ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
عشق کان مختلف، فلسفو عشق جو!
شاعرن کان نفسياتي ماهرن تائين، فلسفين کان درويشن تائين، سڀني”عشق جي مامَ“ کي پروڙڻ ۽ پرکڻ لاءِ، لفظ ميڙيندي ۽ ڪاڳر ڪارا ڪندي، عمريون ڳاري ڇڏيون آهن، پر عشق آهي ڪهڙي بلا؟ تنهن جو جواب، شايد هڪ گيان جهڙي خاموشي ئي ٿي سگهي ٿي. غالب ته ان کي نفسياتي ماهرن وانگر ”دماغ جو خلل“ سڏيو هيو، ۽ لطيف ڪنهن عاشق وانگر ان کي ”راند“ سمجهڻ کان روڪيو هيو. پر پوءِ به ڪيئن سمجهجي، ته اهو پنهنجي اصليت ۾ آهي ڇا؟ هونئن غالب عشق کي اهڙيءَ باهه سان به ڀيٽيو آهي:
جو لگائي نه لگي، اور بُجهائي نه بُجهي!
شايد عشق لاءِ باهه کان بهتر تشبيهه ٻي ڳولي به نه سگهجي. جو فقط باهه ئي آهي، جيڪا هڪ ئي وقت زندگي، روشني، توانائي ۽ تباهيءَ جي تشريحن تي پوري لهي ٿي. مون کي خبر نه آهي، ته زرتشت باهه کي ڇو پوڄيندا آهن، پر سوچيان ٿو، ته باهه کي نه پوڄين، ته ڇا کي پوڄين؟ جو باهه قدرت جو حسين معجزو ئي ته آهي. جيئن عشق به هڪ معجزو آهي:
مونکي دنيا وفا وفا ٿي سڏي
معجزو تنهنجي پيار جو آهي!
وفا ناٿن شاهيءَ جي زندگي، باهه جو نعم البدل ئي هئي. هو ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ”ٻري جن ٻاري“ واري قافلي جو فرد هيو. جنهن وٽ زندگيءَ، حسن، سنڌ ۽ زماني لاءِ نئون ۽ شاعراڻي تخيل جهڙو تصور هيو. عشق لاءِ به هن چيو:
عشق کان مختلف، فلسفو عشق جو
ڪنهن کي شايد پتو، ڪونه پيو عشق جو!
سچي ڳالهه به اها آهي، ته وفا جي عشق کان جڳ جهان بي خبر ئي رهيو. هن جو عشق هيو به ته اهڙو ئي! عشق جي عام ۽ روايتي فلسفي کان مختلف ۽ انوکو. هن جي عشق ۾ هڪڙي چريائي، هڪڙو جنون ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي جي اٿاهه گهرائي هئي. سندس شاعراڻي انداز ۾ قلندرانه وڏائيءَ سان گڏ صوفيانه بي نيازي به هئي. تنهن ڪري هن ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو، ان جو ليکو ڪڏهن نه ڪيائين. مرڻ کان اڳ ۾ آخري ڀيري به، هن کي لکندي ڏٺو ويو هيو. پر دل جي حضور ۽ جذبي جي سچائيءَ سان ڪيل ان ارپنا عيوض، هن سنڌ کان ڪڏهن به، ڪجهه به نه گهريو. هن جي خواهش هئي، ته هن جي جسم کي وڪوڙي ويندڙ ڀانت ڀانت جي بيمارين جو ڪو بِلو ٿئي. هن پنهنجي عشق وچان جيڪي ڪاڳر ڪارا ڪيا آهن، سي ڪتابن جي صورت ۾ محفوظ ٿي وڃن. پر ان ڳالهه جو ڏک ڪيئن نه ڪجي، ته اسين هن جي ايترين محبتن جو قرض ايتري ننڍڙي فرض جي ادائگيءَ وسيلي به لاهي نه سگهياسين!
نه فرض پالي سگهان ٿو، نه پيار ساهيڙي
ٻڌاءِ، اهڙي جيئڻ مان مراد ڇاهي ڙي؟
ڊهي پئي آن، ته چئو هاڻ پنهنجي قسمت کي
نئين سنئين کان وري، ڪير توکي ٺاهي ڙي!
ساڍن چئن سالن جي عمر ۾ ورهاڱي جو تير سيني تي سهي، هن لطيف جي سنڌ کي ايئن اچي پنهنجو ڪيو هيو، جيئن 7 4 9 1 ع کان پوءِ هتان جي سنڌين پنهنجيءَ دل ۾ ڏک جو طوفان سانڍي وڃي ڪبير جو وطن وسايو هيو. امرتسَر هڪڙو غير رواجي علائقو آهي. سڄي دنيا جي سکن وٽ هن شهر جو وڏو تقدس آهي. وفا جو وطن، اهو ئي امرتسر هيو، جنهن جي لفظي معنيٰ به ڪڍجي، تڏهن به، ”امرتا بخشيندڙ تلاءُ“ جي ٿئي ٿي. پر وفا، معصوم وهيءَ ۾، لاٽون ڦيرائڻ ۽ بلورين کيڏڻ جي ڏينهن ۾ اڃارو ئي اڃارو، ان تلاءَ تان ڌڪاريو ويو هيو. ورهاڱي هن جي ڪٽنب جا ڪجهه فرد به وڍي ڇڏيا. هن جي هڪ ماسي، سکن اغوا ڪري ورتي هئي ۽ ان کي زبردستي هڪ سک سان پرڻايو به ويو هيو. وفا، پنجاب جو هڪ قوم جي صورت ۾ ڪردار پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ ڀوڳنا مان ئي پرکي ورتو هيو، تنهنڪري هن کي سنڌ سان عشق لاءِ ڪنهن ٻئي دليل ۽ ثبوت جي ضرورت نه هئي. سنڌ هن کي ۽ هن جي ڪٽنب کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو، سندن ڳوڙها اگهيا، گهاون تي پَها رکيا، نتيجي ۾ هنن به سنڌ سان ئي نينهن جو ناتو ڳنڍي ڇڏيو. هن انتظار حسين وانگر سڄي زندگي جلاوطنيءَ جو ورد نه ڪيو، نه ئي ماتمي شعر لکيائين. ان جو سبب شايد اهو به هجي، ته انتظار حسين کي ”لاهور“ ۾ پناهه ملي هئي ۽ وفا کي خيرپور ناٿن شاهه ۾. اهي ٻه شهر ته آهن، پر الڳ الڳ ڌرتيون، ٻه الڳ الڳ مزاج ۽ ٻه الڳ الڳ تهذيبون به آهن. لاهور ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن وچ ۾ رهڻ باوجود، انتظار حسين جي ننڊ سڄي زندگي پنهنجي”بستيءَ“جي ياد ڦٽائيندي رهي. کڻي جو هن به باقي پنجابين وانگر”پاڪستانيت“ ۽ ”اردوءَ“ جي نمائندگيءَ کي ئي پسند ۽ اختيار ڪيو، پر هند جي سار اوسار، هن جي دل کان ڪڏهن ڌار ٿي نه سگهي. پر وفا جي شاعريءَ، تحريرن ۽ انٽرويوز مان محسوس ٿئي ٿو، ته هن پنهنجي امرتسر کي ڪڏهن مُڙي به نه ڏٺو هيو. پنهنجي ديس ۽ مٽيءَ جي ياد کي خراب ڪير ٿو چئي سگهي، ۽ وفا ته وري شاعر به هيو، جنهن جي رَت جزن ۾ ئي وطن سان محبت ساهه کڻندي رهندي آهي. پوءِ به سنڌ سان هن جي وابستگي، مثالي ئي نه، قابل فخر به هئي.
وفا هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جي زندگيءَ جي ڪل ڪمائي فقط هن جي شاعري هئي. صحت هن بچائي ڪونه، ملڪيت هن ٺاهي ڪونه، زمانيداري هن کي آئي ڪونه. هن جي پونجي، ملڪيت ۽ ورثو اها شاعري ئي آهي، جنهن کي هو چاهڻ جي باوجود رڳي ڇپائي به نه سگهيو. هو چريائيءَ جي حد تائين شاعر هو، هر پل ۽ هر مهل شاعر. سچ به ته شاعري هن جو پهريون ۽ آخري عشق هئي. هن جو کائڻ پيئڻ، پائڻ اوڍڻ، اٿڻ ويهڻ، جاڳڻ جلڻ، سڀ ڪجهه شاعريءَ لاءِ هيو. جيڪڏهن ڪو چوي ته، نه ”زندگيءَ“ لاءِ هيو، تڏهن به ڳالهه ساڳي ئي آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي زندگي به ته شاعريءَ لاءِ هئي. ”ڪُل وقتي شاعر“ جو اصطلاح فرسوده آهي، تنهنڪري مان هن کي هڪ ”سراپا شاعر“ يا ”مجسم شاعر“ چوڻ کي اوليت ڏيان ٿو. توڙي جو شاعريءَ سان عشق، هن کي ڏاڍي دربدري به ڏياري. هو پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي هيو، پر نوڪري مئٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ تي وٽرنري کاتي ۾ ڪندو رهيو. هو ان ۾ به خوش هيو، جو کيس ان جي صدقي سنڌ جا جهر جهنگ، وسيتون واهڻ، پٽ ۽ پهاڙ ڏسڻ نصيب ٿيا هئا. هن زندگيءَ کي ڀوڳي ماڻي هيو، ڪنهن زخم ملڻ تي محسوس ڪيو هيو ۽ نظر انداز ڪرڻ تي، ان جي اهميت کي سمجهيو هيو. ائين هن جي شاعري تجربن جي چِيچڙي مان پيڙجي نڪتي هئي. دوکا کائي، دنيا کي سمجهيو هيائين. تڏهن ئي هو پنهنجي اظهار لاءِ نوان نوان استعارا ۽ اهڃاڻ ڳولي سگهيو هيو.
پر شاعري ئي هن کي بچايو هيو. زمانو هن کي نشي پتي، خراب صحبت، خراب صحت جي رستي طرف وٺي آيو، شاعري هن کي سڃاڻپ، نالي ۽ وقار سان نوازيو . وفا، 1943ع ۾ امرت سر جي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ خيرات علي قريشيءَ جي گهر جنم وٺندڙ ”مشتاق علي قريشيءَ“ سان ڏاڍو خراب ورتاءُ ڪيو هو. ان کي زماني وانگر ئي نظر انداز ۽ تباهه ڪيو هئائين، پر هن پنهنجي ”وفا ناٿن شاهيءَ“ کي ڪڏهن به نظر انداز نه ڪيو.ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي، ته سنڌ وفا ناٿن شاهيءَ کي ئي سڃاڻي ٿي ۽ ان سان پيار به ڪري ٿي. جڏهن به صادق فقير جي آواز ۾ سنڌ جي جواني وفا جا اهي ٻول ٻڌا آهن:
توسان پل پل جو رابطو آهي،
ڇا ڪيان دل جو فيصلو آهي!
تڏهن بي انداز دليون، ڪنهن نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪيفيت منجهان لڇڻ پڇڻ لڳيون آهن، جنهن ڪيفيت کي خود وفا به نه سمجهي سگهيو هيو:
توسان ئي ٿو جيئڻ، مرڻ چاهيان
تو الئي ڇا ڪري ڇڏيو آهي!
”مشتاق“ منجهان”وفا“ تائين جو اهو سفر هن کي ان ئي ”الئي ڇا ڪري ڇڏڻ“ واري ڪيفيت ئي ڪرايو هيو، جنهن تي ماڻهن هڪڙو نالو ”عشق“ به رکي ڇڏيو آهي.
سڄو سنسار ئي پيارو لڳي ٿو
جڏهن کان پيار سان پيارا ڏٺو ٿئي!
سنڌ ۾ پنجابين جي هڪ وڏي آبادي زمانن کان رهي ٿي. انهن جا ڪيئي”چڪ“ آهن، پر وفا وانگر گهڻا آهن، جيڪي ان جي عشق ۾ سرشار نظر ايندا هجن؟ انهن مان اڪثر اهي آهن، جن کي سرڪار سنڌ جون زمينون خيرات يا انعام طور عطا ڪيون هيون. پر پوءِ به اهي، خيرات علي قريشيءَ جي پٽ وفا ناٿن شاهيءَ وانگر سنڌ جو اولاد ٿي ناهن سگهيا. مولانا عبيدالله سنڌي، وفا ناٿن شاهي، ادريس راجپوت، سرمد سنڌي ۽ اي ڪي لوڌي کي ته هاڻ پنجابي چوڻ به انهن جي جذبن جي توهين ٿيندي. ڇاڪاڻ ته اهي پنجابي ماءُ جي پيٽان ڄمڻ جي باوجود، دلي، جذباتي، ذهني توڙي عملي طور پاڻ کي سنڌي ثابت ڪري چڪا آهن، ۽ ڪري رهيا آهن. انهن جي عزت ۽ حيثيت ڪنهن به سنڌيءَ کان گهٽ نه آهي، پر هنن جي سنڌ سان اهڙيءَ محبت جو سبب شايد اهو آهي، ته سنڌ انهن کي انعام يا خيرات ۾ ناهي ملي، نصيب سان ملي آهي، ڀاڳ طور ملي آهي. تنهن ڪري انهن سنڌ سان، سنڌ جي ماڻهن سان، سنڌ جي وڻن ۽ هوائن سان، سنڌو نديءَ سان، شاهه لطيف سان ۽ سنڌي ٻوليءَ سان دل جو رشتو ڳنڍيو آهي. هونئن به سنڌ شايد دنيا جو واحد ديس آهي، جنهن جو عشق لڳي ته ماڻهوءَ کان ٻئي جهان وسري به وڃن، ته ٺهي به وڃن. وفا به پنهنجي روح تائين ان ئي سنڌ جي عشق ۾ رتل ۽ رڱيل هيو. تنهن ڪري هن سڄي حياتيءَ جو پل پل سنڌي ٻوليءَ جي جهولي خوبصورت، نرالن ۽ سدا حيات شعرن سان ڀرڻ ۾ خرچ ڪري ڇڏيو:
سنڌ جي آب و هوا
جنت الفردوس ڇا؟
هر باشعور ليکڪ وٽ لکڻ ڪا بي معنيٰ پريڪٽس نه آهي، هڪ بامعنيٰ رياضت آهي. وفا وٽ به ان جو هڪ مخصوص تصور ۽ مقصد آهي. هڪ انٽرويوءَ ۾ اهڙي سوال جو جواب ڏيندي، هن چيو هيو:”مان ڇا چوان، ته مان ڇو ٿو لکان؟ ان هوندي به مان اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته مان پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ٿو لکان. پنهنجن ماڻهن لاءِ ٿو لکان، پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجيءَ قوم لاءِ ٿو لکان- ۽ جڏهن مان ڌرتي، ٻولي ۽ قوم چوان ٿو، ته اها صرف ئي صرف سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم ئي آهي.“
وفا هونئن ته هڪ مڪمل شاعر هيو، پر پوءِ به هن جي سڃاڻپ غزل ئي رهيو. هن سنڌيءَ ۾ هڪ سئو بندن تي مشتمل غزل لکڻ جو به تجربو ڪيو هيو ۽ ظاهر آهي، ته اهو هڪ تجربو ئي هيو. غزل اها صنف آهي، جنهن جي زلفن جي اسيريءَ ۾ اردو جا وڏا شاعر مير ۽ غالب کان وٺي ناصر ڪاظمي ۽ فراز به رهيا آهن، ته سنڌيءَ ۾ خليفي گل کان سانگي، شيام، ايم ڪمل، حاسد، موهي، اياز گل، صدف، سعيد ميمڻ ۽ علي دوست جهڙا شاعر به شامل آهن. غزل ئي انهن کي سڃاڻپ ڏني، غزل ئي انهن جو حوالو آهي- پر وفا انهن شاعرن مان هيو، جنهن خود غزل کي به هڪ نرالو تعارف ۽ سڃاڻپ بخشي. پنهنجي مخصوص ترڪيبي، تشبيهي ۽ تخليقي نظام وسيلي، هن سنڌي غزل کي هڪ پنهنجي ۽ الڳ روايت عطا ڪئي.
اڳياڙي، پوياڙيءَ جو
جيون ڌڪ ڪهاڙيءَ جو
سڄي جهان کي آزادگيون عزيز آهن،
نڪو غلام ٿجان ۽ نڪو غلام ڪجان.
وفا جو بيوفا سان پيار ٿي ويو،
سياڻو ڪانگ هو، ڦاٿو ٻه ٽنگو.
ڪنهن مشهور غير ملڪي شاعر لاءِ ڪٿي پڙهيو هيم، ته هن جو پسنديده مشغلو، عورت اديبائن کي خط لکڻ هيو. سنڌيءَ ۾ اهڙو شوق وفا جهڙو ٻيو ڪير ڪري. هن ڪيئي مقبول ليکڪائن، شاعرائن ۽ نامور سنڌي عورتن کي ڊگها ڊگها خط لکيا. ان ڪري اڪثر اديبائون هن جي نالي تي ڏند ڪرٽينديون هيون. خطن لکڻ ۾ ته هن جو هونئن به ڪو ثاني نه هو. هر اهو ماڻهو، جنهن سان هن جي ٿوري به واقفيت هوندي، وٽس وفا جا خط ضرور پيل هوندا. هن جا ڪي ڪي خط ته سئو سئو ۽ ٻه ٻه سئو صفن تي به مشتمل آهن، جيڪي وفا جي فرسٽريشن، ذهني پيڙائن، زماني جي تلخين ۽ اذيتن جو دستاويز آهن. ڪاش! ڪو اهي خط گڏ ڪري سهيڙي، ته شايد پنهنجي دور جي نهايت نرالي شاعر جي ذهني ۽ جذباتي آتم ڪهاڻي مرتب ٿي پوي.
جيتوڻيڪ دربدر ته هن جي شاعري به ٿي چڪي آهي. ڪي رجسٽر ڪنهن وٽ رهيا، ته ڪي ڪنهن وٽ. هن جي هزارين صفحن تي مشتمل شاعريءَ جا ڪل ٻه ڪتاب”اکين ۾ الماس“ ۽ ”وفا“ جي نالي سان ڇپجي سگهيا آهن. پر جيڪڏهن وقت سر هن جي ڪلام کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش نه ورتي وئي، ته سنڌي شاعري پنهنجي هڪ اهم ورثي کان محروم ٿي ويندي.
نامور نقاد انند کيماڻيءَ پنهنجي تنقيدي مضمونن واري ڪتاب”ڪنڊن جي سڳنڌ“ ۾ موهن ڪلپنا جي ڪتاب ”جهاز جي ڊيڪ تي“ راءِ ڏيندي، لکيو آهي:”ادب به هڪ بي ترتيب ڀيڙ آهي، جتي شور، شور ۽ شور آهي. ان شور ۾ ڪهڙو آواز معنادار آهي، نه جلدي خبر ٿي پوي ۽ نه جلدي اهو پنهنجي پوري ادب جي حوالي ۾ Decode ڪري ٿو سگهجي.“ ويهين صديءَ جي سنڌي شاعري به اهڙو ئي هڪ شور ۽ اهڙي ئي هڪ پِيهَه آهي، پر پوءِ به وفا جو آواز ان ۾ آسانيءَ سان ٻڌي ۽ سڃاڻي سگهجي ٿو. اهو آواز بي معنيٰ ۽ اجايو نه آهي، تنهن ڪري ان کي هر حال ۾ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ وفا جي وڇوڙي کي هڪ سال پوري ٿيڻ تي، مون کي قديم هندستاني شاعر جئه ديو جي ”گيت گووند“ جون هيٺيون سٽون ٿيون ياد پون:
جڏهن ڏاکڻين پهاڙن مان هوائون اچن ٿيون
۽ محبت جي ديوتا کي به ساڻ آڻين ٿيون
جڏهن گلن جا انبار
چاهيندڙن جي دلين ۾ ڏارون وجهڻ لاءِ
تڙڻ پکڙڻ ٿا لڳن
تڏهن ڪو تنهنجي وڇوڙي سبب
ڏکوئجي ٿو وڃي!