انور پيرزادي جون ڪاوشون ۽ قلمي پورهيو سنڌ جي جياپي جو اهم رستو قرار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    انور پيرزادي جون ڪاوشون ۽ قلمي پورهيو سنڌ جي جياپي جو اهم رستو قرار

    [​IMG]

    سنڌ جي اديبن ۽ ليڪکن، صحافي، ليکڪ، شاعر ۽ محقق انور پيرزادي کي سنڌي ادب ۽ صحافت جي ميراث قرار ڏيندي سندس ادبي ۽ صحافتي ڪاوشن کي سنڌ جي جياپي لاءِ هڪ اهم رستو قرار ڏنو آهي. ڪالهه شام جو لياقت لائبريري آڊيٽوريم هال ۾ انور پيرزادي اڪيڊمي پاران انور پيرزادو جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ ۽ هن جي تقريرن جي وڊيو سي ڊي جي مهورت واري تقريب ۾ ناليواري سينيئر ليکڪ ۽ اڳوڻي صحافي سراج الحق ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته انور پيرزادي جهڙا ماڻهو سنڌ جو سرمايو آهن. انهن کي اهڙو مان ڏيڻ گهرجي. جيڪو انهيءَ جو حق آهي. سانور پيرزادو ليکڪ کاٻي ڌر جو سرواڻ، اديب، سياح، شاعر، سنڌ پوسٽ آرڪيالاجسٽ ۽ گهڻو ڪجهه هو. هن چيوته انور شاهه لطيف جي سنڌ پرستي ۽ ٻين اهم مسئلن تي لکيو. هن جو اڻ ڇپيل مواد شايع ڪرايو وڃي. اهو بيباڪ، يگانو ليکڪ هو. ليکڪا نور الهديٰ شاهه چيو ته سنڌي ادب ۽ سنڌو درياهه جي ساڳئي صورتحال آهي. سنڌي ادب ۾ به سنڌوءَ جيان واري اڏامي رهي آهي ۽ غير سنجيده رويا پيدا ٿي ويا آهن. هن چيو ته انور پيرزادي لطيف جو پارکو ۽ سنجيده ليکڪ هو.ان موقعي تي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ذلف پيرزادو، وارث رضا، ايوب خاصخيلي، ايوب خاصخيلي، انور بلوچ، منظور چانڊيو، مخدوم خالد، انور پيرزادي جو وڏو ڀاڙءُ ڊاڪٽر محمد حسن، شاهه محمد پيرزادو، شبير سوڍڙو، ادل سولنگي، حسيب سوڍڙو ۽ ٻيا به موجود هئا. تقريب کي ناليواري شاعر امداد حسيني خطاب ڪندي چيو ته لطيف جي شاعري کي رسول بخش پليجو ۽ سيف ٻنوي جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو وڃي ها. انور پيرزادو به شاهه لطيف تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندو هو. افسوس انور ۽ سيف موڪلائي ويا پر کين رڪارڊ ڪرڻ جو ڪم نه ٿي سگهيو. سينيئر ليکڪ بدر ابڙو چيو ته نور سان 35 سالن جي ساٿ ۾ اسان سنڌ جا ماڳ مڪان گهميا ۽ سموري سنڌ جا ڪشالا ڪڍندي زخمي به ٿياسين. هو سفرن ڪرڻ ڪري بيمار ٿي پيو هو. هن پنهنجن تحريرن ۽ تقريرن ذريعي فڪر جا نوان ٻج پوکيا. هو خود به شعور جو ٻج هو. شاعره سحر امداد چيو ته انور پيرزادو شاهه لطيف جي شاعري تي انگريزي ۾ به ليک لکيا ۽ هن جا ليک سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن کي پڙهائيندي آهيان. ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته انور پيرزادي جي شاعري ۾ پورهيتن سان پيار جو اظهار آهي. سندس شخصيت گهڻ رخي ۽ تخليقي هئي سندس اندر ۾ روشن خيال شخصيت ويٺي هئي. اسلام آباد مان موڪليل پنهنجي مقالي ۾ اعجاز منگي چيو ته انور جديد سنڌي ادب صحافت ۽ تحقيق جو مسيحا هو. ڪهاڻيڪار ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ چيو ته انور کي بنگلاديش جي حق ۾ لکيل هڪ خط کيس پاڪستان ايئر فورس مان جيل موڪلي کيس صحافتي، ادبي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ مجبور ڪيو. ان موقعي تي منظور چانڊيو، راز ناٿن شاهي، مونس اياز، عاجز جمالي، زيب پيرزادو ۽ ٻين به انور پيرزادي جي ادبي ۽ صحفاتي ڪاوشن کي ساراهيندي چيو ته اهو سنڌ جي جهر جهنگ، جبلن، ٻوٽن، وڻن، پکين ۽ جيتن سان به پيار ڪندي انهن تي تحقيق ڪري وڏا اهم ليک لکيا ۽ هو ڪتي جي قبر کان وٺي سنڌو درياهه جي آخري ڇيڙي تائين ويو. اهو هن جو سنڌ سان محبت جو اظهار هو ۽ هو لطيف جو پارکو ۽ شاهه لطيف جو باشعور محبتي ليکڪ هو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض انور پيرزادي جي ننڍي فرزند شاعر امر پيرزادي سرانجام ڏنا. زرار پيرزادي مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: انور پيرزادي جون ڪاوشون ۽ قلمي پورهيو سنڌ جي جياپي جو اهم رستو قرار

    واھ واھ بهترين
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: انور پيرزادي جون ڪاوشون ۽ قلمي پورهيو سنڌ جي جياپي جو اهم رستو قرار

    زبردست ادا.
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: انور پيرزادي جون ڪاوشون ۽ قلمي پورهيو سنڌ جي جياپي جو اهم رستو قرار

    بهترين سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو