سنڌ جي هڪ تعليم گاهه ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو رپورٽ : صالح بلوچ سنڌ ۾ هونئن ته ڪيترائي تعليمي ادار آهن جيڪي مشهور ۽ معروف آهن ۽ انهن تعليمي ادارن مان گهڻائي ناليوار شاگرد پڙهي نڪتا جن زندگي جي مختلف شعبن جهڙوڪ تعليم سياست، اقتصاديات، فلاسفي، تاريخ، ادب، رياضي، نباتات، رانديون، موسيقي، فنڪاري وغيره ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي. اهڙن تعليمي ادارن مان سنڌ مدرسته اسلام ڪراچي اين جي وي گورنمنٽ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز علامه آءِ آءِ قاضي اسڪول پاٽ شريف، نورمحمد هاءِ اسڪول. ون ميهڙ، لاڙڪاڻي شڪارپور ۽ خيرپور ميرس جا اسڪول قابل ذڪر آهن. پر ورهاڱي کانپوءِ جيڪي تعليمي ادارا وجود ۾ آيا انهن مان جنهن تعليمي اداري سڀ کان گهڻي شهرت ماڻي ۽ جتان گهڻائي مشهور ۽ معروف شاگرد پڙهي نڪتا اهو تعليمي ادارو آهي ڪيڊت ڪاليج پيٽارو . اهو اداراو ڄامشوري ريلوي ڦاٽڪ کان ارڙهن ڪلو ميٽر اتر طرف پيٽاري ڳوٺ جي ڀرسان واقع آهي. شروع ۾ اهو ڪاليج سن 1957ع ۾ هاڻوڪي گورنمينٽ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج ميرپور خاص واري عمارت ۾ قائم ڪيو ويو هو. پوءِ سن 1959ع ۾ پنهنجي موجوده هنڌ تي تبديل ٿي آيو. ڪاليج جون عمارتون پيٽارو ريلوي اسٽيشن ۽ ٻئي جنگ عظيم جي ڏينهن۾ هتي قائم ڪيل فوجي هوائي اڏي جي وچ ۾ ٺهيل آهي. هي ڪاليج ست سئو ايڪڙ زمين تي پکڙيل آهي. هي ڪاليج اڳوڻي صدر جنرل محمد ايوب خان جي سفارش تي قائم ڪيو ويو. ان جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي تعليم سان گڏوگڏ فوجي تر بيت ڏئي پاڪستاني فوجن جهڙوڪ بري، بحري، هوائي فوجن، ۾ شامل ڪرڻ هو. هن اداري جو پهريون پرنسپال تعليمي ادارن جو هڪ سينئر پروفيسر هو پر پوءِ جلد ئي هڪ رٽائرڊڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس کي پرنسپال مقرر ڪيوويو جنهن پنهنجي فوجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي هن اداري کي هڪ مثالي ڪيڊٽ ڪاليج بڻائي ڇڏيو. سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ هن اداري جو نئون پرنسپال ڪمانڊر فيروز شاهه کي مقرر ڪيوويو جنهن پنهنجي قابليت۽محنت سان ڪيڊٽ ڪاليج کي اڃان به وڌيڪ شهرت ڏياري. جيئن ته ڪاليج هڪ رهائشي تعليمي ادارو آهي تنهن ڪري ڪيڊٽس جي رهائش لاءِ ست هاسٽلون آهن جن کي هائوسز سڏيو ويندو آهي. پهريون هائوس پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي نالي پويان جناح هائوس سڏيو وڃي ٿو. اهو سن 1957ع ۾ ڪاليج جي پراڻي عمارت جيڪا ميرپورخاص ضلعي ۾ جتي هن وقت شاهه لطيف ڊگري ڪاليج هلي رهيو آهي، قائم ڪيو ويو. ان کان پوءِ سن1958ع ۾پاڪستان جي پهرئين وزير اعظم لياقت علي خان جي نالي پويان لياقت هائوس سڏيو وڃي ٿو. اهي ٻئي هائوسز موجوده هنڌ پيٽ ۾ سن1959ع ۾ منتقل ڪيا ويا. ٽيون هائوس اڳوڻي فوجي حڪمران جنرل ايوب خان جي نالي پويان ايوب هائوس سڏيو وڃي ٿو. اهو هائوس سن 1961ع ۾تعمير ٿيو. چوٿون هائوس سنڌ جي سدا حيات شاعر لاکيڻي لطيف جي نالي پويان لطيف هائوس سن 1962ع ۾ تعمير ٿيو. پنجون هائوس پاڪستان جي مفڪر قومي شاعر علامه اقبال جي نالي پويان اقبال هائوس سن 1966ع ۾ تعمير ڪيو ويو. ڇهون هائوس فاتح سنڌ ۽ نوجوان سپهه سالار محمد بن قاسم جي نالي سان پويان محمد بن قاسم هائوس سڏيو وڃي ٿو. اهو سن 1967ع ۾ تعمير ٿيو. ستون هائوس مهراڻ جي ماٿري جي وڏي هستي لعل شهباز قلندر جي نالي پويان شهباز هائوس سڏيو وڃي ٿو. اهو هائوس سن 1975ع ۾ تعمير ٿيو. ان هائوس شروع ۾ ٻهراڙي جا ٽيهه شاگرد ستين درجي ۾ داخل ڪيا ويندا هئا. سن 2001ع ۾ ان هائوس ۾ وڌيڪ ڪمرا ۽ هڪ ماڙ عمارت مٿان تعمير ڪري ان کي اٺين کا ٻارهين درجي جي ڪيڊٽس جي رهائش لاءِ مقرر ڪيو ويو. هن عظيم اداري مان تعليم پرائيندڙن ۾ صدرِ مملڪيت اسلاميه جمهوريه پاڪستان آصف علي زرداري، صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا، اڳوڻو سنڌ جو وڏو وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جو موجوده پرنسپال ڪموڊور محمد اسلم راڻا شامل آهن. هن ڪاليج جو اڳوڻو ڪيڊٽس سيد شاهد پرويز جيڪو ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي وڃي پهتو. بحري فوج ۾ جناح هائوس جو اڳوڻو ڪيڊٽ فاروق رشيد وائيس ايڊمرل جي عهدي تي پنهنجا فرض ادا ڪيا. جن استادن هن ڪاليج جي تعليمي معيار کي بهتر بڻايو ۽ جن جي ڪري ڪيڊٽس حيدرآباد بورڊ ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪيون انهن ۾ مرحوم ڊاڪٽر فضل محمود، پروفيسر چوڌري سعيد شيدا اعظم، پروفيسر چوڌري سعيد احمد، پروفيسر عزيز احمد فاروقي، پروفيسر محمد اڪرم ڀٽي، پروفيسر محمد سليم منگي، پروفيسر رفيع الدين چنا، مرحوم پروفيسر طارق مصطفيٰ، مرحوم پروفيسر عبدالاحد خان، پروفيسر مختار ڪريمي، پروفيسر چوڌري عبدالغني، پروفيسر افغان مقصود، پروفيسر اختر علي جن جا نالا قابل ذڪر آهن جن اڳوڻن ڪيڊٽس وطن عزيز جي حفاظت لا ءِ جان جونذرانو پيش ڪري وطن جي مٿان قربان ٿيا ۽ شهادت جو رتبو حاصل ڪيو، انهن ۾ ميجر محمد اعظم راجپوت ( پاڪ آرمي)لفٽيننٽ نجم ثاقب( پاڪ نيوي) ليفٽيننٽ سعادت فاروق(پاڪ آرمي) ليفٽيننٽ پرويز اسلم ( پاڪ آرمي) ليفٽيننٽ منيب احمد( پاڪ آرمي ) جا نالا قابل ذڪر آهن اهي سن 1971ع واري جنگ جي دوران شهيد ٿيا ڪئپٽن اسد عباد ڪاظمي 26 مارچ 1993ع تي ( جنهن جو تعلق پاڪ آرمي سان هو ) هو هوائي حادثي ۾ شهيد ٿيو . هن وقت به ڪاليج جو موجوده پرنسپال ڪموڊور محمد اسلم رانا، پنهنجي ذاتي دلچسپي وٺي استادن سان گڏ ڪاليج کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ لاءِ ڏاڍي محنت ۽ لگن سان شاگردن کي پڙهائي رهياآهن اهو سبب آهي جو هر سال حيدرآباد بورڊ جي مئٽرڪ ۽ انٽر سائينس جي امتحانن ۾ ڪاليج جا شاگرد پوزيشنيون حاصل ڪندا آهن . (1)- ”تعليمي اعزازات“ (1)ڪاليج جي 2008 جي تاريخي رزلٽ جي مڃتا جي طور تي همدرد فائوڊيشن پاڪستان 7 مارچ 2009 تي هيٺيان اعزاز ڏنا. (i) ڪموڊور محمد اسلم رانا، ڪمانڊانٽ ۽ پرنسپال ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو، شهيد پاڪستان حڪيم محمد سعيد لائف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ (ii) پروفيسر حاجي احمد رسول، وائس پرنسپال ۽ ڊائريڪٽر اسٽڊيز C.C.P. شيلڊ آف ميرٽ (iii) چونڊ ڏهه پوزيشنون ماڻيندڙ 15 ڪيڊٽس، شيلڊ ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽس (2)لطيف فائونڊيشن، ڪموڊور محمد اسلم رانا پرنسپال C.C.P. کي سنڌ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي سبب لطيف ايوارڊ سان نوازيو. اهو ايوارڊ کيس 25 جون 2009 تي ڀٽائي جي جنم ڏينهن تي ڀٽ شاهه ۾ ڏنوويو. (3) وزير تعليم جناب پير مظهرالحق صاحب S.S.C. PART=II 2009 جي امحتان ۾ ڪيڊٽس جي شاندار ڪارڪردگيءَ تي 19 آگسٽ 2009 تي هيٺيان اعزاز ڏنا. (i) ڪموڊور محمد اسلم رانا- لائف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڪمانڊانٽ ۽ پرنسپل C.C.P. تعليم کي ترقي ڏيڻ سبب (ii) چونڊ ڏهه پوزيشنون ماڻيندڙ – ميرٽ سرٽيفڪيٽ 16 ڪيڊٽس. 2-” ڪيڊٽس جي فورسز ۾ شموليت“ سال 2008 ۾ 179 مان 53 ڪيڊٽس جي آرمڊ فورسز ۾ بهرتي ٿي. اهو ڪاليج جي تاريخ ۾ هڪڙي سال ۾ ڀرتي ٿيندڙ ڪيڊٽس جو وڏي ۾ وڏو تعداد آهي. 3-”ادبي سرگرميون“ (i) نومبر 2008 تي CCP، بحريه ڪاليج NORE-1۾ انٽرڪاليج ڊيڪليميشن ڪانسٽيسٽ ۾ چيمپئنز ٽرافي ماڻي. (ii) ڪيڊٽ محمد نعمان شريف ڪِٽ نمبر 7178 (ج) ڪنسوليشن پرائز ماڻيو انگريزي تقريري ڪامپيٽيشن 2008 جيڪو آل پاڪستان ايلِيٽ اسٽيٽيوشنس ٽيلنٽ ڪانٽينس جوهڪ حصو هئو. (iii) ڪيڊٽ فرقان قمر 7123 (لطيف) حصو ورتو آل پاڪستان ايسي رائٽنگ ڪامپيٽيشن ۾جنهن کي نيشنل ميوزيم آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، لاهور منعقد ڪيو. کيس هن مقابلي ۾ مڃتا جو سرٽيفڪيٽ مليو. 4-” نائون آل سنڌ انٽرڪيڊٽ ڪاليج راندين جو مقابلو 2008“ هي مقابلو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 9کان 16 نومبر 2008 تائين تمام ڪاميابيءَ سان ملهايو ويو. ميزبان کان علاوه پاڪ سٽيل ڪيڊٽ ڪاليج ڪراچي ، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ هن مقابلي ۾ حصو ورتو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ڪُل 6 ئي سونا ٻِلا کٽي ڪري مقابلو پنهنجي نانَو ڪيو. آل سنڌ انٽرڪيڊٽ ڪاليج مقابلن جي تاريخ ۾ ڪنهن به ڪاليج پاران پهريون ڀيرو 6 سونا ٻِلا کٽيا ويا. -------------------------------------------------------------------------------- استاد پنهنجي ذميواري جو احساس ڪري ته معاشرو پاڻهي سُڌري ويندو: ڊاڪٽر پروين منشي ڳالهه ٻولهه : واگهو مل -------------------------------------------------------------------------------- ملڪي تعليمي ادارن جو جتي ذڪر ڪجي ان ۾ مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جو ذڪر نه ڪرڻ سان تعليمي ادارن جو ذڪر اڻپورو هوندو. ملڪ جي ٻيو نمبر قديم ۽ عظيم درسگاهه جي هڪڙي فئڪلٽي جي سربراهه جيڪا ايلسا قاضي جي نانءَ سان آهي، ايلسا قاضي جي روپ ۾ تعليمي ترقي ۽ جاکوڙ ڪندڙ ڊاڪٽر پروين منشي جنهن پرائمري تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي، ايم اي، ايم ايڊ ۽ ايم فل کان پوءِ پي ايڇ ڊي همدرد يونيورسٽي مان ڪئي ۽ هڪ ماهر تعليم ۽ بهترين استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي پروفيشنل ڪيريئر جي شروعات جونيئر اسڪول ٽيچر کان ڪئي. سنڌ يونيورسٽي ۾ بهترين استاد طور خدمتون سرانجام ڏنيون هن وقت ايجوڪيشن فئڪلٽي جي ڊين ۽ پروفيسر پڻ آهي. هن تعليم بابت مختلف ڪتاب پڻ لکيا آهن.ساڻس ڪيل ڳالهه ٻولهه پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿي. عبرت : توهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟ ڊاڪٽر پروين : ننڍپن جي زندگي تمام بهترين گذري پڙهائي دوران پرائمري کان ڪاليج سطح جي ڪلاسن ۾ سراسر حاضر هوندي هيس. اسان جي تعليم واري دور ۾ ٽيوشن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي هيڏي هٿي مليل نه هئي، سرڪاري اسڪولن ۾ استاد ذميواري ۽ سختي سان شاگردن کي ڪم ڪرائيندا هئا، آئون پرائمري کان هائير سيڪنڊري تائين هوشيار هوندي هيس ۽ هوشيار شاگردن جي گروپ ۾ شامل هئس. عبرت : هن وقت توهان سنڌ يونيورسٽي ايلسا قاضي ڪئمپس جي سربراهه جي حيثيت ۽ فئڪلٽي ۾ تعليمي سڌارن لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا؟ ڊاڪٽر پروين : ايجوڪيشن فئڪلٽي ۾ تعليمي سڌارن لاءِ وقت کي مدنظر رکي ڏسجي ته تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. ٻن سالن ۾ ايجوڪيشن فئڪلٽي ۾ شاگردن جي داخلا 250 مان وڌي 1000 جي لڳ ڀڳ پهتي آهي. ان کانسواءِ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ پروگرامن لاءِ صبح ۽ شام واريون شفٽون شروع ڪيو آهن. لئبارٽري، ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ توڙي استادن جي سکيا لاءِ خاص پروگرام، ورڪشاپ توڙي ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون وينديون آهن. انهي کانسواءِ يونيورسٽي ۾ تعليمي معيار جي بهتري ۽ وڌاري لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارن يونيسڪو، يو ايس ايڊ، منسٽري آف ايجوڪيشن، يو ايس اي آءِ ڊي جي سهڪار سان تعليمي واڌاري جي ۽ تعاون ۽ ترقي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. عبرت : فئڪلٽي آف ايجوڪيشن ۽ سنڌ توڙي سڄي ملڪ جا استاد سکيا وٺي رهيا آهن. انهن جي تربيت ۾ توهان ڪيتري قدر ڪامياب ويا آهيو؟ ڊاڪٽر پروين : استادن جي تربيت مان مراد اها شئي آهي ته اسان تعليمي سڌارن لاءِ جرئت ۽ نواڻ پيدا ڪريون. استادن جي سکيا لاءِ اسان وقت جي ضرورت سان گڏ هلي رهيا آهيون ۽ ڏسون ان ڳالهه کي پيا ته معاشري کي ڪهڙي ضرورت آهي. ان لاءِ اسان ڏسو صفحو 7 بي ايڊ جي شاگردن لاءِ انٽرن شپ پروگرام شروع ڪيو آهي ۽ ايم ايڊ جي شاگردن لاءِ ريسرچ، ٿيسز ۽ فيلڊ ۾ تحقيق جو ڪم شروع ڪيو آهي. عبرت : فئڪلٽي ۾ صبح ۽ شام واريون شفٽون ۽ ان سان گڏوگڏ سال ۾ 2 ڀيرا داخلا ڏيڻ وارا پروگرام ڪيتري قدر ڪامياب هلي رهيا آهن؟ ڊاڪٽر پروين : يونيورسٽي جي تعليمي طريقيڪار ۾ ڪاميابي جو نتيجو اسان کي سکيا وٺندڙ استادن توڙي شاگردن جي فيڊبيڪ مان بهتر ملي رهيو آهي. صبح شام واريون شفٽون هلائڻ سان هڪ ته استادن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو. ٻيو ته سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ نوڪريون ڪندڙ استادن کي انهن ٻنهي پروگرامن سان فائدو رسيو آهي ۽ انهن کي به سکيا وٺڻ جو موقعو مليو آهي. ان سان گڏوگڏ يونيورسٽي جو تعليمي معيار بهتر ٿيو آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن اسان 6 ماهي داخلا کي ڏسنداسين ته يونيورسٽين مان جيڪڏهن شاگرد گريجوئيٽ يا پوسٽ گريجوئيٽ ڪري اچن ٿا اهي هر سال ڊسمبر ۾ ايندا آهن ۽ ڪاليج سائيڊ گريجوئيٽ ڪندڙ شاگرد جون جولاءِ ۾ هر سال اچن ٿا. جنهن کي مدنظر رکي اسان سڀني شاگردن لاءِ برابري جي بنياد تي داخلا جي سهوليت ڏني آهي ۽ اهي ٻئي پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. عبرت : فئڪلٽي ۾ 6 ماهي داخلا دوران هيڏي وڏي داخلا ۾ يونيورسٽي کي مالي طور ڪيترو فائدو ٿي رهيو آهي ؟ ڊاڪٽر پروين ؛ يونيورسٽي ۾ ايجوڪيشن فئڪلٽي واحد فئڪلٽي آهي جيڪو پنهنجو خرچ پورو ڪري يونيورسٽي کي رقم بچائي ڏئي ٿي فئڪلٽي کي ايجوڪيشن ڪانفرنسن توڙي سيمينارن ۽ ورڪشاپ جي خرچ لاءِ مختلف ادارن جو سهڪار حاصل هوندو آهي ۽ ان ۾ اسان يونيورسٽي جو خرچ بچايون ٿا. عبرت : فئڪلٽي ۾ ترقياتي ڪمن ۽ تعليمي سڌارن لاءِ ڪيترو پئسو خرچ ڪيو ۽ ڪهڙيون سهولتون ڏنيون؟ ڊاڪٽر پروين : ايجوڪيشن فئڪلٽي ۾ ٻن سالن ۾ ايترو ڪم ڪرايو آهي جيڪو 6 سالن ۾ نه ٿيو آهي. عمارت جي مرمت لاءِ هڪ ڪروڙ جي لاڳت سان ترقياتي ڪم ڪرايو. عمارتن جو ڪم پڻ هلندڙ آهي. آڊيٽوريم، ڪمپيوٽر ليب، ڪلاسن ۾ ملٽي ميڊيا جون سهولتون ڏنيون. ڪلاسن جي ڪمرن کي وڌايو آهي ان سان گڏوگڏ هن وقت استادن جي سکيا لاءِ ڊپلوما پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. عبرت : سنڌ ۾ موجوده وقت ڪرندڙ تعليمي معيار جو ڪهڙو ڪارڻ آهي ؟ ڊاڪٽر پروين : تعليمي معيار ۾ خرابي گهڻ رخي آهي اسان جي تعليمي ادارن ۾ چيڪ اينڊ بئلنس ناهي. ڪٿي به ۾ ذميواري سان مانيٽرنگ ۽ سپروائيزنگ نٿي ڪئي وڃي. اسان وٽ تعليم ۾ خرابي خاص ڪري ايليمينٽري ۽ پرائمري سطح تي آهي. انهي ليول جي استادن جي ڀرتي ميرٽ تي نٿي ٿئي. پرائمري سطح تي پگهار سٺو نٿو ملي. ڪواليفيڪيشن ۽ ڪوالٽي جي بنياد تي پگهار نٿو ملي. اهڙي نموني تعليم ادارن ۾ سياسي مداخلت پڻ گهڻي آهي. تعليمي سڌارن لاءِ معاشري جو ڪو به ڪردار ناهي ۽ نه ئي معاشرو سمجهي ٿو ته تعليمي سڌارن لاءِ اسان جي به ڪا ذميواري آهي. جنهن ڪري اسان کي تعليم جا ثمر نٿا ملن ۽ ان جي اهميت گهٽجي وئي آهي. تعليم کي صرف نوڪري سان ڳنڍيو وڃي ٿو ان ۾ شعور کي نٿو ڏٺو وڃي. عبرت : موجوده تعليمي پالسي ۾ تعليمي سڌارن جي ڪيتري قدر بهتري جي اميد رکي سگهجي ٿي؟ ڊاڪٽر پروين : پاڪستان ۾ تعليم پاليسيون ته گهڻيون ئي بهتر آهن پر ان تي امپليمينٽيشن ناهي ٿي. پاليسي تعليم جي معيار کي پهچڻ هوندي آهي. ان ۾ علائقي صوبي توڙي ضلع کي نٿو ڏٺو وڃي ته انهن کي ڪهڙي گهرج آهي. اسان وٽ پلاننگ۽ امپليمينٽيشن نه آهن. معاشرو ، حڪومت ، تعليمي ادارا ۽ استاد پاڻ ۾ هٿ ۾ هٿ ملائي نه هلندا تيستائين تعليمي سڌارا ناممڪن آهن. عبرت : سنڌ ۾ طبقاتي تعليمي نظام کي ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟ ڊاڪٽر پروين : جيستائين سنڌ ۾ طبقاتي تعليمي نظام کي ڏٺو وڃي ته اهو سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن جو آهي. جنهن ۾ اسان جي معاشري ۾ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو خيال اڀري ويو آهي ته پرائيويٽ ۽ ڪي جيز اسڪولن ۾ صرف سرمائيدارن ۽ سرنديءَ وارن جا ٻار پڙهي سگهن ٿا ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ غريبن پورهيتن جاٻار پڙهي سگهن ٿا ۽ اهو ڪنهن حد تائين درست پڻ آهي. ڇاڪاڻ ته پرائيويٽ اسڪولن جي في وڏي هوندي آهي. جيڪو عام ماڻهو ته نٿو ڀري سگهي. انهي کانسواءِ تعليمي معيار جو خاص ڪارڻ ڪريڪيولم (نصاب) آهي. جنهن جا پڻ به پهلو آهن. هڪ پرائيويٽ اسڪولن جي نصاب کي ڏسون ٿا ته انهن کي ڪنهن به قسم جي پابندي ناهي. مرضي جو نصاب پڙهائن ٿا. ڇڙواڳي وڌيڪ آهي. عالمي سطح جو نصاب پڙهايو وڃي ٿو. سرڪاري اسڪولن ۾ وري سنڌ ٽيڪسٽ طرفان لاڳو ڪيل نصاب پڙهايو وڃي ٿو، جيڪو پابندي سان پڙهايو وڃي ٿو. سرڪاري ادرن ۾ هٿ جو نصاب يا مرضي نو نصاب پڙهائڻ جي اجازت ناهي. گورنمينٽ سيڪٽر ۾ چٽاڀيٽي جو ڪو به ماحول ناهي هيڊماسترن کي اختيار ناهي ته اهو غيرحاضر يا لاپرواهه ماسترن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ جيڪڏهن ماستر ڪم نٿو ڪري ته کين ڪڍي ڇڏين ٿا. ان جي حاضري ۽ ڪم کي ڏٺو وڃي ٿو. پر گورنمينٽ سيڪٽر ۾ مانيٽرنگ ناهي. عبرت : سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري سطح تي جيڪو نصاب پڙهايو وڃي ٿو ڇا اهو ضرورتن کي پورو ڪري ٿو، ۽ انهي سطح تي ڪاپي جو رحجان وڌيڪ آهي ان بابت توهان ڇا چوندا؟ ڊاڪٽر پروين : سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري سطح تي لاڳو نصاب ۾ ڪجهه سڌارن جي ضرورت آهي. انهيءَ سطح تي ڊگها ڪورس ضرور پڙهايا وڃن ٿا پر انهن وٽ مدو به وڌيڪ آهي اتي انتظامي ۽ نگراني ۾ سڌارا آندا وڃن ته معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. باقي رهي ڳالهه امتحانن ۾ ڪاپي واري وبا جي جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪنهن فرد يا اداري جي وس جي ڳالهه ناهي ان جي خاتمي لاءِ حڪومت، اداري ، انتظاميا، استادن، والدين ۽ معاشري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ هر ماڻهو کي ذميواري نڀائڻي پوندي. عبرت : اسان وٽ پڙهايو ويندڙ نصاب (ڪريڪيولم) ڪيتري قدر ڪارائتو آهي؟ ڊاڪٽر پروين : نصاب ڪارائتي هجڻ مان مراد ته هو معاشري جي ضرورتن کي پورو ڪري. اسان وٽ جنرل ڪريڪيولم هائير سيڪنڊري کانپوءِ چونڊيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ووڪيشنل تعليم کي ترجيح نٿي ڏني وڃي. مئٽرکي پروڊڪٽ ۾ نٿو بدلايو وڃي. اسان جو زرعي ملڪ آهي اسان خوش قمست ملڪن جي ٻارن کي هڪ ئي نصاب پڙهايو وڃي ٿو. شاگردن کي خبر نٿي پوي ته ڪهڙي علائقي ۾ ڇا آهي. دنيا هيڏي ترقي تعليم جي نصاب جي حوالي سان ڪئي آهي. پاڪستان ۾ پختونخواهه، بلوچستان، پنجاب توڙي سنڌ ۾ ساڳيو نصاب پڙهايو پيو وڃي. پر نصاب جي هر هنڌ پنهنجي ضرورت آهي، ان ۾ اسڪول ڊولپ نٿا ڪريون. هنر ناهي، ايجوڪيشن کي صرف لٽريسي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پر ان ۾ هنر ناهي، علائقائي پيداوار کان ناواقف آهيون. معدني وسيلن جي خبر ناهي. ان جي لاءِ نصاب ۾ تبديلي ۽ هنري تعليم هئڻ لازمي آهي. اسان کي هن وقت جامع نصاب جي ضرورت آهي. عبرت : تعليم جي معيار جي بهتري لاءِ اسان کي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ ڊاڪٽر پروين : اسان وٽ تعليم کي نوڪري جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. حقيقت ۾ انساني نشونما جو ذريعو تعليم آهي. ان جي بهتري لاءِ تعليمي ادارن جو ڪردار لازمي آهي. جيڪي سڌو سنئون تعليم سان لاڳاپيل آهن. تعليم سان ئي ۽ ان جي سڌارن سان عوام کي سڌ ملي ٿي ۽ معاشري ۾ عزت آبرو ۽ شهرت حاصل ٿئي ٿي. اسان وٽ ڊگريون وڌن پيون پر نوجوانن ۾ شعور ناهي. هرماڻهو ڊگرين جي ڊوڙ ۾ شامل آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ڊگري تحت نوڪري ملي. تعليمي سڌارن لاءِ معاشري ۾ شعور اجاگر ڪرڻو پوندو. جنهن لاءِ نه صرف حڪومت کي قدم کڻڻا پوندا پر پڙهيل لکيل سڄاڻ ۽ سڃاهه وند فردن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. عبرت : تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ سنڌ جي استادن کي تعليمي سڌارن لاءِ ڪهڙو پيغام ڏيندا؟ ڊاڪٽر پروين : معاشرو وهندڙ دريا آهي ۽ درياءَ ۾ صرف پاڻي هوندو آهي پر تنهن هوندي به صفائي جي ضرورت پوندي آهي. اسان کي صحتمند معاشري لاءِ پڙهيل لکيل، باشعور، محنتي ۽ ذميوار ماڻهن جي ضرورت آهي. ان ۾ ادارن جو ڪم آهي ته جنريشن لاءِ سٺا ۽ قابل ماڻهو تيار ڪري موڪلين. تعليم معاشري لاءِ ايئن آهي، جيئن انصاف لاءِ آڪسيجن ته جيترو توهان تعليم لاءِ وقت سيڙائيندو، محنت ڪندو ايترو توهان کي ميوو ملندو. جنهن لاءِ استادن جو ڪردار سڀ کان اهم آهي، چوندا آهن ته استاد قومون ٺاهيندا آهن. ان لاءِ هر استاد کي پنهنجي ذميواري جو احساس هجڻ کپي ته اسان کي ڪرڻو ڇا آهي، ته ذميواري ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ سان ئي اسان تعليم ۾ ترقي آئي صحت مند معاشرو قائم ڪري سگهنداسين.