلنٽائن ڊي ملهائڻ گهرجي، هر ماڻهو کي پنهنجي ڌرتي سان محبت جو ثبوت ڏيڻ گهرجي، اهو ڏينهن هر سال ملهائڻ گهرجي. (وفا يوسف بلوچ-کاروڇاڻ)
    ويلنٽائن ڊي محبت جي اظهار جو ڏهاڙو آهي اهو ملهائڻ گهرجي. (لطيف ڪمڀر-ڪراچي يونيورسٽي)
    ويلنٽائن ڊي هڪ سٺو ڏينهن آهي، ان ڏينهن هر ڪو پنهنجي دوست کي تحفو ڏيندو آهي، اهو ملهائڻ گهرجي. (شهدادپور)
    ويلنٽائن ڊي ملهائڻ يهودين جي روايت آهي، اسان مسلمان آهيون، اسان کي اهڙين فرسوده رسمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، استادن ۽ والدين کي گهرجي ته ٻارن کي ان ڏينهن جي باري ۾ روشناس ڪن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اهڙا ڏينهن ملهائڻ کان نفرت پيدا ٿئي. (علي بحر رند-رتوديرو)
    ويلنٽائن ڊي سٺو سنوڻ آهي، هن ڏينهن تي نفرتون محبتن ۾ مٽجي وڃن ٿيون ۽ معاشري خوشي ڦهلجي ٿي. (افضل سيال-ڪنڊيارو)
    ويلنٽائن ڊي کي ڀلي شاهوڪار ملهائن، باقي سنڌ جتي غربت جو راڪاس آهي، اتي ڪهڙو ماڻهو ان کي ملهائن، ماڻهو بکن کان بچاءُ ڪن يا محبت جو ڏينهن ملهائن. (عرفان منان چانڊيو-وارهه)
    ويلنٽائن ڊي عيسائين جي رسم آهي، جيڪا انهن کي ملهائڻ گهرجي، هر مذهب جي ڳالهه پنهنجي هوندي آهي، اسان جي مذهب ۾ ته هر وقت محبت جو درس ڏنو ويو آهي، ڪو به هڪ ڏينهن مقرر ناهي ڪيو ويو، اِهو ڏينهن مسلمانن کي ملهائڻ نه گهرجي. (آزاد ڄام عباس علي انڙ-عمرڪوٽ)
    ويلنٽائن ڊي ملهائڻ تمام هڪ سنگين جرم آهي، پيار جو ڪو به ڏينهن يا ٽائيم نه هوندو آهي، پيار هر وقت ڪري سگهجي ٿو، منهنجي خيال ۾ اسان سنڌين کي نه ملهائڻ گهرجي، اهو اسلام جي به خلاف آهي، اصل ڳالهه اسان هيءَ ٻڌي آهي ته ”آمريڪا جو هڪ يهودي جنهن جو نالو ويلنٽائن هو ان شادي کان پهرين ڇوڪري ۽ ڇوڪري جي تعلقات کي جائز قرار ڏنو هو، پادري جي ان ڳالهه تي اتان جي حڪومت هن کي 14 فيبروري تي ڦانسي جي سزا ڏني هئي، ان ڏينهن کي اتان جا ماڻهو ويلنٽائن ڊي ڪري ملهائيندا آهن“، پر اسان جي مذهب ۾ اهو گناهه آهي، اسان کي گهرجي ته ان ڏينهن کي ”وڻ پوکائي“ جو ڏينهن ڪري ملهايون. (وقار يونس عباسي-ڪي اين شاهه)
    ويلنٽائن ڊي کي ڌرتي سان پيار ورجائڻ جو ڏينهن ڪري ملهائڻ گهرجي. (امام بخش بلوچ-جنگشاهي)
    اسان هن ويلنٽائن ڊي کي غلط سمجهون ٿا، ڇو ته اها انگريزن جي رسم آهي، اسان کي ملهائڻ نه گهرجي. (خالد آگرو-ميهڙ)
    ويلنٽائن ڊي ملهائڻ مسلمان لاءِ صحيح ناهي. (حبيب الله ميمڻ)
    ويلنٽائن ڊي هڪ غلط روايت آهي، اسان کي ڪنهن ٻين جي رسمن بجاءِ پنهنجين ريتن ۽ رسمن کي ملهائڻ گهرجي ته جيئن ٻين کي اسان جي ثقافت جي خبر پوي. (محمد فياض آرائين، راجو خاناني-بدين)
    منهنجي خيال مطابق ويلنٽائن ڊي ملهائڻ غلط آهي، ڇو ته پيار ڪرڻ جو ڪو به هڪ ڏينهن مقرر ناهي، جيڪڏهن انسان ۾ انسانيت، خلوص، محبت ۽ سچو پيار آهي ته گذرڻ وارو هر ڏينهن ويلنٽائن ڊي آهي، باقي ڪو به هڪ ڏينهن پيار جي نانءُ ڪرڻ غلط آهي. (شاهنواز خاصخيلي-بلڙي شاهه ڪريم)
    محبت جي نالي ڪيل هڪ لمحو به عظيم آهي، محبت جي نالي سڄو سال ملهائجي ته به گهٽ آهي. (مير حسن مري-ڀٽ ڀٽائي)
    اسان چاهيون ٿا ته ويلنٽائن ڊي واري روايت کي چڱي ريت ملهائڻ گهرجي. (عاجز الله بخش شولائي-ڳاڙهو)
    ان ڳالهه تي ڪير به اعتراض نٿو ڪري ته الله پاڪ جي طرف کان جيڪو فرض آهي اسان اهو ادا نٿا ڪيون ۽ نه ئي نبي ڪريم صه جي سنت ادا ڪريون ٿا پر ويلنٽائن تي اعتراض ڪيو ٿو وڃي، نماز ۽ قرآن شريف نه پڙهڻ وارن تي به اعتراض ڪرڻ گهرجي صرف ويلنٽائن ڊي ملهائڻ واري تي نه. (آفتاب عامر وحيد-سچل ڳوٺ ڪراچي)
    ويلنٽائن ڊي سال جو هڪ بهترين ڏينهن آهي، ان ڏينهن ۾ ڪيترا ئي وڇڙيل جوڙا پنهنجن پيارن کي گل جا تحفا پيش ڪندا آهن، پنهنجن پنهنجن پيارن کي ياد ڪندا آهن، ان ڏينهن کي ڪنهن به طرح گهٽ نه سمجهيو وڃي، محبت هڪ انمول تحفو آهي، جيڪو پراون کي پنهنجو ڪندو آهي، اسان جو محبت ڪرڻ وارن کي سلام آهي، محبت هميشه سلامت هجي، اسان پيار وارا ماڻهو آهيون، شال رب پاڪ هر دل کي محبت پيار سان نوازي ته جيئن نفرت ختم ٿي وڃي، جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي ته ”محبت جن جي من ۾ رنڊها روڙيا جن، تن جو صرافن اڻتوريو ئي اگهائيو.“ (عبدالڪريم لنڊ، محمد هاشم سمون-تلهار)
    ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ واري روايت اسلام جي روشني ۾ ​

    http://www.youtube.com/watch?v=j0Yy0BPDeD8
    http://www.youtube.com/watch?v=lqQwDH1AZ3A
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ واري روايت کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

    مان نه ٿو مڃان مان نه ٿو مڃان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو