محترم سنڌ سلامت جا ساٿيو۔ السلام عليڪم۔ مان پنهنجي هي شاعري جهڙي به آهي ڊيزائن سميت سڀني سنڌ سلامت جي دوستن خاص ڪري اسان جي مانواري ڀيڻ ساره، ادا نثار ابڙو، ادا جهانداد سمون، ادا وهاب قمبراڻي، ادا وحيد ڦلپوٽو، ادا علي علي، ادا مگسي، ادا زاهد سومرو، ادا سُلطان، اسان جي ننڍڙي ڀيڻ نُور ، ادا ابو زين، ادا ٻروچ، ادا ڊاڪٽر اي ڊي سهتو، ڀيڻ نجمه ڪنول، ادا نثار منگي، منهنجي غريباڻي شاعري جو ديوانوادا وحيد سمون۽ وڏو ايڊمن ڀائو رشيد سمون کي ارپيان ٿو انهن سڀني مانوارن ساٿين کي ارپيان ٿو ۽ دُعا ٿو ڪريان ته سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي سدائين محبتون ماڻيندا رهن، خوشيون ماڻيندا رهن. (آمين)
هن سنڌ سلامت جا مور، سهڻا نازن وارا ”ناز“ لکين ڪروڙين قرب اوهان جا ، جو اوهان مون ناچيز تي ايڏا وڏا قرب ڪيا اٿوَ۔۔۔۔۔ ايترو پيار محبت اوهان جو ڏسي ڪري سچ پڇيو ته دل ائين چوندي آ سڄو ڏينهن سنڌ سلامت کي کوليون ويٺو هجان۔۔۔ جو ايترا دوست ڀائر، اسان جي لاءِ ايڏيون وڏيون لکڻيون، نصيحتون، پيار، محبت هتي ونڊيندا آهن، انهي سان گڏوگڏ معلوماتي شيئرنگ به ڪندا آهن۔۔۔۔۔۔ مهربان سائين محترم ناز صاحب اوهان جي شاعري تمام گهڻي پسند آئي۔۔۔۔۔۔۔ shabash shal judy hujeen
ادا ناز، حق موجود سهڻا خيال، سهڻا سخن ۽ من موهيندڙ جذبا ... معاف ڪجو جو هي جرآت ڪيان ٿو پر چوندا آهن ته چوڻ ۾ ڪهڙي برائي ... ادا سائين آخري بند ۾ ”ناز“ پتڻ تي نائو به ناهي، پوءِ به تڪين ٿو راه وڃايل ... درياه واري خيال سان راه وڃايل جي جاءِ تي جي ايئن هجي ها ... ” پوءِ به تڪين ٿو پار اڃايل. ... ڇا خيال آهي ...معافي مون اڳ۾ ئي ورتي آهي ۽ شاعر آءُ آهيان ڪون .. وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ...
ادا نثار ناز، توهان جي لک لائق جو هن ناچيز کي توهان پنهنجي ناياب شاعري اسان جي نان٪ءُ ڪئي، بابا سائين توهان جي لکين، ڪروڙين نه پر کربين احسان آهن هن ناچيز تي۔ مون وٽ اهي لفظ ناهن جن سان مان توهان جو شڪريو ادا ڪريان
مهرباني ادا زاهد سومرا، مخدومي بس مٺا مون وٽ دُعائن ۽ سکڻي شاعريءَ کان سواءِ ڪي به ڪينهي، قسم سان توهان ڪڏهن به اسان کي وسري نٿا سگهو۔ حقيقت ۾ توهان نوجوانن جون محنتون آهن ، جو سنڌ سلامت جو گُلشن هر وقت سجيل هوندو آهي۔
مهرباني ادا نثار ابڙا ، توهان مُنهنجي جذبن کي سُهڻا جذبا چيو ۽ انهن کي بهترين خيال سمجهيو، ٿورو شاعريءَ جي مناسبت سان ڊيزائن تي پنهنجا ڪامينٽس ڏيو ها ته اصل ٻيڙائي ”پار “ ٿي وڃن ها ۔ باقي ادا لفظ ”پار“ لکجي يا ماڳ لکجي، يا راهه لکجي ڳالهه مڙوئي هڪڙي آهي، جيئن ته ناؤ راهه، پار، يا ماڳ تي پهچائڻ جو وسيلو آهي، ان ڪري پتڻ تي ناؤ نه هئي ناز ويچارو ، راهه وڃايل کي تڪيندو رهجي ويو. باقي دوست يقين ڪر تُنهنجي هر سمجهاڻي مُنهنجي لاءِ هڪڙي نئي راهه هوندي آهي. مُنهنجي لاءِ هڪ نئون دڳ هوندو آهي، مان ڀلا ڇو ڪاوڙبس. لک ٿورا ادا ابڙا