وزير منگي: گهڻ پاسائين شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    وزير منگي: گهڻ پاسائين شخصيت​

    [​IMG]
    ڊاڪٽر قربان علي جهتيال

    ليکڪ معاشري جا اهي حساس فرد آهن جيڪي دردن جي ڇهاءَ کي ڏاڍي گهرائپ سان محسوس ڪن ٿا ۽ اهي درد وڌي وڻ ٿي بيماري جو روپ ڌاري وٺن ٿا، ٽي بي، ڪاري ڪامڻ، ڪينسر، هاءِ بلڊ پريشر، ايڊز، بلڊ شگر، هرٽ اٽيڪ ۽ ٻيون کوڙ ساريون مهلڪ بيماريون آهن جيڪي دنيا سان گڏ پاڪستان ۾ به تيزي سان ڦهلجي رهيون آهن. ڪافي بيمارين جو سبب غربت به آهي. اسان جو اديب ۽ صحافي به غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي وڏي لوڙ لوڙي ٿو.. هنن موذي مرضن اسان کان پنهنجا ڏاها قلم ڪار، اديب، شاعر، صحافي ۽ دانشور کسي ورتا آهن، جيڪو درد نئين سر نئون آهي. دادو جي ڌرتي ڪيئي سرموڙ قلمڪار پيدا ڪيا آهن، جن جو قلمي پورهيو صدين تائين ياد رکيو ويندو. سياست، ادب، تاريخ، تحقيق، علم و تدريس، صحافت مطلب ته هر شعبي ۾ دادو واسين پاڻ مڃرايو آهي. اهڙو هڪ جاکوڙي اديب صحافي ۽ قلمڪار وزير منگي ڪينسر جي موذي مرض سبب 30 مئي تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. منهنجو جگري دوست وزير منگي ايترو جلدي اسان کي اڪيلو ڪري ويندو موت جي خبر تي يقين نه ٿو اچي ته دادو جو متحرڪ ڪردار قد آور شخصيت ۽ يارن جو يار وزير منگي زندگي کان هارائي ويندو. 45 سالن جي عمر ۾ مثاني جو ڪينسر مرحوم جي موت جو سبب بڻيو. ان درد جي نئين چڻنگ هر حساس دل کي رئاري وڌو. 31 مئي جي تيز ترين گرم ڏينهن ۾ دادو جي قبرستان ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪندي دادو جا اديب، شاعر ۽ صحافي روئي ويٺا. وزير منگي پريس ڪلب، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، سنڌ جرنلسٽ فائونڊيش ۽ ٻين کوڙ تنظيمن سان وابسته رهيو. هن جو جنم 10 مارچ 1965ع تي نصير آباد جي ڀرسان ڳوٺ واسو ڪلهوڙو ۾ ٿيو. بي ڪام ڪمرشل ڪاليج دادو ۽ بي اي، ايم اي جو امتحان ڊگري ڪاليج دادو مان پاس ڪيائين، پيشي جي لحاظ کان ڊيوٽي ڏيندڙ ڪامياب استاد رهيو. ننڍپڻ کان علمي ادبي سرگرمين ۾ سرگرم رهيو. 1980ع ۾ شهيد مخدوم بلاول ٻالڪ سنگت جو بنياد وڌائين. 1990ع کان صحافت ۾ پير پاتائين، نواءِ وقت، سنڌ سجاڳ سان گڏ عوامي آواز ڪراچي لاءِ دادو ۾ ڊسٽرڪٽ رپورٽر رهيو. صحافتي ذميواريون نهايت ايمانداري نموني نڀايائين بيباڪ، حق سچ چوڻ وارو صحافي ثابت ٿيو، خبرن ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪندو هو. هن جا سياسي تجزيا پڙهندڙن ۾ ڏاڍا مقبول رهيا. صحافت ۾ سڄي سنگت کي ساڻ کڻي هليو ۽ ڪڏهن به پٺتي نه هٽيو. وقت ٽي وي چينل جو رپورٽر رهيو. هڙان وڙان صحافتي قدرن کي اوج ڏنائين ۽ ڪرپشن کان پري رهيو.

    وزير منگي سنڌي ادبي سنگت جو پراڻو ميمبر رهيو. 3 ڀيرا سنگت دادو جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، سنگت ۾ رهي ڪري علم ادب ۽ ٻولي جي وڏي خدمت ڪيائين، ادبي سنگت جو دادو ۾ مضبوط مورچو ثابت ٿيو. سنگت جي سرگرمين ۾ روح وڌائين. دادو ماضي ۽ حال ڪانفرنس منعقد ڪرايائين. سنڌ جي مسئلن تي وڏا وڏا احتجاج، ريليون ۽ سيمينار ڪرايائين. سڌو ميراڻي، الهنواز رڪڻائي، ڊاڪٽر حميد سومرو، امر سنڌو، حاڪم علي شاهه بخاري ۽ ٻين اديبن جا ليڪچر ڪرايائين. ادبي سنگت ۾ منهنجو ته ٻانهن ٻيلي رهيو. رابطا سيڪريٽري جي چونڊن ۾ چٽي طرح ورڪ ڪندو هو. هر ادبي پروگرام ۾ شوق سان شرڪت ڪندو هو. ڦلجي ۾ ته سوين ڀيرا آيو، جڏهن به ادبي پروگرام ترتيب ڏيان ته اچي نڪرندو هو ۽ مفيد مشورا ڏئي ادبي سنگت کي زندهه رکندو هو. دادو جي هر تنظيم سان گڏجي ڪم ڪيائين، سگا ۾ به مثالي ڪم ڪيائين، آخري ڏينهن ۾ نائب صدر رهيو. حياتي جو اڪثر حصو ۽ مالي رقم سماجي ڪمن ۾ ڏيندو رهيو. سگا کان علاوه ٻين تنظيمن سان به ٻانهن ٻيلي رهيو. مرحوم پريس ڪلب دادو جو عهديدار به رهيو. عوامي آواز جي سالياني گڏجاڻين جي ميزباني ڪندو هو. صحافت ۾ اسان هن کان سکياسين، گلزار ڪلهوڙو، جبل سنڌي، اڪبر پنهور، اسماعيل پيرزادو، غوث جهتيال، نظام شيخ، ولي چانڊيو، سعيد سنڌي ۽ مون سان گڏ صحافتي سرگرمين ۾ نئين طاقت جو سرچشمو ثابت ٿيو. سنڌ جرنلسٽ فائونڊيشن ۾ خزانچي ٿيو. آزاد انور ڪانڌڙو، قربان ٻگهيو، اعجاز قريشي، فريد شيخ، غلام نبي پنهور ۽ ٻين صحافين سان ٻانهن ٻيلي رهيو. صاف شفاف صحافت ۾ يقين رکيائين. سٺو ڪمپيئر ۽ سٺو مقرر به هو، ڪم ڪندي ڪڏهن به ٿڪبو ڪو نه هو، يارن جو يار رهيو. هن جي ذاتي زندگي جا سڀ ورق محبتن سان سجايل آهن. 29 مئي 2000ع کان مٺا پيشاب جي مرض ۾ مبتلا رهيو. هاءِ بلڊ پريشر ۽ سائي جو به حملو ٿيس، تازو مثاني جي ڪينسر کيس جهوري وڌو. اسپتالن جا چڪر ڪاٽيندو رهيو موت سان جهيڙو ٿيندو رهيو، غربت سبب علاج جون معياري سهولتون نه مليون. دادو جي صحافين مرحوم جي علاج لاءِ آواز اٿاريو پر سرڪار طرفان اڻپوري امداد ۽ مرض وڌي ويو. سول اسپتال ڪراچي ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي جي علاج به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ ڪينسر ساري جسم ۾ ڦهلجي ويو ۽ ڏسندي ڏسندي کلندي کلندي اسان جي يار اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، هر اديب جي موت تي شرڪت ڪندو هو، ڪڏهن ٻلهڙيجي ۾ انور پيرزادي جي انتقال تي دعا پيا گهرون، ڪڏهن ڪڪڙ ۾ محسن ڪڪڙائي جي موت تي ڳوڙها پيا ڳاڙيون، ڪڏهن آصف مٺياڻوي کي گڏجي قبر ۾ لاٿوسين، ڪڏهن الهنواز رڪڻائي جا ڪانڌي ٿياسون، ڪڏهن ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي امڙ جي انتقال تي قاضي احمد پهتاسون، اڄ اهو منهنجو جگري يار خاموش آهي، بيماري جي حالت ۾ به ادبي پروگرامن ۾ ايندو رهيو. سنڌي ٽوپي ڊي تي وڏي تقرير ڪيائين ۽ پيغام ڏنائين ته سچائي سان زندهه رهو. 31 مئي تي سوڳوارن سان گڏ هن جا عزيز به هئا. 11 سالن جو سندس ننڍڙو پٽ علي مرتضيٰ زندگي جا بار ڪيئن کڻي سگهندو. مرحوم کي 4 پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، گهر به ڪرائي جو آهي. درد جا عڪس وزير جي ٻچڙن ۾ ڏسون جيڪي پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويا، وزير منگي جي گهٽ پاسائين شخصيت جو حق ان صورت ۾ ادا ٿيندو جو اسان مرحوم جي ٻچڙن جي مدد ڪريون ۽ يادگار ڪاميٽي قائم ڪري مرحوم جي اولاد کي منزل تي رسايون ۽ هن جي قلمي پورهئي کي ضايع ٿيڻ کان بچايون.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: وزير منگي: گهڻ پاسائين شخصيت

    سائين لک لائق ونڊ ڪرڻ جا
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وزير منگي: گهڻ پاسائين شخصيت

    سائين لک لک مهربانيون اوهان جو.
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: وزير منگي: گهڻ پاسائين شخصيت

    بهترين سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو