پير پراوا ڌرتي پنهنجي، ڦريل سنڌ جو ڀاڳيو آهيان، نماڻو سنڌي گل مورو هن ڀلاريءَ ڀونءِ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان وٺي شيخ اياز، استاد بخاري تائين ڏٺو وڃي ته ڪيترن ئي شاعرن تهذيب ۽ تمدن جي جياپي ۽ آجپي لاءِ ئي قلمي پورهيو ڪيو. انهن جي قلم جي وسعت ۽ انهن جي ذهنن سوچ مان ڦٽندڙ خوبصورت گيتن، غزلن، واين، بيتن توڙي تحريرن ۾ سچ جي سنيهي جي سرواڻي نظر اچي ٿي. اهڙي ئي ادبي کيتر جي منظر نامي ۾ ڏٺو وڃي ته ساهتي پرڳڻي جي شهر نوان جتوئي ۾ 30 جون 1952ع تي 55 سال اڳ هڪ غريب پورهيت جي گهرڙي محمد اسماعيل کوسو جي گهر ۾ اک کوليندڙ علي حسن کوسو لاءِ ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جي ناميارن شاعرن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو. غربت سبب علي حسن هن وڌيڪ تعليم ته حاصل نه ڪري سگهيو پر هي علي حسن جيڪو اڳتي هلي نماڻي سنڌيءَ جي نالي سان شاعريءَ جي شروعات ڪري، سڄي سنڌ جو نماڻو شاعر بڻجي ويو. هي پورهيت شاعر ادبي کيتر ۾ اچڻ کان پوءِ هالا ۾ رهڻ دوران ٻن سالن تائين ادبي سنگت جو سرواڻ به رهيو. ان دوران هن نماڻي سنڌيءَ کي اتي واپڊا جي ايل جي او ڊي پراجيڪٽ ۾ ڊرائيور جي نوڪري ملي. اتي ئي پورهيتن کيس پنهنجي يونين جو سرواڻ چونڊيو. ان دوران پراجيڪٽ هلائيندڙ عالمي بينڪ جو نمائندو اتي پهچي جڏهن مزدورن جي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ته اتي پورهيت سان عالمي بينڪ جي عملدار بد ڪلامي ڪئي ته ان تي هن ئي نماڻي سنڌيءَ کيس چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن جي نتيجي ۾ نماڻي سنڌيءَ کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو. جڏهن ته نماڻي شاعريءَ جي شروعات هن نوڪريءَ کان اڳي ئي ڪئي هئي. نماڻي جي شاعري ۾ تعمير جا جذبا، سانوڻي جون خوبصورت شامون، گلڙن جهڙا جذبا، سنڌ جي سونهن جي سڀيتا، گلابي موسم جون اڻ کٽ محبتون ۽ ٿر جي آگم ۾ نماڻي کي نظر آيون. جڏهن ٿر جي ڪارونجهر جي ڪور تي نماڻي جون حليم، جمن، حاجي ساند کان وٺي ايوب کوسي ۽ عبدالواحد آريسر سان رهاڻيون ٿيون. پر وري جذبن ۽ جيءَ جهروڪن جون يادون آيون ته نماڻي جو نيهن تعميري سوچ ۽ تاءُ پکيڙي جي کيس ياد ستائڻ لڳي. خوبصورت يادن کي ساريندي ڀٽائي جي ڀونءِ تي ويهي هي سٽون سرجيندي چيائين ته: تعمير لاءِ جذبا ڦٽا تهذيب جي ويا نام ٿي، لهندي وڃي ذهنن اندر اڄ سانوري شام ٿي. (نماڻو) سو نماڻي هر وقت پنهنجي جهريل جيءَ هوندي پنهنجي جيءَ کي جيئرو رکيو ته سنڌ جي سونهن سلامت هجي، امن ۽ آجپي جا گيت گونجندا رهن. پنهنجي پاڪ پوتر ڌرتي جي ذري ذري لاءِ سڄي حياتي جستجو ڪندو رهيو. اها جستجو هن جي شاعريءَ ۾ نمايان آهي. هيءَ ڌرتي ناهي درندن جي ۽ انڌن دولتمندن جي هيءَ پنهنجي آهي ذري ذري تون آءُ پرين هن شهر وري. ائين ئي نماڻي سج جي ڪرڻن وانگر هن ڏکويل ڏيهه کي پنهنجي گيتن وسيلي روشني ڏيڻ پئي چاهي، اهو ئي سندس خواب هو ته ڌرتي خوش رهي، امن جون لوريون هجن، انهيءَ فطرت ۾ جڏهن به نماڻو سوچيندو هو ته سندس نيڻن ۾ اڊڪا تري ايندا هئا. ان وڇوڙي درد جي ڪيفيت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن بيان ڪيائين. اکين ۾ هي اڊڪا تري ٿا اچن لڳي ٿو وڇوڙا وري ٿا اچن هي سپنا اکين جي ڀريل ڍنڍ تي پري جا پکي ڄڻ ڍري ٿا اچن هن جي شاعري ۽ سندس زندگيءَ جي سفر جي ڪهاڻي شاهه لطيف جي سنڌ هئي. هن جو خواب هو ته هن ماتر ڀوميءَ تي ڪو به ڌرتي ڏڻي ناقابل نه هجي، انهيءَ سوچ ۽ فڪر ۾ سڄي زندگي نماڻو ادبي توڙي سياسي سماجي ميدان ۾ هر وقت پاڻ ملهايو، پوءِ ڀل اهي لڙ جي آگم جون ڳالهيون يا ڌرتي تي ڌارين جي يلغارن جو ذڪر هجي، نماڻي ڌرتي جو ڀاڱو ڀان، ڀاڳيو بڻجي پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي هر ڦريل ماڻهو جي در تي وڃي شاهه لطيف جو بيجل بڻجي پنهنجون هي سٽون ٻولي رهيو هو ته پير پراوا ڌرتي پنهنجي، ڦريل سنڌ جو ڀاڳيو آهيان.