خانصاحبي کان نائڪ جي منصب تي پهتل استاد گلزار علي خان نواز ڪنڀر ڳالهه جڏهن به ناقدري جي نڪرندي ته اڄوڪي دؤر ۾ موسيقي جي مهان، پر ڪنڊ ۾ قابو ٿي ويل شخصيت، خانصاحب گلزار علي خان (سانگهڙائي) جو ذڪر ضرور نڪرندو. پاڪستان ۾ آگره گهراڻي جو واحد حيات شاگرد (فياض خان ۽ بنده علي خان به انهيءَ گهراڻي مان هئا) ڪلاسيڪل موسيقي کي پنهنجي زندگي جي ستر سالن مان پنجاهه سٺ سال ارپيندڙ، هي ارڏو انسان ڪلاسيڪل موسيقي جي سفر ۾، خانصاحب کان نائڪ ڏانهن پنڌ ڪندڙ، فن جي قدر ڪرڻ لاءِ ويهاريل صاحبن کي خبر ناهي ڇو نٿو نظر اچي! سڄي سنڌ، بلوچستان، سرائيڪي ۽ پنجاب جي ريڊيو، ٽي وي، درگاهن ۽ محفلن ۾ ڳائي پاڻ مڃرائيندڙ خانصاحب گلزار علي خان جا وڏا جوڌپور جا خيال ۽ ٺمري جا جوڌا جوان ۽ ڪافي جا شاهه گائڪ هئا. ارڏائي ۽ فقرائي جو خوبصورت امتزاج رکندڙ هي سچو ۽ کرو انسان، پنهنجو خانداني سلسلو هرو ڀرو ڪنهن ڌارئي نواب، جاگيردار يا شيخ سان ڳنڍڻ بدران هن مٽي جو ڄائو سڏائڻ ۾ ئي فخر ۽ وڏائي سمجهي ٿو. سندس خاندان جو وڏو پنڊت جيسراج هو، جنهن جا وڏا جوتي رام ۽ موتي رام ڪلاسيڪل موسيقي جي دنيا ۾ وڏو نالو ۽ حيثيت رکندڙ هئا. سندن وڏو عبدالشڪور خان، جيڪو پاڻ به گويو هو ۽ خانصاحب گلزار علي خان جي ڀاءُ خانصاحب رحيم بخش خان جو سهرو ۽ استاد به هو، سو ورهاڱي کان ٻه چار سال اڳ جوڌپور مان، رياست بهالپور ۾ رهندڙ مائٽن وٽ لڏي آيو، جتي اٺ ڏهه سال رهڻ بعد هي خاندان پنهنجي ڀاءُ غلام حسين جي شادي لاءِ، ساهرن پاران سنڌ لڏي اچڻ جي شرط تي ٽنڊي ڄام ۾ اچي آباد ٿيو. خانصاحب رحيم بخش خان جي حوالي سان ڪيتريون ئي محفلون، ڳالهيون ۽ روايتون مشهور آهن. انهن محفلن ۾ ٽنڊي قيصر ۾ حاجي راول پهوڙ جي محفل هجي. هنڱورني ۾ منظور علي خان جي شاگرد ٺارو خان پهوڙ وٽ ٿيل راڳ هجي، هالا ۾ مخدوم طالب المولى جن وٽ محفلون هجن يا اڃان ڪنهن ٻي پاسي ٿيل راڳ هجي. يا ته دربدري هن خاندان جو مقدر هئي يا انهن علائقن جي خوشنصيبي هئي، جتي جتي هن خاندان جو داڻو پاڻي لکيل هو. ٽنڊي ڄام ۾ جڏهن ٻوڏ آئي ته هي وڃي کپري ۾ مائٽن وٽ ويٺا، جتان خانصاحب گلزار علي خان ننڍپڻ ۾ ئي شادي ڪئي هئي. ڇهه ڀائرن، هڪ ڀيڻ واري گلزار علي خان کي پنج نياڻيون ۽ ٽن پٽن جو اولاد ٿيو. خانصاحب گلزار علي خان جا ٽيئي پٽ خانداني ڪِرت جاري رکيو اچن. وڏو پٽ ولايت علي ڌنون به ٺاهي ته ڪافي ڪلام به ڳائي. وچيون پٽ رجب ڪيسٽون به ڪري چڪو آهي ته ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج تي فن جو مظاهرو ڪرڻ کان علاوه ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ به ڳائي چڪو آهي، جڏهن ته ننڍو پٽ عنايت علي خان ننڍي عمر جي باوجود نه صرف ڳائي واهه جو ٿو، بلڪه پنهنجي خاندان جي وڏي جيسراج وانگر طبلو به وڄائي ٿو ۽ واهه جو وڄائي ٿو. سٺن طبلي وڄائڻ وارن نذير خان، بشير خان ۽ منور جي واٽ تي هلندڙ هن نوجوان کي روزي روٽي جي فڪرات کان جي آجو ڪجي ته هي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي ٿو. پر ڪير ٿو گودڙين ۾ لال ڳولي! اڪيلائي پسند هن خاندان کي کپرو به راس نه آيو. ايوب خان جي دور کان اڳ، جمڙائو روڊ تي، سانگهڙ ۾ عيد گاهه واري قبرستان ڀر سان، پيل خالي سرڪاري جڳهه تي اچي آباد ٿيا. سندن سارنگي نواز والد استاد الاهي بخش خان کان جڏهن ڪنهن قبرستان ڀرسان ويهڻ جي حوالي سان پڇيو، ته هن درويش وراڻيو،”ابا! قبرستان جيئرن لاءِ هوندو آهي يا مئلن لاءِ؟“ جواب مليو، ”مئلن لاءِ.“ استاد وراڻيو، ”ابا اسين وري ڪهڙا جيئرا آهيون! اسان به ته مئل ئي آهيون.“ اڄ سوڌو هي خاندان اتي ئي آباد آهي. جيتوڻيڪ هنن کي موسيقي جي ڪيترن ئي قدردانن پاران مختلف شهرن ۾ لڏي هلڻ جون ڪيتريون ئي آڇون ٿيون، پر هن هميشه سانگهڙ ۾ ئي رهڻ کي ئي ترجيح ڏني. ڪلاسيڪل گوين ۾ استاد فتح علي خان کي مڃيندڙ، خانصاحب گلزار علي خان سرمنڊل، تانپورو، ستار، باجو ۽ طبلو به وڄائي ٿو ۽ سانگهڙ جي ڪنڊ وسائي، خانصاحبي مان نائڪ جون منزلون طئه ڪندڙ، پنهنجي ڳائڻ متعلق انڪساري کان ڪم وٺندي چوي ٿو، ”اسان به ٻين سٺن ڳائڻن وانگر، انهن جيترو ته نه پر ٿورو ٿورو ڳائي وڃون ٿا.“ بلوچستان ۾ مير سندر خان، مير سهراب خان ڊومڪي، جهٽ پٽ، سائين چيزل شاهه ۽ رکيل واري پاسي کان ٿيندي، پنجاب ۾ اچ شريف، ڪوٺ مٺڻ، ٿلها شريف، چاچڙان شريف، اسلام آباد ، لاهور، حيدرآباد، بهاولپور، ملتان، ۽ خيرپور ۾ ڳائي پاڻ مڃرائيندڙ گلزار علي خان جو، سنڌ ته جهڙو ڪر گهر جو اڱڻ آهي، جتي شايد ئي ڪا درگاهه ۽ سريلن جي محفل هجي، جتي گلزار علي خان کي نه ٻڌو ويو هجي ۽ هن جا اتي چاهيندڙ نه هجن. استاد کان جڏهن سندس ڳائڻ متعلق پڇجي ٿو ته هو چوي ٿو: ”گائڪ مان نائڪ ٿي ويا سين پر ”آ“ جي هاڻ خبر پئي آهي.“ راڳ بابت استاد جو چوڻ آهي ته، ”راڳ اهو آهي، جنهن ۾ ڳائڻ واري سان گڏ ٻڌڻ وارن جون اکيون به بند ٿين، جنهن ۾ سڪون ملي.“ جڏهن استاد کان ڪنهن وڏي ايوارڊ ملڻ بابت پڇجي ٿو ته هن جي لفظن کان وڌيڪ لهجي مان بيقدري جي دانهن نڪرندي محسوس ٿئي ٿي. استاد چوي ٿو، ”شايد ايوارڊ جهڙو ڳائڻ اڃان نه سکيو اٿم! سکي وٺبو! ايوارڊ ته مڃتا جو نالو آهي. سڄي ملڪ جا سريلا مڃين ٿا. ڀلا اهو ڪنهن ايوارڊ کان گهٽ آهي؟ باقي ايوارڊ زندگي جو مقصد ناهي. مقصد خدمت آهي، اها ڪريون پيا. حاضري آهي، اها ڀريون پيا. اسان پنهنجو ڪم ڪريون پيا، ايوارڊ ڏيڻ وارا پنهنجو ڪم ڪن پيا.“ اهو چوندي چوندي هو ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي وري ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. استاد گلزار علي خان پنهنجون ڪيتريون ئي يادگار محفلون ٻڌائي ٿو. ميرپورماٿيلي جي دين شاهه جي درگاهه تي صبح ٿيڻ مهل شرافت علي خان مٿان، بيراڳي ڀيرو ڳائڻ تي شرافت علي خان پاران بيخود ٿي، اٿي اچي چمي ڏيڻ ۽ ڦلهڏيون لڳ ڍير مٺو فقير تي استاد سلامت علي خان جي ڳايل خيال مٿان پهاڙي ۾ موليٰ جو قصيدو ڳائڻ تي سلامت علي خان پاران اهو چوڻ ته توهان خيال ڳايو ها. صوفي فقير ۾ ٿيل راڳ جي مقابلي جهڙين ڪيترين ئي محفلن جو ذڪر ۽ واقعا استاد ٻڌائي ٿو. حيدرآباد ريڊيو تان ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ”اپروو“ ٿيل هي ماٺيڻو فنڪار مختلف ڪيسٽ ڪمپنين پاران چار پنج ڪيسٽون به ڪري چڪو آهي. استاد ٻڌائي ٿو ته ريڊيو وارن ڏهه پندرهن سالن بعد پنهنجي پاليسي مطابق وري آڊيشن لاءِ گهرايو. اسان چيو، بابا ڪلاسيڪل ڳائڻ وارن جو به آڊيشن! اسان ته خانصاحبن جي به مٿان ڳائي، پاڻ مڃرائي چڪا آهيون. جي توهان جي پاليسي آهي ته اسان جي به پنهنجي پاليسي آهي. ائين وري ريڊيو تي وڃڻ نه ٿيو. سنڌ جي نمڪ جو حق ادا ڪندڙ هي فنڪار نه صرف سٺ سالن کان هتي جو ئي ٿي ويو آهي پر هو منظور علي خان وانگر، ڪوشش ڪري، صحيح سنڌي اچارن سان مانجهه، ڪوهياري، راڻو، آسا، سورٺ، پرڀاتي ۽ ٻين کوڙ سارن راڳن ۾ لطيف سرڪار کان ويندي هن جتي ٻين ڪيترن ئي بزرگن کي ڳايو آهي، اتي نئين ٽهي جي شاعرن کي به خوب ڳايو آهي. ذڪر ڪيل راڳن ۾ استاد جون ڪيتريون ئي مشهور ڌنون پڻ آهن، جن ۾ ڪوهياري ۾ شاهه صاحب جي ڪافي ”واڳ ڌڻي تنهنجي وس، آئون ڪا پاڻ وهيڻي“، ڀيروي مان ”ڪا هينئن سان لاءِ ڀوري“(شاهه)، سورٺ مان منٺار سائين جي ڪافي ”وڄائي تار ٻيجل، ڏيل منهنجو ڏاريو“، ڀيرو ۾ اياز جو غزل ”ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو“ وغيره شامل آهن. جڏهن ته شاهه صاحب جي ڪافي ”ٻاروچل ٻانهي، ڇوري ڇڏ ۾ ڇپرين“ جيڪا محمد يوسف ڪوهياري ۾ ڳائي هئي، ان کي استاد راڳ جهنجهوٽي ۾ واهه جو نڀايو آهي. ان کان علاوه مهدي حسن جي جوڳيا ڀيرو ۾ ڳايل جڳ مشهور غزل ”غضب ڪيا تيري وعدي په اعتبار ڪيا“ ڪو استاد کان پهاڙي ۾ ٻڌي ته کيس خبر پئجي وڃي ته راڳ ڇا ٿيندو آهي. ڪلاسيڪل موسيقي ۾ پنڊت جو درجو ته سنگيت پراون کي نصيب ٿيندو آهي. نائيڪ جي منزل تي پنهنجون بندشون ٺاهڻ وارو براجمان هوندو آهي. استاد گلزار علي خان به پنهنجون بندشون ٺاهي خانصاحبي مان نائيڪ جي درجي تي پهتل آهي. رات جو ڏهين کان ٻارهين هڪ تائين ڳايو ويندڙ راڳ ڀاڳيشري ڪمال جو ڳائيندڙ هن استاد جون هڪ ٻه بندشون هتي ڏجن ٿيون: · سجن دن بيتي نهين آئي، ڪيسي ڪٽي ان بن رين · رين انڌيري جيئا ڊرائي، تجهه بن چين نهين آئي هن بيقدرن جي ديس ۾ جتي قدر ڪرائڻ لاءِ به ضروري آهي ته غلام علي، سلمه آغا ۽ ريشمان وانگر انڊيا مان ڳائجي يا استاد نصرت فتح علي خان جهڙي جي مشهوري لاءِ به ڪو ورلڊ ڪپ کٽندڙ عمران خان ان جو ذڪر ڪري، اتي جي استاد گلزار علي خان جهڙن ماڻهن جو قدر نه ٿيو، ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو! سالن کان لطيف سرڪار ۽ قلندر لال رحه جي حاضري ڀريندڙ تي جي ڪنهن اداري جي نظر نٿي پوي ته ان ۾ استاد جو ڪهڙو ڏوهه؟ ڏوهه انهن جو آهي، جيڪي ڪنهن نام نهاد وڏي ماڻهو جي واتان، ڪنهن فنڪار جي تعريف ٻڌي، ان جي اهميت مڃيندا آهن. شايد سندن پنهنجي ڪابه راءِ نه هوندي آهي. سوچيان ٿو ته فن جي بيقدري جي نگري ۾ مزدوري ڪندڙ، ريڙهي هلائيندڙ پر پنهنجي خودداري خاطر ڪنهن اڳيان هٿ نه ٽنگيندڙ ۽ فن جي خدمت ڪندڙ ستر سالن جو هي جسماني پوڙهو پر موسيقي جي ميدان جو نوجوان اڃان ڪيترو ڳائي! ڇا ڳائي! نه صرف ڳائي بلڪه پيار ۽ مهارت سان نڀائي، جو انهن ادارن جي آفيسرن جي نظرِ ڪرم مٿس پئي! استاد جي زندگي ۾ سندس فن جو قدر ڪندي کيس مڃتا نٿي ڏئي سگهجي؟ ان لاءِ استاد جو جهان ڇڏڻ ضروري آهي! ڇا کيس مڃتا ڏيڻ جو وقت اهو هوندو، جڏهن هو هتان هليو ويندو ۽ سندس جو ڪو پٽ ايوارڊ وٺندي، خوش ٿي ۽ فخر ڪرڻ بجائي اکيون آليون ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري، ايوارڊ هٿ ۾ وٺي اسٽيج تان لهندو.
جواب: خانصاحبي کان نائڪ جي منصب تي پهتل استاد گلزار علي خان سائين اوهان جا ليک ته تمام ڪارائتا هوندا آهن۔پر ادا وقت جي ڪمي جي ڪري پڙهڻ گهٽ نصيب تا ٿين مهرباني ڪري مختصر ۽ ننڍا ليک ونڊ ڪندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي